بلاگنئون

آريائي ٻوليءَ ۾ قديم سنڌي ٻوليءَ جا لفظ: تحقيقي جائزو

فوزيه شاهنواز ڪلوڙ

سِنڌُ جِي تاريخن ۾ توڙي پرڏيھي عالمن جي تَحريرن ۾ آرين بابت ڪيترائي نظريا ملن ٿا، ان بابت ھتي بحث ڪرڻ مقصود نه آھي. آرين کي خاص طور ڍڳي، رڍ، ڪتي، سوئر، چراگاھ، وٿاڻ، ڪڙھ، گوشت، کير مکڻ وغيرہ جي ڄاڻ ھئي، شروع ۾ ھي لکڻ پڙھڻ جي ھنر کان اڻ واقف ھئا ۽ انھن مان ئي پوءِ اھڙا لفظ ٺاھيا ويا، جيڪي سندن ڪم ۽ ڪرت دوران زباني ورجايا ويندا ھئا، جنِ جَو سَنٻنڌ دولتَ، ِملڪيتَ، ڪُٽنبُ، گهر جَي مالڪَ، ميزبانَ وغيرہ سان پئي ٿو. گاءِ مان گئو  ڌن ۽ گج مان گج ڌن لفظ جُڙيا.

گهرَ جَو مالڪُ پاڻَ کي دمپتي، گوپتي ۽ دسبتي سَڏائڻ لڳو. لڙائي ۾ ھٿِ آيلَ ماڻھو به گهرَ جي مالڪَ جِي ملڪيتَ جو حِصو سمِجهيا ويندا ھئا. اوائلي آريا ماڻھنِ جو شبد ڪوش پالتو جانورنِ تي مَدار رکندو ھو، اھو پاد يا پد اَثرَ مان ئي ظاھر آھي، جنھن جو مطلبَ آھي پير. ان جو مطلبَ  چوٿون حِصو به آھي ته ڪنھن مصرع جي سِٽ به آھي. ان پاد مان ئي پاءُ لفظ نِڪتو. يعني چوٿون حصو. آرين جو شبد ڪوشُ تَمام گهڻو ننڍو ھو، اھو ھن مثال مان ظاھر آھي. پروفيسر ميڪس ملر “انڊيا واٽ ڪئن اٽ ٽيچ اس؟” ۾ ان قسمَ جا ڪيترائي مثالَ پيشِ ڪَيا آھنِ. اَوائلي آرينِ جا مُکيه پَنج خاندانَ ھئا، انھنِ منجهان ڪي بابل کان سمنڊ رستي اچي اول سنڌ ۾ آباد ٿيا، ڪجہه سپت سنڌ واري ايراضي ۾ ٿائينڪا ٿي ويٺا. پنچالن جي وقت ۾ ته سنڌي ھڪَ ٽَڪري تي سوتيه ڀاويه نالي راجا جو راڄُ ھو، جنھن ويدڪ کي ايترو ته ڏئي ڇڏيو ھو جو رگ ويد ۾ سوتيه ڀاويه سان گڏ سنڌ جي گهوڙن گائن ۽ عورتن جِي واکاڻَ ڪيل آھي.

ٿي سَگهي ٿو ته ان دور ۾ ئي اَوائلي سنڌي ۽ آريا لوڪ ھڪ ٻئي جي ويجهو آيا ھُجن، جيئن ته سنڌي ٻوليءَ جو شبد ڪوش آريا ٻوليءَ جي شبد ڪوش جي ڀيٽَ ۾ ڪافي وَسيع آھي، ان ڪري آريا لوڪنِ ئي سنڌي ٻوليءَ جي لفظن کي پنھنجي ٻوليءَ ۾ جذب ڪيو ھوندو، جيئن ھنن ٻين خطن ۾ به وڃي ڪيو ھو. شايد اھوئي سبب آھي جو ٻين ڏيھي ٻولين جي ڀيٽ ۾ سنڌي ٻولي ۽ سنسڪرت ٻوليءَ ۾ گهڻي ھڪَ جھڙائي آھي. جيرام داس دولت رام جي اھا دعوى ته، “رگ ويد جي زماني واري سنڌي ويدڪ سنسڪرت جي گهڻو ويجهي ھئي، ھسٽاريڪل لنگئسٽڪس اِن انڊو آرين ۾ ان دَليلَ جي ڄَڻ ته پُوري پُٺڀرائي ڪَئي آھي. ھو چوي ٿو ته، “سنسڪرت شبد ڪوش ۾ روز مرہ ڪم ايندڙ شين، سبزين، دوائن مڪاني وڻن ٽڻن، ڦلن ڦولن، پکين پسن وغيرہ جا ڪيترائي لفظ درج ڪيل آھن، جن جي صورت چٽي طرح غير آريائي پئي ڏسجي. ٻولين جي وڏن ودواننِ سئلوين، ليري ۽ جين پرزلوسڪي اھڙنِ ڪيترنِ ئي لفظنِ جو اڀياس ڪيو آھي جن لاءِ ھنن جو رايو آھي ته اھي لفظ آريا ٻوليءَ جا ٿي نٿا سگهن، پر اھي لفظ ڪھڙي زماني ۾ سنسڪرت ۾ داخل ٿي ويا، انھيءَ ڳالھ کي جاچڻ جون جيڪي به ڪوششون ڪيون ويون آھن انھن مان ڪو کڙ تيل ڪو نه نڪتو آھي.

