نئون

گڊو وٽ 4 سيپٽمبر تائين وهڪرو لڳ ڀڳ 6 لک ڪيوسڪ تائين پهچڻ جو امڪان

پنجاب جي چناب ۽ اوڀر ندي نالن مان لڳ ڀڳ 30 سيڪڙو ٻوڏ جو پاڻي سنڌو درياءَ ۾ پنجند کان هيٺ اچي سگهي ٿو. ڀارت طرفان ڇڏيل پاڻي هاڻي 90 سيڪڙو گهٽجي ويو آهي. جڏهن ته گڊو وٽ 4 سيپٽمبر تائين وهڪرو لڳ ڀڳ 6 لک ڪيوسڪ تائين پهچڻ جو امڪان آهي. هاڻي ڌيان تريمو، سڌنائي ۽ پنجند هيٺ وهڪرن تي رکڻو آهي. موجوده وهڪرن موجب تريمو: 1.26 لک، پنجند: 0.56 لک، سنڌو: 3.10 لک، گڊو: 3.66 لک گذري رھيو آهي. ائين اڳڪٿي وهڪرن ۾ تريمو 31 آگسٽ: 5.50 لک، پنجند 2 سيپٽمبر: 3.50 لک، سنڌو 2 سيپٽمبر: 2.50 لک، گڊو 4 سيپٽمبر: 6.00 لک، سکر 5 سيپٽمبر: 5.50 لک، ڪوٽڙي 10 سيپٽمبر: 3.50 لک شامل آھي. هاڻي صورتحال ڏسجي ته تريمو وٽ ڪيترو ٻوڏ جو پاڻي پهچي ٿو، ان کان پوءِ مڪمل تصوير صاف ٿيندي. ڀارت طرفان پاڻي ڇڏڻ سبب پنجاب ۾ ٻوڏ واري صورتحال برقرار آهي، ستلج ۽ چناب دريائن ۾ ٻوڏ جي صورتحال ڪالهه کان وڌيڪ خراب ٿي رهي آهي. دريائن ۾ پاڻي جو وهڪرو خطرناڪ حد تائين وڌي ويو آهي ۽ ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. موسميات کاتي موجب، برساتون بند نه ٿيون آهن، جنهن ڪري صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وئي آهي.گذريل ڏينهن کان ستلج ۽ چناب درياءَ ۾ ٻوڏ جي صورتحال لڳاتار خراب ٿيندي پئي وڃي. دريائن ۾ پاڻيءَ جي وهڪري ۾ خطرناڪ حد تائين واڌ ٿي رهي آهي ۽ ڪيترائي علائقا پاڻيءَ هيٺ اچي ويا آهن. موسميات کاتي موجب، وڌيڪ سنگين صورتحال جو خدشو آهي. ڀارتي ڊيمن مان پاڻي ڇڏڻ کانپوءِ پاڪستان ۾ قدرتي آفتن کي منهن ڏيندڙ اداري اين ڊي ايم اي ماتحت قائم ڪيل نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر پنجاب جي ٽن دريائن چناب، راوي ۽ ستلج بابت اڃان وڌيڪ ايمرجنسي الرٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر جو چوڻ آهي ته هن وقت انهن ٽنهي دريائن ۾ غير معمولي ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي چڪي آهي. ياد رهي ته پاڪستان ۾ هن سال چوماسي برساتن ۽ ٻوڏ سبب 800 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن. سيالڪوٽ ۾ اٽڪل 550 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن گذريل 11 سالن جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي. ان کانسواءِ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ به شديد وسڪاري جو سلسلو جاري رهيو.

