ڪتاب تي تبصرونئون

“رهجي ويل منظر” جو تنقيدي جائزو!

ناول “رهجي ويل منظر” طارق عالم ابڙي جو سنڌ يونيورسٽيءَ جي پسمنظر تي 1984ع ۾ لکيل آهي، جنھن جو مھاڳ عبدالقادر جوڻيجي صاحب لکيو آهي. هن ناول جو سنڌي ادب ۾ وڏو نالو آهي. ادب، ڪنھن به سماج جي آرسي(Miror)  هوندو آهي. ادب جو مجموعي مقصد ۽ مطلب انساني حقيقتن کي پُراسراريت کان نرواريت تائين آڻڻ آهي! اندر جي اڌمن کي اُچارڻ ئي حقيقي ادب جو ڏيک آهي، جنھن سماج ۾ ماڻھو پنھنجي اندر جي وڍ کي پنھنجي ئي گھر ۾ اظھاري نه سگھي ته اتي هڪ اديب ادب جي واٽ وٺي اهڙي شخص/سماج جون لڪيل ڇپيل ڳالھيون پيش ڪري سگھي ٿو ۽ اُها ئي ادب جي اصل ڪمائي هوندي آهي.

ادب ڪنھن رجعت پرست، دقيانوسي ۽ ڪٽر پڻي واري زندگيءَ تي تنقيد آهي، پر جڏهن ادب خود ئي ان پئماني تي پورو نٿو لھي ته پوءِ پاڻ به تنقيد جو نشانو بڻجي وڃي ٿو.

مارڪس چيو: جيڪڏهن ادب سرمائيداري نظام کي بھتر ڪري ڇڏي ۽ پرولتارين کي نظر انداز ڪري ته پوءِ اهو ادب انسانيت جو استحصال آهي. ڇو ته ان ادب سان اڪثريت وٽ ويڳاڻپAlienation  وڌي ويندي آهي ۽ پورهيت طبقو ان کي قدرتي ڪارنامو سمجھي قبول ڪندو آهي… وري اهڙي ادب تي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي اڳواڻ ٽراٽسڪيءَ 1924ع ۾ “لٽريچر اينڊ ريووليوشن” نالي مقالي ۾ لکيو: پارٽي ڪيترن ئي معاملن ۾ اڳواڻي ڪري سگھي ٿي، پر سڀني معاملن ۾ نه. اهو ضروري ناهي ته ادبي مواد صرف انقلابي هُجي ۽ ضروري ناهي ته سڀني شاعرن کي مجبور ڪجي ته هُو فيڪٽريءَ جي مزدورن کان نڪري ٻين حُسناڪين تي نه لکن…! مطلب ضروري ناهي ته ادب فقط هڪ گِروھ لاءِ لکجي. البته ادب سماجي ضرورت جي موجب لکجي! اهڙي طرح لينن وري گورڪي جي “ماءُ” ناول جي تعريف ڪندي چيو: گورڪي جو ناول انقلاب جو حصو آهي! هاڻ سوچڻ گهرجي ته هڪ ناول جي تعريف تاريخ جي وڏي انقلابي ڪيئن ڪئي! ظاهري ڳالھ آھي ته عوام کي پسند آيو ۽ هڪ عوامي ليڊر کي عوامي ادب جي تعريف ته ڪرڻ گھرجي. ايئن ئي ڪامريڊ مائو چيو: عوامي ادب ئي عوام ۾ مقبوليت ماڻي سگھي ٿو.

پنھنجي سنڌي سماج بابت دعويٰ سان چئي سگهجي ٿو ته پڙهندڙ فقط ئي هيٺيون طبقو آهي. تنھنڪري اديب کي گُھرجي ته پنھنجي پڙهندڙن کي انھن جي حالت پٽاندر ادب مھيا ڪري ته اهو ادب وڌيڪ مفيد ثابت ٿيندو.

انتونيو گرامچي تسلط(Hegemony)  جي ٿيوري ڏيندي چيو: بورزوا طبقو پرولتاري طبقي کي اهڙين شين سان ميلاپ ڪرائي ٿو، جنھن جي پٺيان لڳي پرولتاري طبقو پنھنجي اصل مقصد کان ڌيان هٽائي ڇڏي ٿو ۽ بورزوا کي پنھنجي تسلط قائم ڪرڻ جو خوب موقعو فراھم ڪري ٿو. اهو سڀ ڪجھ بورزوا طبقي وارا گھڻي ڀاڱي ادب، فن، آرٽ ۽ ثقافتي روايتن جي ذريعي پيش ڪن ٿا. مون ھي ناول 2019 ۾ پھريون ڀيرو پڙهيو هو. ان وقت مون کي عام پڙهندڙن جيان (خاص تنقيدي شعور نه هئڻ سبب) ڏاڍو متاثر ڪيو هئائين!، پر هاڻي جڏهن هڪ دفعو ٻيھر پڙهيم ته ناول جي ڪمزور پاسن مون کي تنقيد ڪرڻ تي مجبور ڪيو!

