دڙي جا تعليمي مسئلا حل ڪريو!
دڙي شھر جا تعليمي ادارا تباھه ٿيڻ کان بچايا وڃن. اسان جيڪڏھن سنڌ جي تعليم تي نظر ڦيرائينداسين تہه اسان ۽ اوھان کي عجب لڳندو..! ھاڻي دڙي جي تعليم کي بھتر ڪرڻ لاءِ ڪافي وقت لڳندو، ڇو تہه اسان وٽان پراڻا تعليمي ماھر استاد، سائين نثار بُلڙائي، محمد عارف جهوڪائي، سائين عبدالله خان پليجو، سائين روحل امين قريشي، سائين محمد يوسف ڪيڙانو، سائين محمد عارب دل ۽ ٻيا کوڙ سارا استاد ڪي ھيءُ جهان ڇڏي ويا، ڪي رٽائرڊ ٿي ويا، جن محنت ۽ جفاڪشيءَ سان ھڙان وڙان خرچ ڪري تعليم کي اجاگر ڪيو. ھاڻي تعليم کي بھتر ڪرڻ ۾ ڪافي وقت لڳندو ڇو تہه اھي استاد بہه نہه رھيا ۽ اھي شاگرد بہه ناھن! نئين ٽھي جو الله خير ڪري! ڇوتہه اسان جا تعليمي ادارا بدحال آھن. خاص ڪري پرائمري تعليم تہه بلڪل نہه ھجڻ جهڙي آھي. ان جو ڪارڻ سھولتون گهٽ آھن، آفيسر شاھي ڪروڙين روپين جي بجيٽ ڪامورن جي اڪائونٽن ۾ منتقل ڪريو ڇڏي. ايس ايم سي فنڊن جا لکين رپيا پڻ ڪامون جي ور چاڙھي ڇڏيا آھن! ايتري قدر جو فرنيچر جي بہه کوٽ آھي! ان ڪري اسڪولن جا ٻار ڪلاسن جي پٽ تي ويھي تعليم پرائين ٿا.
ضلعو سجاول جنھن کي امير ضلعو ڪوٺيو ويندو ھو، ھن ضلعي جي دڙي شھر جي تعليم تمام مشھور ھئي، ڊاڪٽر، انجنيئر، پروفيسر، ڊائريڪٽر ۽ ٻين کاتن سان لاڳاپيل ماڻھن ھتان تعليم حاصل ڪري ھن شھر جو نالو روشن ڪيو. ھن وقت تعليمي ادارن جي اھڙي حالت آھي جو عمارتون ڪيڏي مهل به ڊهي پٽ ٿي سگهن ٿيون ۽ الله نه ڪري شاگردن جون قيمتي جانيون ضايع ٿي سگهن ٿيون. ڪلاسن جي ٺھرايل ڪمرن جي ڇتين جا چاپوڙا ٽڪرا ٽڪرا ٿي ڪِرندي ڏٺا وڃن ٿا. عمارتون پراڻيون ٿي چڪيون آهن ۽ انهن جي مرمت جي لاءِ آيل پئسا انهن تي خرچ نه ٿي رهيا آهن. حالانڪه ورڪس اينڊ سروسز کاتي وٽ سرڪاري عمارتن جي مرمت جو ساليانو بجيٽ موجود هوندو آهي، پر اهو انهن اسڪولي عمارتن تي خرچ ٿيندي نظر نه ٿو اچي. ھتان جا ڪامورا ۽ استاد ڪلاسن کان ٻاھر ويھي تعليمي نظام ھلائن ٿا. جنھنڪري ھتان جي عوام ۽ انھن جو اولاد سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ کان لھرائي رھيو آھي. ھيءُ عوام دڙي شھر جي پرائمري اسڪول ون، ڊي او پرائمري کان مطالبو ٿو ڪري تہه اسڪول جون ضرورتون پوريون ڪيون وڃن. خدارا محبت ۽ ڀائيچاري جو پاڻ ۾ سلوڪ رکي سياسي نفرتون ختم ڪري تعليم کي اڳتي وڌايو. اسان پاڻ دلير ٿيون ته اسان کي ڪير به ڪجهہ نٿو ڪري سگهي.
رڳو دڙو شھر نه پر ضلعي جي سڀني اسڪولن جون حالتون تمام خراب آھن. ھن وقت گهڻا ئي اسڪول اهڙا آهن جن وٽ فرنيچر بہه نہه آهي! ٻيون سھولتون تہه پري رھيون! اسڪولن جا ٻار پٽ تي ويھي اس ۽ گرميءَ ۾ تعليم پرائين ٿا! اھو به ڪن جو اولاد ھوندو.
ھن ضلعي ۾ ڊي او پرائمري مقرر ئي نہه آھي! ڪيترائي ڀيرا ھن مسئلي بابت آگاھي ڏني آھي، پر ڪوبہه جواب نٿو ملي! ھن وقت اسان وٽ فرنيچر موجود نہه آھي. اسان اعليٰ اختيارين کان مطالبو ٿا ڪيون تہه جلد کان جلد فرنيچر مھيا ڪيو وڃي تہه جيئن ھتان جا ٻار جن جو اهو حق آهي ته اهي ڪرسين تي ويهي تعليم حاصل ڪن، عزت سان تعليم حاصل ڪري سگهن. ضلعي سجاول، تعلقي ميرپور بٺوري، شھر دڙي جي اسڪول پرائمري ون جي حالت ڪنھن کان ڳجهي ناھي. گورنمينٽ پرائمري اسڪول دڙو ون جا ھيٺيان مسئلا پيش ڪجن ٿا اميد آھي تہه انصاف ٿيندو.
(1) اسڪول ۾ چوڪيداري نظام ناھي، اسڪول مان چوريون جام ٿين ٿيون، چوڪيدار ڏنو وڃي.
(2) اسڪول لاءِ سوئيپر ناھي، صفائي ننڍڙن گلن جهڙن ٻارڙن کان ڪرائي پئي وڃي، اسڪول کي سوئيپر ڏنو وڃي.
(3) تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ٻار تمام گهڻا آھن استادن جي کوٽ آھي اھا پوري ڪئي وڃي تہه جيئن شاگردن مان بيچيني ختم ٿئي.
(4) اسڪول جون چوديواريون ننڍيون آھن، جنهن جي ڪري چوري چڪاري ٿيڻ ۽ ڏوهاري ماڻهن جو اسڪول اندر گهڙي اچڻ جو خدشو رهي ٿو. شاگردن جو اسڪول کان ڀڄڻ بہه معمول بڻيل آھي، چوديواري مٿي ڪرائي يا ڪنڊن جي تار لڳرائي ڏني وڃي.
(5) اسڪول جا 3 ڪمرا زبون حال آھن مرمت ڪرايا وڃن.
(6) پيئڻ جي پاڻيءَ جو انتظام ناھي، پاڻي مھيا ڪيو وڃي.
(7) اسڪول ٻاھران پرائيويٽ ماڻھن جا قبضا ختم ڪرايا وڃن ۽ مين روڊ تي بريڪر ٺھرايا وڃن. ته جيئن ٻار حادثي جو شڪار ٿيڻ کان بچي سگهن.
اسان تعليم جي صوبائي وزير، سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل ادارن کي اپيل ٿا ڪريون ته پرائمري اسڪول دڙو ون جا اھي جائز مسئلا حل ڪرايا وڃن ته جيئن تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ٻارن ۽ والدين جي حوصلا افزائي ٿئي.