جڏهن ته گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي وٽ به سنڌو درياءَ ۾ هيٺين درجي جي ٻوڏ اچي چڪي آهي. جڏهن ته سنڌو درياءَ ۾ تربيلا، ڪالا باغ ۽ چشمه وٽ پاڻي جي سطح هيٺانهين سطح تي آهي. جڏهن ته تونسا، گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي ۾ هيٺين درجي جي ٻوڏ آهي. سنڌو درياءَ ۾ گڊو ۽ سکر وٽ 4 ۽ 5 سيپٽمبر تي انتهائي وڏي درجي جي ٻوڏ هوندي. گذريل ڏينهن سنڌو درياءَ ۾ چاڙھ بعد نوشهروفيروز جي درٻيلو ڀرسان زمينداري بند ٽٽي پيو سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل ۽ 2 ڳوٺ ٻڏي ويا. سنڌو درياءَ جي ڪچي ۾ امڪاني ٻوڏ جي صورتحال ڪري مختيارڪار قاضي احمد پاران ڪچي ۾ رھندڙ ماڻھن کي پڪي جي محفوظ ھنڌن تي منتقل ٿيڻ جي ھدايت ڪئي وئي آهي۔ مطلب ته ڪچي جي علائقن ۾ ٻوڏ واري صورتحال آهي، پاڻيءَ جو مٽياري ايس ايم بچاءُ بند تي دٻاءُ وڌندو پيو وڃي، پر انتظاميه ڪو خاص تحرڪ ۾ نظر نه پئي اچي۔ جڏهن ته اسڪارپ ايريگيشن ھالا ڊويزن ون ۾ ٻوڏ جي صورتحال جي حوالي سان داروغا سب انجنيئر ايس ڊي او جي ميٽنگ ٿي جنھن ۾ سب انجنيئر ايس ڊي او ۽ داروغن جي ڀاڻوٺ، ھالا پراڻا، کنڊو بندن تي ايمرجنسي ڊيوٽي لڳائي وئي۔ هتي سوال اهو آهي ته اهي سب ملازم بنا مشينريءَ جي ڪيئن ڪم ڪندا۔ سکر بئراج جا ڪمزور دروازا ۽ ڪينالن جا بند خطري ۾ آهن کوٽائي جي واري بند جي مضبوط ڪرڻ بجاءِ واري وڪامجڻ لڳي آهي سنڌ ۾ ايندڙ وڏي ٻوڏ کان اڳ ئي انتظامي لاپرواهي ۽ ڪرپشن جا پردا فاش ٿيڻ لڳا آهن. ڪيترن ئي ڪينالن جا بند اڃان تائين ڪمزور آهن، جڏهن ته سکر بئراج جي کوٽائي به صحيح نموني نه ٿي سگھي آهي. حيرت انگيز انڪشاف اهو ٿيو آهي ته جتي بندن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ واري استعمال ٿيڻ گهرجي ھا، اُتي کوٽائي مان نڪتل واري کي وڪرو ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو. نتيجي ۾ بند ڪمزور رهجي ويا ۽ عوام کي تباهي جي ڪناري تي آندو ويو آهي. جڏھن ته معمولي پاڻيءَ جي دٻاءُ سان ئي سکر بئراج جا دروازا لڙهي وڃن ٿا، جيڪڏهن وڏي ٻوڏ اچي ته صورتحال ڪنٽرول کان ٻاهر ٿي سگهي ٿي. گذريل ڏينهن صوبائي وزير آبپاشي ڄام خان شورو ۽ سنڌ جي وزيراعليٰ فلڊ ڪميٽي جي رڪن، صوبائي وزير توانائي سيد ناصر حسين شاهه، سيڪريٽري آبپاشي ظريف کيڙو سان گڏجي سکر بئراج جو دورو ڪيو ۽ موجوده ٻوڏ واري صورتحال بابت انتظامن جو جائزو ورتو ۽ بعد ۾ سکر بئراج تي گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پنجاب ۾ ٻوڏ وڏي تباهي مچائي ڇڏي آهي ۽ هاڻي ان جو رخ سنڌ ڏانهن آهي، پر سنڌ حڪومت مڪمل طور تي صورتحال تي نظر رکي بيٺي آهي ۽ سڀ ضروري قدم کنيا ويا آهن، جڏهن ته بندن تي آبپاشي کاتي جا آفيسر ڊيوٽيون سرانجام ڏئي رهيا آهن۔ هن چيو ته سکر بئراج مان نو لک سٺ هزار ڪيوسڪ پاڻي گذارڻ جي صلاحيت موجود آهي، بئراج جي ڍانچي کي ڪو به خطرو ناهي ۽ حفاظتي بند مضبوط آهن. هن ٻڌايو ته چيني ماهرن بئراج جا دروازا تبديل ڪري ڇڏيا آهن ۽ ضلعي انتظاميه رليف ڪيمپ قائم ڪرڻ لاءِ تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن. البته ڪچي جا رهواسي لڏپلاڻ لاءِ تيار ناهن، ڇو ته هو صدين کان اُتي آباد آهن. ڄام خان شورو موجب هن وقت پنجند تي نظر آهي ته اُتان سنڌ ۾ ڪيترو پاڻي داخل ٿيندو۔ ڄام خان شورو چيو آهي ته سنڌ ۾ بندن جي صورتحال بهتر آهي ۽ جتي جتي درياءَ بندن کي هٽ ڪري ٿو، اتي بندن جي مرمت، پچنگ ۽ مضبوطيءَ جو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي. پاڻي جڏهن پنجند وٽ گڏ ٿيندو. تڏهن ئي اصل خبر پوندي ته گڊو بئراج وٽ ڪيترو پاڻي پهچندو. هن چيو ته قادر آباد (پنجاب) مان لڳ ڀڳ 10 لک ڪيوسڪ پاڻي اچي رهيو آهي. اڳتي اچي پاڻي جي مقدار ۾ گهٽتائي ايندي ۽ پوءِ اهو پاڻي پنجند تي پهچندو، جتي پڻ پاڻي جي مقدار ۾ ڪجهه ڪمي ايندي. ان کانپوءِ پاڻي سنڌو درياءَ ۾ داخل ٿيندو، جنهن ۾ 3 ڏينهن لڳي سگهن ٿا. جڏهن ته سيد ناصر حسين شاهه چيو ته جيڪڏهن هڪ رات ۾ ست، اَٺ لک ڪيوسڪ پاڻي اچي وڃي ته پوءِ ڪوبه ڪجهه نٿو ڪري سگهي. هن ٻڌايو ته وزيراعليٰ سنڌ نه رڳو ٻوڏ واري صورتحال بابت اعليٰ سطحي اجلاس گهرايو آهي، پر پنجاب حڪومت کي مدد جي به پيشڪش ڪئي آهي. سندس چوڻ هو ته سکر سميت سنڌ ۾ هن وقت ڪا خطرناڪ صورتحال ناهي، حالتون بهتر ۽ قابو ۾ آهن، پر احتياطي تدبير طور اڳواٽ قدم کنيا پيا وڃن ناصر حسين شاهه چيو ته ڪالا باغ ڊيم جهڙا تڪراري منصوبا بار بار زنده ڪيا وڃن ٿا ۽ سنڌ تي تنقيد ڪئي وڃي ٿي، جڏهن ته حقيقت اها آهي ته مهمند ۽ ڀاشا ڊيم تعمير هيٺ آهن ۽ انهن جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ئي پاڻي ذخيرو ڪري سگهجي ٿو.