تنقيد دُرستگيءَ جو ٻيو نالو آهي. تنھنڪري تنقيد ڪرڻ کان پھرين سوچجي ته هي ڳالھيون جيڪي مون کي اڻپوريون يا غلط لڳن ٿيون، سي ڪيئن درست ٿيڻ گھرجن ۽ ليکڪ جيڪي ڳالھيون لکيون آهن. اُهي هڪٻئي سان ڪيتري تواتر ۾ آهن. جيڪڏهن ڳالھ، ڳالھ جي تسلسل کي ڪٽي ڇڏي ته اها ڳالھ پڙهندڙ جي ذهن ۾ ڄڻ سمنڊ ۾ ھڪ ڦڙي جي ڪرڻ جي برابر ثابت ٿيندو آهي…

هن ناول ۾ پُنھون راوي به آهي ته مُک ڪردار به آهي. سنجھا ٻيو مُک ڪردار آهي ۽ صبا جو ڪردار به اھم آهي. ان کان علاوه کوڙ سارا ٻيا مددي ڪردار پڻ آهن. دراصل ڪردارن جا گھڻا نالا ڏيڻ ڪنھن به ناول جا تنگ(Boring)  حصا هوندا آهن. اُهو مان پنھنجي ذاتي تجربي جي آڌار تي چوان ٿو. ان ڏس ۾ اوھان ناروين(Norwegian)  ناولن کي پڙھي سگھو ٿا، جن مان اوهان کي پتو پوندو ته واقعي بي نام ڪردار ڪيڏا نه سُھڻا هوندا آهن.

هن ناول ۾ مددي ڪردار آهن: ٽيلي اسٽار، اشفاق، شبنم، نصير، ظهير، نارد مُني، پَپُو، علي، شُهاب، گوتم، وفا، چمپا ۽ رابيلا وغيره وغيره. هيترن نالن سان پڙهندڙ سڄي ناول ۾ منجھيل رهي ٿو. مثال: پُنھون ڪراچي وڃي ٿو، اُتي مختلف دوستن ڏي گُھمي ٿو ۽ خبر ئي نٿي پئي ته ڪھڙو دوست ڪھڙي ڪردار جو مالڪ آهي ۽ ڪھڙي گھر ۾ ۽ ڪيئن ڪنھن سان رهي ٿو، پتو ئي نٿو پوي. ايئن ئي ڪراچيءَ جا سفر سڄي ناول ۾ مُنجهيل رهن ٿا. تنھنڪري ڪردار ڀل هُجن، پر جيڪي ڪردار ناول جي مرڪزي ڪردارن سان نٿا جُڙن ته انھن کي گُمنام رکڻ گھرجي ته بھتر رھندو.

خير، پاڻ هاڻ ناول جي فَني، ٽائيم پيرڊ، مُکيه ڪردارن جي ڪردار تي ۽ سڄي ساري ناول تي ڳالهائينداسين. ڪجھ چوڻ کان پھرين اُهو چوڻ لازمي سمجھان ٿو ته هن ناول ۾ خوبصورت تشبيھون، خوبصورت استعارا، خوبصورت منظر نگاري، خوبصورت ڊائلاگ، خوبصورت چوَڻيون، خوبصورت ڳالھيون، خوبصورت انداز سان خوبصورت عشق، وفا، درد، دک، گهاءُ، جدائي، وڇوڙو ۽ پيار بيان ٿيل آهي، پر انھن سان گڏوگڏ ناول ۾ خوبصورت کوٽ به آهي! غير منطقي ڳالھيون به آهن. خوبصورت ڪوڙ ۽ خوبصورت نموني سنڌي سماج کي موجوده دور جي يورپي سماج وانگر پيش ڪرڻ جي ڪوشش به ٿيل آهي، اُهو ناول جو منفي حصو آهي. ڇو ته پاڻ وٽ سماج هُجي ڏتڙيل ۽ هيسيل، پر اسين ان کي پيش ڪيون اعليٰ کان عاليشان ته اهو ناانصافي ۾ شمار ٿيندو. هن ليک جي ذريعي مان ان شيءِ کي صفحن جا نمبر ڏيئي اوهان جي اڳيان پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس.

جيئن ته ليکڪ پنھنجي ناول جي مُک ڪردار کي صفحي نمبر 09 تي ٻن پينٽس ۽ چئن شرٽس جو مالڪ ظاھر ڪيو آهي، پر هُو ايئن چئي ٿو. ڄڻ ان وقت فقط اهي شيون هئس ۽ بعد ۾ ڪو امير ٿي ويو آهي. جيتوڻيڪ ناول جي آخر تائين يعني ٽي/چار سال گذرڻ جي باوجود به پُنھون جون حالتون ساڳيون ئي رهن ٿيون ته پوءِ اهو چوڻ ته: “(تون) ان زماني ۾ نظر آئي هُئينءَ جنھن وقت مون وٽ ٻه پينٽس ۽ چار شرٽس هيون.” درست ڪونه ٿو لڳي! جيتوڻيڪ ناول زمان ماضي ۾ لکيل آهي. يعني يادگيريون سنڀاليل آهن ته پوءِ يادگيرين ۾ به اِهو چوڻ ٺيڪ نٿو لڳي. ڇو ته هُو جنھن وقت يادگيريون لکي ٿو، ان وقت به سندس حالتون خراب آهن.

