نئون

چين ۾ هاڻي روڊ بجلي پيدا ڪندو

چين پاران دنيا جي پهرين بجلي پيدا ڪرڻ وارو روڊ تيار ڪري ورتو آهي ان روڊ جو نالو سولر ايڪسپريس وي رکيو ويو آهي. روڊ جو افتتاح آزمائشي طور تي ڪيو ويو آهي. روڊ هڪ بند جي صورت ۾ آهي جنهن جي ڪناري   تي سولر پينل لڳايا ويا آهن. تفصيلن موجب اهو روڊ شانگ ڊونگ صوبي جي گادي واري هنڌ ۾ ٺاهيو ويو آهي، جنهن جي ڪنارن تي سولر پينل لڳايا ويا آهن. سج جي روشني سڌي ريت سولر پينلز سان ٽڪرائجڻ سان  اهي پينل بجلي پيدا ڪندا. سولر پينل جي ڊيگهه 875 ميل آهي جيڪي سال ۾ ڏهه لک ڪلو واٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا.