سنڌ جي غريبن لاءِ اسان ڪجهه نه ڪري سگهيا آهيون، هاءِ ڪورٽ جي جج ۽ وزير قانون جو اعتراف
جڊيشل ڪانفرنس ڪراچيءَ ۾ خطاب ڪندي نگران قانون واري وزير عمر سومرو ۽ هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس صلاح الدين پنهور پنهنجي ڪيل تقرير ۾ اعتراف ڪيو آهي ته هو چاهڻ جي باوجود سنڌ جي غريب ماڻهن کي انصاف ڏيڻ ۾ ناڪام ويا آهن، سنڌ جو عوام سوال ٿو ڪري ته ڇا اوهان جي انهيءَ اعتراف ڪرڻ سان اوهانجي ذميواري ختم ٿي وڃي ٿي؟ جڏهن بااختيار عهدن تي ويٺل ماڻهو به صرف بيان بازي ڪري پاڻ کي ذميوارين کان آجا ڪرائين ته پوءِ يقينن سنڌ جو عوام پاڻ کي جهنگ ۾ بيٺل محسوس ٿو ڪري، جتي صرف جهنگ جو قانون هلندو هجي، ڏاڍن کان ڊڄڻو هجي ۽ انهن جي غلامي ڪرڻي هجي، جيڪا سنڌ جو عوام ڪري رهيو آهي. 15 سالا دورِ حڪومت کي پيپلز پارٽي ڪيئن جسٽيفاءِ ڪندي ته انهيءَ دور جا کنيل صحت کاتي جا ملازم هڪ ٻارڙي فاطمه ڦرڙو جي لاش سان به انصاف نه ڪن ۽ انهيءَ نام نهاد پير سان گڏجي ان ڪيس کي خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪن. انهيءَ ڪري جو انهيءَ پير جو تعلق پيپلز پارٽي سان آهي. ڊي اين اي جا جزا تبديل ڪن، پوءِ اهي ئي ڊي اين اي لاءِ اماڻيل جزا جڏهن لاهور ۾ فرانزڪ ليب ۾ موڪليا وڃن ته انهيءَ بگهڙ جهڙي انسان اسد شاهه جا ظاهر ٿين. هي ته ٿورو گهڻو جس لهڻي نگران حڪومت جنهن ٿوري وقت ۽ محدود اختيارن جي باوجود ڪجهه اهڙا ڪم ڪيا آهن. جنهن سان محسوس ٿئي ٿو ته اڃا قانون ۽ انصاف مڪمل طور بي اختيار نه ٿيا آهن. انهيءَ ڪيس ۾ خيرپور جي ايس ايس پي جو ڪردار پڻ انصاف سان گڏ بيٺل نظر آيو آهي. ڊاڪٽر سميع الله سومرو پنهنجي قانوني اختيار کي نهايت ايمانداري سان ادا ڪندي فاطمه ڦرڙو جي ملزمن کي قانون جي ڪٽهڙي تائين پهچايو آهي. پهرين وارو پوليس آفيسر ته انهن کي گرفتار به نه ڪري سگهيو هو. هاڻي انهن تي 24 نومبر تي فردِ جرم عائد ٿيندي. باقي ڪم ڪورٽ جو آهي، پر ڪورٽ جي انصاف جي مجبوري جسٽس صاحب پاڻ ٿو فرمائي. وزيرِ قانون اهي سڀ ڳالهيون چيون آهن ته امن امان جو مسئلو انهيءَ ڪري خراب آهي جو ڌاڙيلن جي سرپرستي سردار ۽ چونڊيل نمائندو ڪري ٿو. انهي ڳالهه جي سڀني کي خبر آهي، پر انهن سرپرستن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي جوڳي سزا ڪير ڏياريندو؟ صرف اهو چوڻ ته ڊي اين اي جا جزا صحت کاتي جي عملدارن اسد شاهه وارن سان ملي ڀڳت ڪري تبديل ڪيا. انهن عملدارن کي انهيءَ ڏوهه جي سزا ڪير ڏيندو؟ اگر سزا نه ملندي ته هر ننڍو وڏو آفيسر انهن طاقتور ماڻهن جو ڀرجهلو ٿي بيهندو ۽ ڪمزور کي ڪڏهن به انصاف نه ملندو. صرف انهيءَ چوڻ سان ته تعليم جو نصاب ٺاهڻ وارا اسين آهيون، پر اسان جا ئي ٻار پرائيويٽ اسڪولن ۾ پڙهن ٿا، ان سان تعليمي نظام ڪا انقلابي تبديلي نه ايندي. ڇا نگران حڪومت اهڙن بيانن سان پنهنجين ذميوارين کان آجي ٿي ويندي؟ جيستائين اها تعليم جي بجيٽ جيڪا اربين رپين ۾ آهي ۽ عوام جي ٽئڪسن مان حاصل ڪئي وڃي ٿي. ان جو صحيح استعمال نه ٿيندو ته سرڪاري تعليمي ادارن جي حالت ڪيئن سڌرندي؟ سرڪاري اسپتالن ۾ مقرر ڊاڪٽر پنهنجو علاج پرائيويٽ اسپتالن ۾ ڪرائن ٿا، اها ڳالهه به لڪل نه آهي ته پوءِ ان غريب ماڻهوءَ جو علاج ڪيئن ٿي سگهندو. جنهن وٽ پرائيويٽ اسپتالن ۾ پهچڻ جو ڀاڙو به نه آهي. هو مجبور ٿي سرڪاري اسپتالن ۾ اچي ٿو، جتي مدي خارج دوائون ڏئي ان جو علاج ڪيو وڃي ٿو. صرف اهو چوڻ ته سسٽم خراب آهي ان سان سسٽم بهتر نه ٿيندو. اوهين جيڪي سسٽم کي تبديل ڪري سگهو ٿا، بهتر بڻائي سگهو ٿا ۽ حڪمراني جون واڳون هن وقت توهان جي هٿ ۾ آهن. موجوده قانون کي عمل ۾ آڻي جيترا بهتر فيصلا عوام جي حق ۾ ڪري سگهو ٿا ڪريو. ڏوهارين کي ڪيل ڏوهن جي سزا ڏيو. رشوت خور آفيسرن کي نوڪرين تان هٽايو، پوءِ ڏسو ته سسٽم ڪيئن ٿو تبديل ٿئي. سرڪاري آفيسر لاءِ چئبو آهي ته هو پني جي چوٿين حصي جي مار آهي. مطلب ان جي مقرري، ان جي بدلي ۽ ان کي غلط عملن جي سزا نوڪري مان ڪڍڻ جي صورت ۾ ڏيڻ لاءِ آرڊر پني جي چوٿين حصي تي لکيو ويندو آهي. پيپلز پارٽي پاڻ کي سنڌ جي نمائنده جماعت سمجهي ٿي. پندرنهن سالن کان حڪومت ۾ رهي. نظام ۾ جيڪڏهن شفافيت نه هئي ۽ بيڊ گورننس جي ڪري عوام تڪليفن جو شڪار رهيو ته ان تي کيس اکيون کولڻ کپن. سنڌ جي عوام کان معذرت گهري ۽ عوام سان ايندڙ اليڪشن لاءِ ووٽ گهرڻ وقت اهو واعدو ڪري ته هو پنهنجي ايندڙ دور ۾ جيڪڏهن حڪمراني ان کي ملي ته هو پنهنجي طرزِ حڪمراني ۾ تبديلي آڻيندي ۽ سسٽم ۾ شفافيت پيدا ڪندي، عوام جي ٽيڪسن مان حاصل ڪيل ناڻي جو استعمال عوام جي فلاح ۽ بهبود جي لاءِ ڪندي.