ساڳئي صفحي تي نصير جيڪو مددي ڪردار آهي، سنجھا کي ڏسي چئي ٿو: “هي اُها ئي اٿئي جنھن جو مون توسان ذڪر ڪيو هو.” نصير جو سنجھا بابت پنھونءَ سان ذڪر اڳتي ڪٿي به نٿو ملي ۽ نه وري پُنھون پنھنجي يادگيرين ۾ يا سنجھا سان ميل ملاقات ڪرڻ کانپوءِ چئي ٿو ته تنھنجو ذڪر مون سان نصير ڪيو هو ۽ سوال اِهو به آهي ته نصير سنجھا کي ڪيئن سُڃاڻيندو هو؟ جيتوڻيڪ سنجھا ته يونيورسٽي ۾ به نئين آئي آهي!

صفحي نمبر ڏھ تي سنجھا پُنھونءَ کي پھرين ملاقات ۾ چئي ٿي. “مان توکان وڏي آهيان ۽ ان جو مطلب ته مان توکي مار ڏئي سگھان ٿي.” ياد رهي ته هر شخص ۾ ۽ خصوصن ڇوڪرين ۾ فطرتي طور اها عادت سمايل آهي ته هُوءَ پنھنجي عمر کي گھٽ پيش ڪرڻ پسند ڪنديون آهن. جيڪڏهن اسٽائلش ڇوڪري هُجي ته ان تي قسم به کڻي ويندي ۽ ان کان وڌيڪ اِها ڳالھ آھي ته هڪ اڻ سُڃاڻ ۽ يونيورسٽيءَ ۾ جونيئر ڇوڪري، هڪ ٻئي ڊپارٽمينٽ جي ڇوڪري کي ڪيئن ٿي چئي سگھي ته مان توکي مار ڏئي سگھان ٿي، سو به 1983ع ۾ سنڌي سماج اندر اِها حيران ڪندڙ ڳالھ آھي!

صفحي نمبر يارهن تي پھرين ملاقات ۾ سنجھا پنهنجون تصويرون اڻ ڏٺل پنھونءَ کي ڏئي ڇڏي ٿي. پھرين ملاقات ۾ ڪا ڇوڪري پنھنجي تصوير ڏئي ڇڏي! جيڪو اڄ ڪلھ آمريڪا ۾ شايد ممڪن هُجي باقي سنڌ ۾ ته گھٽ ۾ گھٽ مھينو قرآن جا قسم کڻي کيس پورو يقين ڏيارڻ کانپوءِ حاصل ڪري سگھجن ٿيون يا 1983ع ۾ مرحوم طارق عالم جھڙو ليکڪ پنھنجي ڪردار پنھونءَ کي ڪنھن ڇوڪريءَ جون کوڙ ساريون تصويرون “رهجي ويل منظر” ۾ وٺي ڏيئي سگھي ٿو. باقي عام زندگيءَ ۾ ان وقت شايد ڇوڪريون تصوير گهرڻ تي پوليس اسٽيشن به وينديون هونديون.

مان سمجھان ٿو، جيڪڏهن ڪوبه ناول سنڌي عوام لاءِ لکجي ٿو ته پوءِ ان ۾ سنڌي عوام کي نظر ۾ رکي لکڻ گھرجي. يقينن اهو ناول عوامي ناول بڻجي ويندو. باقي سماج اسان وٽ هُجي ڪشموري ٻروچن جو غيرت وارو ۽ اسين ان کي پيش ڪريون انڊيا يا ڪنھن ٻئي سيڪيولر رياست وانگر ته مزو نه رهندو.

صفحي نمبر ٻارهن تي لکيل آهي: “(جڏهن نصير ۽ پُنھون کيس اسٽاپ تائين ڇڏڻ هليا ته) سنجھا چيو گانو ٻڌايائين… پوءِ گانو ڳائڻ لڳي.” جيڪڏهن هن ڳالھ کي صفحي نمبر يارهن جي ڳالھ “تون انٽيليڪچوئل ڇوڪري آهين” سان جوڙيون ته ايئن لڳندو سنجھا انٽيليڪچوئل گھٽ ڇڙواڳ گھڻي ٿي لڳي. ڪابه انٽيليڪچوئل ڇوڪري ٻن اوپرن ڇوڪرن سان اسٽاپ ڏانھن ويندي گانا ته ڇا، پر زور سان کِلڻ ۽ ڳالهائڻ به پسند نه ڪندي. جيڪر ايئن ناهي ته پوءِ مان اڃان “انٽيليڪچوئل” لفظ جي وصف کان اڻ واقف آھيان!

صفحي نمبر تيرهن تي سنجھا ۽ پنھونءَ جي ٻي ملاقات لکيل آهي. ٻي ملاقات ۾ سنجھا پنھنجو هٿ پنھونءَ جي هٿ ۾ ٿي ڏي. (رومينٽڪ سين ته آهي ان ۾ مون کي به سرور ملي ٿو، پر ناول جي خوبصورتيءَ کي جيڪو مروڙي ڇڏي ٿو، ان جو ڏک ٿئي ٿو.) هٿ ڏسڻ کان بغير پُنھون هٿن جي لڪيرن کي ڪوڙ قرار ڏئي ٿو ته سنجھا ڪاوڙجي وڃي ٿي ۽ چئي ٿي “مون چيو نه مون کي ڪير به سمجھي نٿو سگھي.” مان چوان ٿو ايترو جلدي ڪير ڪنھن کي سمجھي سگھي ٿو! پر ڪجھ ٻڌائڻ کانپوءِ ممڪن ٿي سگھي ٿو. باقي ايئن ٿوري ڳالھ تي ڪنھن اجنبي ماڻھوءَ سان ڪاوڙ ڪرڻ ناول جو ڪمزور پڻو آهي.

صفحي نمبر چوڏهن تي پنھون سئو جي اسپيڊ ۾ عشق جو سفر طئي ڪري جلدي جلديءَ ۾ بنا پروپوز ڪرڻ جي هڪ انٽيليڪچوئل ڇوڪريءَ کي چئي ٿو “مان تولاءِ سڀ ڪجھ ڪري سگھان ٿو، سواءِ آڪاش مان تارا ٽوڙي آڻي ڏيڻ جي!” ناول ۾ ڪابه ڳالھ گرائونڊ ٺاهي ادا نه ٿيل آھي! ناول ۾ جيڪي ڪردار اچن ٿا، اُهي به بنا تعارف جي ايئن ناول ۾ مداخلت ڪن ٿا، ڄڻ هنن جو پھريان وڏو ڪو ذڪر ٿيل آهي. ايئن ئي ڳالھيون به بنا گرائونڊ جي ادا ڪيون ويون آھن. اڳتي چئي ٿو “تنهنجي ڪري سڄي دنيا سان وڙهي سگھان ٿو” بعد ۾ جڏهن سنجھا سندس چيچ ڇڏائي ظهير سان لاڳاپا رکي ٿي ته ان وقت دنيا سان وڙهڻ بجاءِ “فراگر” گيم کيڏي ڏيڏر کي ٽريفڪ کان ڪراس ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. لڳي ٿو پنھون به ڊاڙ هڻندڙ عاشقن منجھان هو.

صفحي نمبر پندرهن تي جڏهن “پنھونءَ سنجھا جو هٿ چُميو ته سنجھا جا عاشق جنھن کي سنجھا ادا چوندي هئي. (يونيورسٽيءَ جا ادا حقيقي ادا ناهن هوندا ليکڪ اُها وضاحت ناول ۾ اڳ ئي ڪري ڇڏي آھي) سڀئي هڪ جاءِ تي بيٺا هئا.” اُلميو اِهو آهي ته ليکڪ صفحي نمبر يارهن تي سنجھا کي ايڏو سيڪسي ۽ خوبصورت ته بيان ئي نه ڪيو آهي. ان جي باوجود به سڀئي هن تي عاشق هئا، اهو ڪيئن؟ خير، “پنھون جڏھن سنجھا جو هٿ چمي ٿو ته سڀئي ادا ڪاوڙجي وڃن ٿا.”

ھاڻي رڳو مان نٿو چوان، پر هر پڙهندڙ چوندو ته سڀئي ادا هڪ ئي وقت ڪيئن گڏ ٿيا، اهو ته فلمي سين ٿي سگهي ٿو. پروڊيوسر پھريان سڀئي عاشق گڏ ڪيا هوندا. پوءِ سنجھا کي وچ ۾ بيهاري پُنھون کي چيائين هاڻ اچي سندس هٿ کي چُمي ڏي.

ملڻ، هٿ چمڻ، گيت ٻڌائڻ، ڪاوڙجڻ ۽ رُسڻ پرچڻ کانپوءِ صفحي نمبر سترهن تي سنجھا پڇيس ٿي: “تنھنجي شادي ٿيل آهي؟” هن سوال مون کي حيران ڪري ڇڏيو آهي، جيڪي ڳالھيون پھريان ڪرڻ گُهرجن، ليکڪ اُهي بعد ۾ ڪيون آهن ۽ جيڪي بعد ۾ ڪرڻ گھرجن اهي پھريان ڪيون اٿس.

صفحي نمبر ارڙهن تي ڪرڪيٽ راند جي دوران سنجھا پنھونءَ جي وڏي ڀاءُ کي گاريون ڏنيون ۽ گھر پُهچڻ تي سندس وڏي ڀاءُ چيو “هُن توکي گاريون پئي بڪيون.” سنجھا پنھونءَ جي وڏي ڀاءُ کي ڪيئن سُڃاڻين پئي ۽ هن جي وڏي ڀاءُ سنجھا کي ڪيئن سُڃاتو! ۽ ڪجھ ئي ڏينهن جي ڳانڍاپي کي ايڏو تڪڙ ۾ اڳتي وڌائڻ بابت ڪنھن کي به سمجھ ۾ نٿو اچي. جيئن مون پھرين ئي چيو آهي ته ڳالهيون ڪرڻ کان پھرين ڪوبه گرائونڊ ناهي ٺھيل. ايئن ئي هيءَ ڳالھ به اوچتي گُهٽ هڻڻ آهي. ساڳئي صفحي تي نصير به اچي ٻڌائي ٿو “هُن توکي گاريون پئي بڪيون.” ٻنھي جي ڳالھ به هڪ ته انداز به هڪ، جيڪو تمام عجيب لڳي ٿو.

