خاصنئون

حيدرآباد مان اغوا ٿيل ڀيڻ ۽ ڀاءُ فوت ٿي ويا

اربع رات حيدرآباد جي جي. او. آر ڪالوني واري علائقي جي رهواسي 10 سالن جي رخسانه ۽ 8 سالن جو ڀاءُ قادر بخش دڪان تان سامان خريد ڪرڻ لاءِ ويا ته رستي ۾ اغوا ٿي ويا، جنهن بعد قادر بخش ڪوهسار واري علائقي مان زخمي حالت ۾ هٿ آيو هو جڏهن ته رخسانه لطيف آباد جي 10 نمبر واري علائقي مان مئل حالت ۾ ملي. قادر بخش کي اسپتال پهچايو ويو جتي هو زخمن جا تاب نه سهندي فوت ٿي ويو. ٻارن جي مائٽن ٻڌايو ته قادر بخش زخمي حالت ۾ گهروارن کي قاتل بابت ٻڌايو ته هن اسان ٻنهي کي اسڪوٽر تي لفٽ ڏني ۽ چيو ته هو کين دڪان تي وٺي ويندو رستي ۾ هن قادر بخش کي لاهي چيو ته هو اتي انتظار ڪري ۽ هو رخسانه کي اڳيان وٺي ويندو، جنهن تي قادر بخش گڏ هلڻ جو ضد ڪيو ته قاتل هن کي چاقو جا وار ڪري زخمي ڪري ڇڏيو ۽ رخسانه کي ساڻ وٺي ويو. ٻارن جي هڪ ٻئي رشتيدار صحافين کي ٻڌايو ته قاتل هنن جي علائقي ۾ 10 سالن کان رهائش پذير آهي ۽ اسان کي ان تي بلڪل به شڪ نه ٿيو.