هڪ ٻوليءَ جو ماهر ڪٽري لکي ٿو ته، “انھنِ لفظن کي جَذبُ ڪَندڙ سنسڪرت جي طاقت ئي آھي، جنھن ارد گرد جي ايراضيءَ مان ھٿ ڪيل لفظن کي اھڙي ته طرز سان جذب ڪيو جو عام ماڻھن جون وقت جون ٻوليون به صفا معدوم ٿي نه ويون. ڪٽري آريا ٻوليءَ کي منزلن ۾ ورھايو آھي 1.  پراچين ھندي آريا ٻولي، 2. وچين ھندي آريا ٻولي، 3. نئين ھندي آريا ٻولي. ھن وڌيڪ ڄاڻايو آھي ته خود ھندي آريا ٻوليءَ جي وچين منزل ۾ ته ڪيترائي ديسي لفظ سنسڪرت ۾ اچي ويا ھئا. مثال طور: سنڌيءَ ۾ ھڪ لفظ آھي  “گدي” جنھن جي معنى آھي ويھڻَ جي جاءِ، پنجابيءَ ۾ ان کي چون “گڊي” ۽ ھندي ۾ “گادي”، وچين منزل ۾ ان لفظ جو روپ ھو “گڏ” يا “گرڌ”، جنھن جو رشتو پراچين منزل واري لفظ “گرت” سان ڳنڍي سگهجي ٿو. جيتوڻيڪ “گرت”  لفظ جي معنى به ساڳي ئي آھي، ساڳي طرح نئين منزل جو لفظ آھي “گجر” جنھن کي ھندي ۾ چوندا آھن “گاجر”. نئين منزل ۾ ان جو اچار ھو “گارا”. ٻيو لفظ آھي “گارو” معنى گپ، جنھن جو نئين منزل ۾ اچار ھو “گارا” ۽ پوءِ ڪن ٻولين ۾ “گاري”  ته ڪن ۾ “گر”  به ٿي ويو، پر ھڪ تمام مکيه لفظ آھي “گهر” جنھن لاءِ ھينئر به ممڪن ٿيو آھي ته اھو نئين منزل ۾ ساڳي اچار وارو ھو ۽ ان جو رشتو وچين منزل جي “گهر“ لفظ سان ھو ۽ نه ڪي پراچين منزل جي “گرہ”  لفظ سان.

