هيڊ جي چاءِ

ٿائيرائيڊ گلينڊ انساني جسم ۾ ڪيترين ئي سرگرمين کي ڪنٽرول ڪري ٿو. توهان جي وزن جو وڌڻ يا گهٽجڻ، ڪم ڪار دوران جلدي ٿڪجي پوڻ. مردن جي مقابلي ۾ عورتون ٿائيرائيڊ جي مسئلي جو وڌيڪ شڪار ٿين ٿيون. اڪثر ويم کانپوءِ عورتن جا هارمونز ڊسٽرب ٿي وڃن ٿا. هيڊ جسم جي اندر ٿائيرائيڊ گلينڊ جي ڪري پيدا ٿيندڙ هامونز جي تبدلين کي ڪنٽرول ڪري ٿي. هيڊ جو روزاني استعمال وڌندڙ ٿولهه، ڪوليسٽرول کي قابو ڪري ٿو جسم ۾ داخل ٿيندڙ زهريلن مادن کي ختم ڪري ٿو. هيڊ جو استعمال ڪينسر جي مرض کان بچاءُ ڏئي ٿو. ان کانسواءِ دماغ جي خلين ۾ آڪسيجن جي سپلاءِ کي وڌائي ٿو. دماغ جي سست ٿيڻ کي روڪي ٿو ڊمينشيا ۽ الزائيمر جهڙين دماغي بيمارين کان بچائي ٿو. جن ماڻهن ۾ ٿائيرائيڊ هارمونز جي پيدا ٿيڻ گهٽجي وڃي ٿو، ان کي وڌائي ٿو ۽ جن ۾ وڌيل آهي ان کي نارمل سطح تي آڻي ٿو.

هيڊ کي گرم کير يا گرم پاڻيءَ ۾ ملائي استعمال ڪرڻ گهرجي هڪ چاءِ جو چمچو ڪٽيل هيڊ ۽ اڌ چمچو پيٺل ڪارا مرچ گرم کير يا گرم پاڻيءَ ۾ ملائي صبح جو يا رات جو سمهڻ وقت پيئڻ گهرجي. ان جو مسلسل استعمال ڪيترين ئي بيمارين کان بچاءُ ڏئي سگهي ٿو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *