بلاگ

ڪوليسٽرول جو وڌڻ

جيڪڏهن اوهان جا ڳل ڀريل ۽ چيلهه ويڪري آهي ته خير آهي پر جڏهن اوهان جي رت ۾ سڻڀ جو مقدار وڌي وڃڻ ڪري اهو گهاٽو ٿي وڃي ۽ ان ۾ پيلي رنگ جو گهاٽو مادو شامل ٿي وڃي ته اهو خطرناڪ آهي. ڇو ته حد کان وڌيل ڪوليسٽرول اوهان جي رت جي نالين ۾ ڄمندو ويندو ۽ رت جي وهڪري کي متاثر ڪندو. اڳتي هلي دل جي دوري جو سبب بڻبو.

وزن کي گهٽايو: وزن ۽ ڪوليسٽرول جو پاڻ ۾ گهرو لاڳاپو آهي. هونئن به وڌيل وزن ٻين ڪيترين ئي بيمارين جو سبب ٿئي ٿو جن مان دل جي بيماري به هڪ آهي.

سڻڀ کي گهٽ ڪيو: گيهه، مکڻ، وناسپتي گيهه جو واهپو گهٽايو/ بند ڪيو، زيتون جي تيل جو استعمال ڪيو.

فروٽ جو واهپو: فروٽ جي استعمال سان ڪوليسٽرول کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو جنهن ۾ گريپ فروٽ، نارنگي ۽ صوف تمام سٺو نتيجو ڏيئي سگهن ٿا.

جسماني ورزش: جسماني ورزش يا ڪثرت جسم ۾ گڏ ٿيل خراب ڪوليسٽرول کي گهٽائي ٿي ۽ سٺي ڪوليسٽرول کي پيدا ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿي.

سگريٽ نوشي: سگريٽ ڇڪڻ سان رت ۾ خراب ڪوليسٽرول جي سطح ۾ اضافو ٿئي ٿو. ان عادت مان ڇوٽڪارو حاصل ڪجي.