صفحي نمبر اوڻيھ تي پنھونءَ کي سنجھا جو پيغام ملي ٿو ۽ پيغام آڻيندڙ ڪير آهي؟ ڪو نالو ئي ناهي ڏنل، ڪنھن جو ذڪر ئي ناهي ٿيل ۽ نه وري ايئن چيل آهي ته ڪو آيو هو جنھن چيو: وغيره وغيره..! هيڏي وڏي ڳالھ بنا ڪنھن جي چوڻ جي ليکڪ ڪوٽ ڪري ڇڏي آهي!

صفحي نمبر ايڪيهين تي پُنھون جيڪو هاسٽلر نه هجڻ جي باوجود به هاسٽل تي وڃي ان ڇوڪري جي روم کي ڳولي لهي ٿو، جيڪو سنجھا سان انگلش ڊپارٽمينٽ جي ٺُلھ کي ٽيڪ ڏئي بيٺو هو. ان ڇوڪري جو ڪيئن پڇيائين؟ پنھونءَ کي ته ڇوڪري جي نالي جي به خبر ناهي ۽ پنھون کي ڪيئن خبر پئي ته ڇوڪرو هاسٽلر آهي. ان بابت ڪجھ ته خيال پيش ڪرڻ گُھرجي ها. سنجھا جي ڪردار تي ڪيڏي ڪاوڙ ٿي اچي ته هُوءَ ڪيئن نه ٻين ڊپارٽمينٽن ڏانھن وڃي، ٻين ڇوڪرن سان بي کُٽڪو ٿي ملي ٿي. اهڙي ڪردار تي رحم ڪيئن ڪجي يا اهڙي ڪردار سان اهڙي محبت ڪيئن ڪجي جنھن لاءِ پُنھون صفحي نمبر ٻاويھ تي چئي ٿو: “ڪنھن جي ڇڏي وڃڻ سان ڪير مري ناهي ويندو، پر وسارڻ لاءِ ڪي ڏينھن، ڪي مھينا، ڪي سال، عذاب ڀوڳڻو پوندو آهي.” صحيح آهي، ڀل ڀوڳڻو پئي، پر هڪ اهڙي ڇوڪريءَ لاءِ ڪيئن ٿو چئي سگھجي. جنھن سان ڪجھ ڏينھن پھريان ملاقات ٿي هُجي! ليکڪ يا ته هڪ الڳ طرز جو ناول پيش ڪرڻ چاهيو يا وري هٿ سان اِهي خال ڇڏي آيو آهي. نه ته ڪير ايتري وقت ۾ ڪنھن کي ايئن چئي سگهي ٿو.

صفحي نمبر ٽيويھ تي چئي ٿو: “تون ته ٻن جملن ۾ سڀئي رشتا ناتا ٽوڙي منھن موڙي فيڪلٽيءَ جي ڪاريڊور ۾ غائب ٿي وئي هئينءَ.” مان چوان ٿو رشتا ڪھڙا؟ اسان کي ته ايستائين فقط ڪجھ اهڙيون ڳالھيون ڏسڻ ۾ آيون. جو اوهان هڪ ٻي سان قسمتي ملي، هلڪي ڦُلڪي ڪاوڙ جو اظهار ڪري، هڪ ٻي جي بابت ڏک جون ڳالھيون ڪري، وري صدمي ۾ هليا وڃو ٿا. اڃان ته نه پيار جو اظهار ٿيو ۽ نه وري پيار جون ڳالهيون ٿيون. اڳ ۾ ئي رشتا ناتا ٽُٽا ته اهي رشتا ڪھڙا هئا؟

ساڳي رشتن واري ڳالھ ڪرڻ کانپوءِ هُو پاڻھي چئي ٿو: “پوءِ ڪنھن اجنبيءَ جي پُڇا ڇا لاءِ…؟” مان به هت ساڳي ڳالھ دُهرائيندس ته پوءِ هڪ اجنبيءَ سان رشتا ناتا ڪھڙا، جيڪي هُوءَ ٻن جملن ۾ ٽوڙي مروڙي وئي آهي ۽ رشتن جي ڳالھ ڪرڻ کانپوءِ ترت اجنبي بڻجڻ جي ڳالھ ڪيترا سوال پيدا ڪيا ۽ ڪيڏو ناول کي ڪمزور ڪيو آهي؟

صفحي نمبر پنجويھ تي پُراڻيون ڳالھيون ايئن ٿا ڪن ڄڻ ڪلھ ٿيون آهن. هٿ چُمڻ واري ڳالھ کانپوءِ الائي ڪيترا ڀيرا رُسيا ۽ پرچيا هئا. جيتوڻيڪ هڪ ڀيري ڪاوڙ مان پنھونءَ يونيورسٽي اچڻ به ڇڏي ڏنو هو. ان سڀني ڳالھين کانپوءِ ان پُراڻي ڳالھ جو ذڪر ڪرڻ تمام فضول لڳي ٿو.

صفحي نمبر ستاويھ تي سنجھا پنهنجي ڪاليجي يار جي ڳالھ ڪندي چيو: “مون هن کي اڄ ايندي ڏٺو آهي.” ان کانپوءِ هن جون اکيون ڀرجي آيون ته پُنھونءَ چيو مون کي ھن سان ڏاڍو ساڙ محسوس ٿئي ٿو ۽ انھيءَ جملي کي جاري رکندي چئي ٿو: “ڪڏهن جيڪر هو ملي ويو مون کي ته مان هن جا اُهي چپ ضرور چمندس.” هاڻ حيرانگي آهي ته هڪ پاسي ريس ته ٻئي پاسي ايڏي محبت ۽ پاٻوھ ڇو؟ ٺيڪ آهي، هن سنجھا جا ڪُنوارا چپ چميا هئا ته پوءِ ريس جي ڳالھ ڇو؟ هڪ ئي جاءِ تي محبت ۽ نفرت سمجھ ۾ نٿو اچي!

صفحي نمبر پنجٽيھ تي ٻنھي کي هڪ سال مڪمل ٿي وڃي ٿو. انھيءَ صفحي تي ڪجھ ڪردار ڪٽجي وڃن ٿا ۽ صبا انھن ڪردارن جي جاءِ والاري ٿي. صبا جي ايئن اوچتي انٽري هڻڻ، کن پل لاءِ حيران ڪيو آهي، پر اڳتي هلي صبا جي وضاحت ملي ٿي.

صفحي نمبر ستٽيھ تي صبا جو نالو پريويسPrevious  جي شاگردن ۾ يعني ٿرڊ ايئر ۾ آيو. هڪڙي ڳالھ مون کي سمجھ ۾ نه آئي ته صبا جو “تعارف” لسٽ تي نالو اچڻ سان ڇو ٿيو آهي؟ ڪردار نئين سال جي شاگردن جي لسٽن کي ڇو جاچيندو رهيو؟ اڪثر ماڻهو يا ته ڪنھن رشتيدار، دوست جي نالي کي ڳولھڻ لاءِ جاچيندو آهي يا وري ڇوڪرين جي لالچ ۾! ته هن سال ڪهڙيون ڇوڪريون اچن ٿيون؟ مان سمجھان ٿو. پنھون ڇوڪرين جي ڳولھا ڪندي لسٽ چيڪ ڪئي. ڇو ته صبا حميد فخري هڪ ڇوڪريءَ جو نالو آهي ۽ اهوئي نالو پري کان نظر آيس.

هڪ ٻي ڳالھ هن سان جوڙيندو هلان ته صبا ته پنھون ۽ سنجھا کان هڪ سال اڳتي هُئي. پوءِ اڳتي سڄي ناول ۾ صبا جي هڪ سال پھريان الوداعي ته ظاهر ڪانه ٿي آهي. صبا ته آخري ڏينهن تائين ساڻس گڏ رهي آهي! اهڙيون ڳالھيون ناول ۾ کوڙ ساريون آهن، جنھن کي ليکڪ بي ڌيانيءَ ۾ اڳتي پوئتي ڪري ويو آهي.

صفحي نمبر چاليھ تي صبا چئي ٿي. اسين ٽي ڀيڻون آهيون. ٻن گريجوئيٽ مڪمل ڪئي ۽ مان ڪري رهي آهيان. اتي ئي وري چئي ٿي. اسان جو هڪ ڀاءُ آهي، جيڪو مئٽرڪ پڙهيل آهي، پر اهو اسان کي نه سهندو آهي. مطلب اسان جي پڙهڻ تي اعتراض ڪري ٿو… مان چوان ٿو هڪ اهڙي گھر ۾ ڪنڌڪوٽي ڇوڪرو ڪيئن پيدا ٿي سگھي ٿو!؟ جنھن گهر ۾ والدين به پڙهيل هجن ۽ ٽي ڀيڻون به گريجوئيٽ هجن!؟ اُتي اهڙو ڇوڪرو ڪيئن اهڙي تربيت حاصل ڪري سگھي ٿو. ليکڪ کي ان ڇوڪري کي يا ته ذھني مريض ڄاڻائڻ گهرجي ها يا وري ڪنھن دوست جي چرچ تي چريو بڻائڻ گھرجي ها. باقي ايئن ته ڳالھ نٿي ٺھي ته گھر جا سڀئي ڀاتي سُٺي سوچ رکن ۽ هڪڙو صفا جهنگلي سوچ رکي.

صفحي نمبر ايڪيتاليھ تي سنجھا جي خوف کان صبا پُنھونءَ کي ادا چيو. ادا چوڻ کانپوءِ سنجھا بي اوني يعني دلجاءِ ڪرڻ لڳي ته هاڻ پنھونءَ ۽ صبا جي وچ ۾ رومانوي رشتو قائم نٿو ٿي سگھي. اهو ته غلط خيال آهي! ڇو ته ماضيءَ ۾ سنجھا پاڻ الائي ڪيترن يارن کي ادا چوندي هئي. سنجھا جھڙي ڇوڪري ڪنھن جي ادا ادي چوڻ تي ڪيئن ٿي يقين ڪري سگھي. اهڙي ڳالھ ڪرڻ تي يا ته ليکڪ جي ياداشت جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته ليکڪ جي يادگيري ڪمزور آهي يا وري ناول لکڻ ۾ خال ڏئي ويو آهي. اهو هيئن ته ناول جو ڪجھ حصو ڪجھ وقت پھريان لکيائين ۽ بعد ۾ وري پويان حصا لکيائين. ڇاڪاڻ جو هڪ شخص ايئن نٿو ڪري سگھي ته پھريان پاڻ ايئن اٽڪلون ڪري ۽ بعد ۾ ڪنھن ٻئي جي اٽڪلن تي اکيون ٻوٽي ڀروسو ڪري.