البته اھو “گر” لفظ انڊو يورپي لفظ “گوھرو”  لفظ سان ڪجہه ميل کائي سگهي ٿو، جنھن جو مطلب آھي “باھ”، “چلھ” يا “گرمي”. انڊو يورپي ٻولين ۾ ھونئن به ڪي لفظ جن جو مطلب “گهر”  آھي. اھي اھڙي ڌاتو مان نڪتل آھن جنھن ڌاتو جو مطلب آھي ٻرڻ. ويدن ۾ اگني جي وڏائيءَ پٺيان به اھا جڙ لڪل نظر اچي ٿي، جنھن وٽ اگني آھي اھو شڪتي شالي آھي ان جو ارٿ اھو ئي ٿي سگهي ٿو ته جنھن وٽ گهر ۽ ان سان واسطو رکندڙ ڳالھيون آھن. اھوئي شڪتي شالي ٿي سگہي ٿو. ٿرنر پنھنجي نيپالي شبد ڪوش ۾ به ڪيترن ئي اھڙن لفظن جو ذڪر ڪيو آھي جنھن لاءِ ھن جو چوڻ آھي ته اھي لفظ غير آريائي ٻولين جا آھن ڪن لفظن جي بنياد جي سڃاڻپ به اڃان نه ٿي سگهي آھي. اھڙو ھڪ لفظ آھي انگوڇو جنھن جي معنى آھي، صاف ڪرڻ جو ڪپڙو. ٽرنر ان انگوڇي لفظ جو بنياد ڳولھي نه سگهيو آھي. ڪن عالمن جو چوڻ آھي  ته اھو انگوڇو لفظ ھندي آريا ٻولي جي وچين منزل ۾ به ھو ۽ ان وقت ان جو اچار انگ پچ يا انگ پنچ ھو. انھن عالمن ان انگ پنچ جو رشتو وادي پراچين جو رشتو وري پراچين جي لفظ پرونچتي سان ڳنڍيو آھي جنھن جو مطلب آھي صاف ڪرڻ جو ڪپڙو. يعني انھن جو رايو آھي ته پرونچتي لفظ ئي وچين منزل ۾ ٿي ويو. انگ پنچ ۽ نئين منزل ۾ ٿيو انگوڇو.

ٻيو سنڌي لفظ آھي “آکاڙو” ۽ نيپاليءَ ۾ به چون “آکاڙا” ٽرنر ان لفظ جو رشتو پالي ٻوليءَ جي لفظ “آکاوٽو” سان ڳنڍيو آھي، جنھن جو مطلب آھي جنھن ميدان ۾ ملھ  وڙھجي. ان ميدان جي چوگرد وارو لوڙھو. سنسڪرت ۾ به ھڪ اھڙو لفظ آھي جنھن جو اچار آھي اُڪسوت، پر اھو سڌ نه ٿي سگهيو آھي ته سنسڪرت اھو لفظ پاليءَ مان ورتو آھي يا پاليءَ سنسڪرت مان ورتو آھي. سنسڪرت شبد ڪوش ۾ ان معنى وارو ٻيو لفظ آھي اڪسپتو جنھن لاءِ ٽرنر جي دعوى آھي ته اھو وچين منزل واري لفظ “آکاڙي” کي ڦيرائي سنسڪرتي روپ ۾ آندو ويو آھي. عالم ھينئر ان نتيجي تي به اچي پھتا آھن ته رگ ويد واري ٻولي ڪا ھڪ ٻولي نه ھئي. “ويدن مان اسان کي اھا ڄاڻ ٿي ملي ته ڪيئن نه سنسڪرت ٻولي پنھنجي روپ رنگ کي ٺاھيو آھي. ڇو ته سنسڪرت سان گڏوگڏ ويدن ۾ پراچين پراڪرت جا ٻيا به روپ ملن ٿا.” سنسڪرت ھڪ قسم جي نه رھي آھي، سنسڪرت ساھت ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي مختلف ٻوليون سمايل آھن جي نه صرف دور جي لحاظ کان نراليون آھن، پر روپ رنگ جي لحاظ کان به نراليون آھن. شايد اھوئي ڪارڻ آھي جو سنسڪرت ساھت ۾ ڪي اھڙا لفظ ڏٺا جن جو منڍ (بنياد) ھو صحيح ڪري نه سگهيا، پر ان سلسلي ۾ قلم ھلائيندي ڪٽري پنھنجي پراڪرت لئنگوئيجز ۾ لکي ٿو ته، “حقيقت ته اھا آھي ته خود رگ ويد مان ائين پيو لڳي ته مختلف ٻولين سنسڪرت روپ تي پنھنجو اثر ڏيکاريو آھي، جنھن لاءِ ٻولي جي ماھرن جو رايو آھي ته اھو ان ڪري ٿيو آھي جو جنھن وقت ويدن جا سلوڪ گڏ پئي ڪيا ويا ان وقت ڪيتريون ئي پراڪرت ٻوليون به ھستيءَ ۾ ھيون.” ۽ انھيءَ دور ۾ ئي آريا ڏيھي ٻولين کي ڪجہه ڏنو ۽ ڪجهه ورتو جيتوڻيڪ عام جنتا جي خاموش سڀاءَ جي ڪري آريا ٻولي ۽ ان جي شاخن جي وڌندڙ طاقت عام ماڻھن تي اثر تہ ڪيو ۽ انھن پنھنجن حڪمرانن سان خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ لاءِ انھن جي خيالن جي پنھنجي ئي ٻولين کي قائم رکي صرف انھن ٻولين ۾ نون لفظن جي واڌ ٿي ڪئي.

