2017 جنگين ۾ فاٿل ملڪن اندر ٻارڙن لاءِ زندگي تنگ رهي
ٻارن لاءِ ڪم ڪندڙ گڏيل قومن جي اداري يونيسيف مطابق سال 2017 جنگين ۾ فاٿل ملڪن ۾ ٻارن جي زندگي جهنم بڻي رهي.يونيسيف پاران چيو ويو آهي ته اهڙن ملڪن ۾ قابض قوتن پاران ٻارن ۽ ڪمزور ماڻهن لاءِ ٺهيل قانونن کي وڏي سختي سان ٽوڙيو ويو آهي. يونيسيف جي هنگامي پروگرامز جي ڊائريڪٽر مانوئل فونٽين چيو ته ٻارن کي انهن جي گهرن ۾ اسڪولن ۾ راند جي ميدانن ۾ بي رحم تشدد جو نشانو بڻايو ويو آهي.فونٽين چيو ته اهڙن حملن تان منهن نه ٿو موڙي سگهجي ۽ نه ئي اهڙي بي دردي کي قبول ڪري سگهجي ٿو. هن وقت دنيا ۾ شام يمن نائيجيريا ميانمار اهڙن ملڪن مان آهن. جتي ٻارن کي انساني ڍال جي طور تي استعمال ڪيو پيو وڃي.ان کان علاوه ڪٿي ڪٿي ته انهن جو قتل عا م به ڪيو پيو وڃي.ان کان علاوه انهن جون زبردستي جون شاديون ڪرايون پيون وڃن ۽ کين جبري پورهيو به ڪرايو پيو وڃي. تنهن سان گڏ جنگ سٽيل علائقن ۾ ٻارن لاءِ خوراڪ جي ڪمي به هڪ مسئلو بڻي رهي آهي.