صفحي نمبر پنجيتاليھ تي صبا پنھنجي ماءُ جو قصو ٻڌائي ٿي ته هُوءَ اڻ پڙهيل هُئي ۽ بابا پنھنجي پرسنل سيڪريٽري کي چيو. هُو امي کي پڙهائي. تنھن کانپوءِ هُوءَ سيڪريٽريءَ وٽان بي اي يعني چوڏهن سالن جي تعليم پوري ڪري وئي. تنھن کانپوءِ صبا جي پيءُ کي سيڪريٽري تي شڪ ٿيو ۽ شڪ موجب سيڪريٽري کي فارغ ڪيائين. سيڪريٽري جي وڃڻ کانپوءِ سال کن زال مڙس جي وچ ۾ جھيڙو هليو. تنھن کانپوءِ صبا جي امي گھر ڇڏي وئي ۽ ڇھن مھينن کانپوءِ خط موڪليائين ته هن سيڪريٽريءَ سان شادي ڪري ڇڏي آهي. هاڻ سوال اهو اٿي ٿو ته شادي ڪرڻ کانپوءِ ٽئين ڌيءَ هڪ پٽ ڄڻيائين ۽ سال سوا جھيڙو هليو ۽ ڇھ مھينا گھر ڇڏيائين تنھن کانپوءِ ڇا عمر بچيس جو وڃي شادي ڪيائين؟ خير، شادي ڪيائين ته مسئلو ناهي. خط ڇو موڪليائين؟ هڪڙي ٻي ڳالھ جيڪا هن ڳالھ سان نٿي ٺھي، اُها هيءَ آهي ته صبا هيءَ ڳالھ شڪ کي بُرو ثابت ڪرڻ لاءِ ڪئي آهي. هتي سندس ماءُ جو سيڪريٽريءَ سان شادي ڪرڻ واري معاملي ته شڪ کي پڪ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. يعني پيءُ جو شڪ صحيح ثابت ٿيو.

صفحي نمبر سٺ تي ليکڪ ناول ۾ تضاد پيدا ڪرڻ لاءِ پنھونءَ ۽ صبا کي هڪ ئي وقت ڪراچي موڪليو ۽ وري واپسي به ٻنهي جي هڪ ئي ڏينھن لکيائين! ۽ لکي ٿو. اهو اتفاق آهي! يار اهڙو اتفاق ڪيئن ٿو ٿي سگھي؟ ٻه شڪي ماڻھو، هڪ ئي شھر ڏانھن، هڪ ئي وقت ۾ وڃن ۽ وري ڪجھ ڏينھن اُتي گذاري، هڪ ئي وقت ۾ واپس اچن! صفا کلڻ جھڙي ڳالھ آھي.

صفحو نمبر 69 تي صبا چئي ٿي: “شادي هڪ سان ڪجي ۽ رومانس ڪنھن ٻي سان!” هت ته اهڙو ڪو سماج ڪونھي، جتي شادي واري سان رومانس نه ڪجي. سنڌي سماج ۾ ته شادي شده سان ڪير هٿ ملائڻ لاءِ به تيار ڪونھي!

صفحي نمبر ستاسي تي صبا ۽ پنھون ڪراچيءَ ۾ رولاڪيون ڪرڻ کانپوءِ هڪ اهڙي دوست جي جڳھ تي آيا جيڪو پاڻ اتي موجود نه هو. هنن ان جي غير موجودگيءَ ۾ ڪجھ وقت گذاريو ۽ اوچتو گھر جو مالڪ به اچي ويو، جنھن جي هٿن جا زيتون کائڻ کانپوءِ نه هيلو، نه هاءِ، بس اٿي روانا ٿيا. اهڙي سين کي پڙهي مون کي ناول جو ڏاڍو ڏک ٿيو ته آخر اهڙي ناول کي جنهن کي تمام گهڻو پڙهيو ويو آهي، پر ڪيترين اهم ڳالھين کي اڄ تائين ڇو نظر انداز ڪيو ويو آهي.

صفحي نمبر هڪ سئو اٺ تي پنھون چئي ٿو: “محبتن ۾ يا شديد پيار ڪرڻ گھرجي يا نفرت، شادي هر گز نه!” حيرانگي آهي ته پُنھون پاڻ الائي ڪيترا ڀيرا سنجھا کي هنيانءُ ڦاڙي چوندو رهيو ته مون کي توسان بي انتھا محبت آهي. مان توکان بغير نه رهي سگهندس ۽ صفحي نمبر هڪ سئو ستاويھ تي واضح چئي ٿو ته “مون کي زندگي توسان گذارڻي هئي، صبا سان نه” پنھنجي گھر ۾ توڙي دوستن تائين اهو مشھور ڪيو هئائين ته مون ۽ سنجھا هڪ ٻئي سان شادي ڪري ڇڏي آهي. آخر تائين شادي ڪرڻ لاءِ تڙپندو رهيو، پر ھي ڳالھ ڪري پڙهندڙن کي حيران ڪري ڇڏيائين. هن مان اِھو ظاهر ٿو ٿئي ته يا ته پنھون سنجھا سان محبت نه ڪندو هو، جي محبت ڪندو به هو ته پوءِ شادي لاءِ زور ڀرڻ واري ڳالھ پنھون جي چوڻ موجب غلط آهي!