اوائلي آرينِ کي ٻولي ۾ جنس نه ھئي ماءُ ۽ پيءُ لاءِ ھڪ ئي لفظ ھو “مائر” معنى ماءُ لفظ لاءِ ڄاڻايو آھي ته اھو لفظ جنس مذڪر جي حالت ۾ به ڪم ايندو ھو. مثال طور: ھڪ ويدڪ ديوتا جو نالو ھو “ماتريشون” جو ماتر معنى پيدا ڪندڙ، ھي لفظ ڏاتر مان ئي نڪتل آھي. “ٽ” ورگ ان دور ۾ ئي آرين دراوڙين وٽان ھٿ ڪيو ان “ٽ” ورگ جي باري ۾ جڳ مشھور عالم بيمس صاحب جو رايو آھي ته “اوائلي آريا جيئن ته اکرن جي اچار لاءِ وات جي عضون کي پختائي ۽ مضبوطي سان چوريندا ھئا، ان ڪري ھنن کي پھرين “ت” ۽ “ٽ”، “د” ۽ “ڊ” اکرن ۾ تفاوت نٿي ڏسڻ ۾ آيو ۽ اھو ئي ڪارڻ آھي، جو انھن “ت” سان “ر” ملائي “ٽ” ۽ “د” سان “ر” ملائي “ڊ” جو مطلب پئي ڪڍيو.” ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي راءِ موجب اناج جي وائرڻ ۽ پيسائي جا جيڪي به لفظ آريا ٻوليءَ ۾ آھن، اھي سڀ دراوڙين وٽان ئي ورتا ويا آھن. سرون ٺاھڻ جو ھنر به غير آريائي آھي ۽ ان سلسلي ۾ جيڪي به لفظ آريا ٻولي ۾ آھن، اھي ٻين ٻولين وٽان ورتا ويا آھن.

ان کانپوءِ اھو دور آيو جڏھن نه صرف سماج کي وڌيڪ طبقن ۾ ورھايو ويو ۽ اوچ نيچ جي ھڪ شاھي ديوار کڙي ڪئي وئي، پر عام ٻولي جي وڪاس ۾ رڪاوٽ وڌي ويئي. وديا جو ڦھلاءُ صرف برھمڻ طبقي تائين محدود ڪيو ويو اھو برھمڻ طبقو نه صرف راڄنيتي طرح طاقتور ٿي چڪو ھو، پر سماج جي ڌرمي ريتن رسمن جي پالنا جي ھڪ ھٽي به کيس ئي ملي چڪي ھئي. ايم ايم راءِ آرين جي ڦھليل اثر جي باري ۾ ڄاڻايو آھي ته “جڏھن وڌيڪ سڀيه دراوڙي قومن تي زرعي پيشيوري آريا قابض ٿي ويا، تڏھن ھنن دراوڙين مٿان جيڪي سماجي قانون لڳايا، انھن دراوڙين جي واپاري ترقي کي روڪي ڇڏيو. ان کانپوءِ آرين به محسوس ڪيو ته واپار کانسواءِ سماج جي گاڏي جو ھلڻ ناممڪن ھو ھڪ نئون واپاري طبقو ھستيءَ ۾ اچي ويو، جو ڪڙم جي ڀلي کي وساري کيتي جي پيداوار کي مٽاسٽا جي روپ ۾ نيڪال ڪندو رھيو. وڏا کيت ٺھي ويا ۽ سردار زميندار ٿي ويا زمين جا اصلوڪا مالڪ کيت- مزدور يا غلام ٿي ويا ۽ انھن جي پورھئي تي واپاري شھزادا وڌندا رھيا. اھڙي طريقي خلاف پوءِ ٻڌ واد پيدا ٿيو، جنھن برھمڻ واد کي عارضي ڌڪ ھڻي ڪڍيو. برھمڻ واد پنھنجي سموري فلسفي کي آريا ٻوليءَ ۾ بند ڪري رکيو ھو، جا عوام جي سمجهڻ کان ٻاھر ھئي. ٻڌ واد عوامي ٻوليءَ جو سھارو ورتو جنھن ڪري عوامي ٻوليون ھڪ ڀيرو وڌيڪ وڪاس جي پِيچري تِي ھَلڻَ لَڳِيون.

***