هاڻي سوال اهو آهي ته ڇا ڪمزور بند ۽ بئراج عوام کي بچائيندا يا ڪرپشن جا راز ٻوڏ سان گڏ ٻاهر ايندا؟ ڇو ته هن وقت ھڪڙي طرف درياءَ تاروتار وهي رهيا آھن ۽ اڌ ملڪ ۾ ٻوڏ واري صورتحال آھي. ٻئي طرف ڏکڻ سنڌ جا اڪثر واھه بند پيا آھن، جنھن ڪري سنڌو درياءَ تي پاڻي جو پريشر وڌي رھيو آھي. ٿيڻ ته ائين کپي ھا جو سنڌو جي ٽنھي بئراجن تي قائم سمورا واھ کولي ڇڏجن ته جيئن ٻوڏ وارو ريلو پھچڻ کان پھرين سنڌو ۾ موجود پاڻي نيڪال ٿي وڃي ھا، پر ان جي ابتڙ واھ بند ڪري ايريگيشن کاتي پاران ھڪ ڀيرو ٻيھر ھٿرادو ٻوڏ جي تياري ڪئي وئي آهي جيڪا انتهائي ڏکوئيندڙ ڳالهه آهي.

پنجاب جي دريائن مان نڪتل تازا انگ اکر انتهائي ڳڻتي جوڳي صورتحال ظاهر ڪن ٿا. پاڪستان جي تاريخ ۾ ان کان اڳ اهڙي وڏي ٻوڏ صرف 1973 ۽ 2010 ۾ ڏٺي وئي هئي. سال 2010 دوران هيڊ پنجند وٽ پاڻي جي وهڪري جو مقدار 10 لک 85 هزار ڪيوسڪ تائين پهتو هو. هن وقت راوي ۾ لڳ ڀڳ 2.5 لک ڪيوسڪ، ستلڄ ۾ لڳ ڀڳ 3 لک ڪيوسڪ ۽ چناب ۾ 7.7 لک ڪيوسڪ پاڻي وهي رهيو آهي. ماهرن موجب جڏهن هي وڏو پاڻيءَ جو ريلو هڪ هيڊ پنجند وٽ گڏ ٿيندو ته ان جو مقدار لڳ ڀڳ 13 لک ڪيوسڪ تائين پهچڻ جو امڪان آهي، جيڪو آخرڪار سنڌ ڏانهن وڌندو. سنڌ اڳي ئي ٻوڏ سبب سوين سور کائي چڪي آهي۔ 2010 ۽ 2022ع واريون مصيبتون اڃان کانئن نه وسريون آهن۔ اڃان سنڌ جا سادڙا ماڻهو پنهنجو ڊٺل اجهو به ٻيهر اڏي نه سگهيا آهن۔ انهن مصيبتن ۾ به ايريگيشن کاتي هٿ سان بند ٽوڙايا ۽ آباديءَ مٿان عذاب نازل ڪيا۔ هن وقت به صورتحال ساڳي نظر پئي اچي ۽ ماروئڙن جو ساهه مٺ ۾ آهي۔ ماڻهن جو حڪومت تي ڪوبه اعتماد نه آهي۔ ماضيءَ وانگي هن وقت به وزير امداد جي پٺيان ۽ ايريگيشن آفيسر عيد جا جشن پيا ملهائين، ڇو ته سنڌ حڪومت پاران ايريگيشن کاتي کي بندن جي مرمت جا هڪ 1 ارب 94 ڪروڙ رپيا جاري ڪري ڇڏيا آهن، هاڻي عملدارن ۽ ٺيڪيدارن جون موجون ٿي ويون آهن، انڪري درياءَ جي بندن جي پاڻ چوڪسي ۽ چوڪيداري ڪرڻي پوندي ته جيئن پنهنجي حفاظت پاڻ ڪري سگهجي.