هڪ سئو ستٽيھ صفحي تي هڪڙو جملو لکيل آهي ته “سنجھا ۽ مون ۾ ڪوبه ته فرق ناهي…؟” پر جتي “ڪوبه” لڳي ته اتي ناهي جي جاءِ تي “ڪونھي” لڳي ته جملو وڌيڪ سھڻو ٿيندو. جيئن “سنجھا ۽ مون ۾ ڪوبه ته فرق ڪونھي…؟”

هڪ سئو ايڪيتاليھ صفحي تي پنھون چئي ٿو. مان ٽياسي (83) لکڻ تي گهٻرائجي ويندو آهيان ته ٽي اڳيان ايندو يا پويان! جيتوڻيڪ ناول ۾ ساڳيو ئي انگ ٽي ڀيرا پنھونءَ کان لکرايو ويو آهي. سو به درست ۽ ٺيڪ نموني. اهڙيون ڳالهيون جيڪڏهن ناولن ۾ ڪجن ته انھن تي تمام گھڻو غور ڪجي. ڇو ته اِهي غور طلب ڳالھيون هونديون آهن.

رابيلا جيڪا پنھونءَ جي ڀائٽي آهي. اُها سنجھا جي وڇوڙي کانپوءِ پنھونءَ کان بار بار پڇي ٿي. هڪڙو جملو اوهان جي نظر ڪجي ٿو: “پنھون…؟ پنھون…؟ ڪڏهن ايندي چاچي سنجھا، ڪڏهن ايندي؟” ايئن ٻه ٽي ڀيرا چئي ٿي، پر ڪٿي به پنهونءَ کي چاچا نٿي چوي. سنجھا کي چاچي چئي ٿي ته اُتي پنھونءَ کي چاچو چوڻ ته اڃان آسان آهي. ڇو ته چاچيءَ جو اصطلاح اڳ ۾ ئي ذهن ۾ موجود اٿس، پر ايئن نٿي ڪري. ان تي پڙهندڙ جي سوچ ڇڪجي وڃي ٿي ته هتي پنھونءَ کي چاچا پنھون چوڻ گھرجي ها.

آخر ۾ صبا ڪراچيءَ ۾، يونيورسٽيءَ ۾، روڊن تي، رستن تي، گھر ۾، هوٽلن تي سنجھا بابت جيڪي ڳالھيون ٻڌايون. يعني هُوءَ (سنجھا) پنھونءَ سان ڪانه نڀائيندي. هُوءَ ته فقط رومينس ڪرڻ ٿي چاهي. جيئن اڳتي هلي سنجھا خُود اعتراف ڪيو ته مان فقط رومينس کي ترجيح ڏيندي آهيان…! اهو سڀ ڪجھ صبا ڪيئن پئي ڄاڻي؟ يا صبا سنجھا کي ڪيئن پئي سُڃاڻي؟ اِهي خيال شروع کان وٺي ناول جي آخر تائين ليکڪ نه ٻڌائي سگھيو. ڇو ته صبا ۽ سنجھا جا ڪردار اڳ ۾ به ۽ بعد ۾ به هڪ ٻئي کان الڳ رهيا آهن ته پوءِ هڪ ٻئي کي ڪيئن پئي ڄاتائون ۽ سڃاتائون؟ سوال ته ٺھي ٿو.

هي ناول پاڪستان جي ڪٽر مذهبي (ضيا واري) دور ۾ لکيل آهي. ان دور ۾ هن ملڪ ۾ ڇوڪريون ايتريون ڇڙواڳ ڪيئن هيون ۽ هن ناول ۾ سياست جو ذڪر بلڪل به ناهي. جيتوڻيڪ سياست جي باھ ۾ لکيل آهي. مان اهو نٿو چوان ته هڪ رومانوي ناول ۾ سياست زوري هُئڻ گھرجي، پر ان دور ۾ سنڌ جا اديب سياسي ميدان ۾ سياستدانن کان به اڳتي هئا ته ساڳي وقت هن ليکڪ تي اثر ڇو نه ٿيو؟

هي ناول نه عورت جي بيوفائي تي لکيل آهي ۽ نه وري مرد جي وفا تي. هن ۾ سڀئي هڪٻئي جا عاشق آهن. يعني هر انسان فقط پنھنجي چاهت کي ڏسي ٿو. ٻي جي چاهت جو ڀرم ئي نٿو رکي. جيئن هن ناول ۾: نارد مني صبا تي عاشق آهي، صبا پنھون تي عاشق آهي، پنھون سنجھا تي عاشق آهي ۽ سنجھا آخر ۾ ظهير کي دنيا سمجھي ٿي ڇڏي. ساڳي طرح ظهير سنجھا کي گهٽ ليکي ٿو، سنجھا پنھونءَ کي رد ڪري ٿي، پنھون صبا جو قدر نٿو ڪري، صبا نارد مني کي ڪجھ نٿي سمجھي.

مون اِهي سڀئي ڳالھيون ناول پڙهڻ وقت بي ڍنگيون ۽Awkward محسوس ڪيون هيون. شايد ڪنھن ٻي کي ايئن محسوس نه ٿين! مان غلط به ٿي سگھان ٿو!

***