پاڪستان جي صوبن ۾ خاص طور تي پنجاب ۽ سنڌ جي وچ ۾ پاڻي جي ورهاست جو مسئلو انگريز جي دور کان هلندو رهي ٿو، جيڪو اڄ به حل طلب آهي.
نواز شريف جي پهرئين دورِ حڪومت ۾ جڏهن سنڌ ۾ ڄام صادق علي وزير اعليٰ هو. ان وقت پاڻي جو معاهدو ڪيو ويو هو، (جنهن تي پڻ سنڌ کي اعتراض آهن) اچرج ته ان ڳالهه جي آهي ته ان معاهدي تي مرڪز ۽ پنجاب اڄ تائين عمل نه ٿو ڪري ۽ پنهنجي هوڏ جاري رکيو اچي. ان وقت ارسا (انڊس رِور سسٽم اٿارٽي) جو ادارو قائم ٿيو، جيڪو هڪ آئيني اداري طور ڪم ڪندو رهي ٿو. ان جي جوڙجڪ هر صوبي مان هڪ ميمبر ۽ هڪ ميمبر مرڪز مان کڻي پنج رڪني ڪاميٽي ٺاهي وئي. هر صوبي مان ميمبر کي واري واري سان انهيءَ جو چيئرمين مقرر ڪيو ويندو آهي، پر گذريل نگران حڪومت جنوري 2024 ۾ هڪ سمري صدرِ پاڪستان ڏانهن موڪلي. ان سمري مطابق ارسا جو چيئرمين بجاءِ ان ڪاميٽي جي ميمبرن مان ٻاهريان ڪوبه 22هين گريڊ جو رٽائرڊ يا حاضر سروس ڪامورو مقرر ڪري سگهجي ٿو. ان وقت جي صدرِ پاڪستان ان سمري تي صحيح نه ڪئي ۽ پوءِ اها سمري هڪ دفعو ٻيهر صدر کي موڪلي وئي ۽ اهو ايڪٽ آف ڪيبنيٽ بڻجي ويو. ان اختيار کي استعمال ڪندي ملڪ جي موجوده وزيراعظم هڪ رٽائرڊ ڪاموري کي ارسا جو چيئرمين مقرر ڪيو. جيڪو واپڊا جو چيئرمين پڻ رهي چڪو آهي. هو چيئرمين واپڊا جي حيثيت ۾ تڪراري رٿا “ڪالا باغ ڊيم” جو تمام گهڻو حمايتي رهيو آهي. هڪ اردو اخبار ۾ سندس 50 کان وڌيڪ “ڪالا باغ ڊيم” جي حمايت ۾ مضمون شايع ٿي چڪا آهن. جنهن ۾ هن ڪالا باغ ڊيم جي “فضيلت” ۽ “افاديت” تي روشني وڌي آهي. انهيءَ ڪري سنڌ صوبي جي ساڃاهه وند ماڻهن جي لاءِ هو هڪ متنازعه آفيسر رهيو هو ۽ سندس سنڌ ڏانهن رويا بدنيتي وارا هئا. هاڻي جڏهن اهڙي ماڻهو کي ارسا جهڙي اهم اداري جو جنهن اداري جو ڪم پاڻي جي منصفاڻه ورڇ ڪرڻ آهي، جو چيئرمين مقرر ڪيو وڃي ته پوءِ سنڌ جو ماڻهو دانهن ته ڪندو. 13 مارچ 2024 کان وٺي جيئن ئي اهڙو نوٽيفڪيشن نڪتو ته سنڌ جي هر پڙهئي لکئي ماڻهو ان جي تمام گهڻي مخالفت ڪئي ۽ سنڌ حڪومت تي اخلاقي ۽ قانوني دٻاءَ وڌو جنهن دٻاءَ تحت سنڌ حڪومت مرڪز سان ڳالهايو ۽ 14 تاريخ تي وزيراعظم پاڪستان اهو نوٽيفڪيشن واپس ورتو. وزيراعظم جي ان عمل جي آجيان ڪجي ٿي، هن سنڌ صوبي جي آئيني ۽ قانوني حق کي مڃيو ۽ پنهنجي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن کي واپس ورتو آهي. جتي سنڌ جي سڀني سڄڻن انهي عمل جي نندا ڪئي هئي، اتي اسان کي اهو به نظر آيو ته نون ليگ سنڌ طرفان مخالفت نه ٿي. ايم ڪيو ايم جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، حسبِ روايت جنهن ۾ هو سنڌ جي مسئلن سان گڏ نه بيهندي آهي. هن مسئلي ۾ به ايم ڪيو ايم طرفان خاموشي اختيار ڪئي وئي.
سنڌ جي سڀني سياسي پارٽين کي سمجهڻو پوندو ته اهي مسئلا جيڪي پوري صوبي جا هوندا آهن، گهٽ ۾ گهٽ پوري صوبي جي مسئلن لاءِ سڀني کي هڪ آواز ٿيڻ کپي، پر نظر ائين ايندو آهي ته صرف سنڌ جون قومپرست پارٽيون اليڪشن هارائڻ جي باوجود سنڌ جي هر حقيقي مسئلي تي گڏ بيٺيون هونديون آهن. ان لاءِ احتجاج ۽ آواز بلند ڪنديون آهن. جنهن جي ڪري سنڌ ۾ ڪنهن جي به حڪومت هجي مجبورن ان کي ان مسئلي سان گڏ بيهڻو پوندو آهي. شايد اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جي حقيقي مسئلن کڻڻ جي ڪري انهن کي اسيمبلي جي ايوانن کان پري رکيو ٿو وڃي. هاڻي جڏهن تڪراري چيئرمين جو نوٽيفڪيشن واپس ورتو ويو آهي ته اها سنڌ جي ساڃاهه وند سوچ جي ڪاميابي آهي. سنڌ جي ماڻهن کي انهي سوچ سان گڏ بيهڻو پوندو. مرڪز کي پڻ مستقبل ۾ اهڙن متنازعه فيصلن کان پاسو ڪرڻو پوندو.