جيئن ته هن سال معمول کان گهٽ برساتون پيون آهن. تربيلا ۽ منگلا ڊيم ۾ پاڻي جي گهٽتائي ٿي آهي. سوڪهڙي ۽ خشڪ سالي جو خطرو اکين سان نظر پيو اچي. ايندڙ خريف جي فصل لاءِ پاڻيءَ جو سوال آبادگارن جي دل ۾ خدشا پيدا ڪري رهيو آهي ۽ اسان جي آبپاشي جو نظام ۽ انهيءَ جا اهلڪار آبادگارن سان ڳالهه ڪرڻ لاءِ تيار ناهن ته خريف لاءِ پاڻي ايندڙ ڪهڙن مهينن ۾ مهيا ٿي سگهندو. پاڻيءَ جي ذخيرن جي ڳالهه سان گڏوگڏ اهو به ٻڌايون ته ملڪ جي مختلف دريائن ۾ پاڻي جو وهڪرو انتهائي گهٽ سطح تي اچي ويو آهي. موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته متاثره علائقن ۾ سوڪهڙي جي ڪري صورتحال وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي. اسان جون صوبائي ۽ وفاقي سرڪارون زراعت جي شعبي کي نظرانداز ڪري رهيون آهن. جڏهن ته زراعت سان گڏ سڄي سماج جو جياپو پاڻيءَ تي آهي. هن وقت جيئن ته ربيع جي فصلن ۾ لابارو ٿي رهيو آهي، ڪڻڪ جو فصل به لهي رهيو آهي، سدائين ائين رهيو آهي ته صوبائي سرڪارون ڪڻڪ جي امدادي قيمت مقرر ڪنديون آهن. ان جي ڪري اسان جي آبادگار ۽ هاري کي سڌو فائدو پهچندو رهيو آهي، پر هن سال صوبائي سرڪارن جا خوراڪ کاتا ڪڻڪ جا سڌا خريدار نه آهن ۽ آبادگار پنهنجو فصل واپارين کي وڪڻي رهيا آهن. انهيءَ ڪري ربيع جي هن اهم فصل جون اهي قيمتون آبادگارن ۽ هارين کي نه ملي رهيون آهن، جيڪي اڳ صوبائي سرڪارون آبادگارن کي ادا ڪنديون هيون. کليل مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ گهٽ قيمت تي خريد ڪئي پئي وڃي.
آبادگار ۽ هاري انهيءَ ڪري ڳري نقصان هيٺ اچي ويا آهن. ملڪ جي ڳوٺن ۾ رهندڙ آبادي 64 سيڪڙو کان مٿي آهي ۽ انهن جي زندگي ۾ خوشحالي جو دارومدار زرعي آمدني تي آهي. ربيع جي فصل ۾ ڪڻڪ اسانجي کاڌ خوراڪ جي اهم ضرورت آهي. سنڌ ۽ پنجاب صوبن ۾ ڪڻڪ جي پيداوار وڏي پيماني تي ٿئي ٿي. پر حڪومت جي انهيءَ رويي جي ڪري اسانجي ملڪ جي آبادگارن ۽ هارين کي وڏو نقصان ٿيو آهي. هاڻي جڏهن ملڪ بظاهر پاڻيءَ جي کوٽ جو شڪار ٿيو آهي ته خريف جا فصل سڌو سنئون متاثر ٿيندا. ڇاڪاڻ جو پهرين سيپٽمبر 2024 کان 21 مارچ 2025 تائين پوري پاڪستان ۾ معمول کان 40 سيڪڙو گهٽ برساتون ٿيون آهن. سنڌ ۾ 62 سيڪڙو، بلوچستان ۾ 52 سيڪڙو ۽ پنجاب ۾ 38 سيڪڙو گهٽ برسات ٿي آهي. موسميات کاتي اها ڳالهه ڪئي آهي ته ضلعي دادو، ٿرپارڪر، ٺٽي، ڪراچي، بدين، حيدرآباد، عمرڪوٽ، گهوٽڪي، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو، سکر، خيرپور ۽ سانگهڙ سوڪهڙي جو شڪار آهن. اها موجود وقت ۾ پاڻي جي صورتحال آهي ته ويجهي مستقبل ۾ خريف جي فصلن لاءِ ضروري پاڻي دستياب ٿي سگهندو يا نه؟ پاڻيءَ جي انهيءَ صورتحال تي آبپاشي کاتي کي اسانجي آبادگار کي اعتماد ۾ وٺڻ گهرجي، جيڪڏهن پاڻي ٿورو دير سان ئي پهچي ٿو ته به آبپاشي جي صوبائي ۽ وفاقي اهلڪارن کي اڳواٽ آبادگارن کي اها ڳالهه ٻڌائڻ گهرجي. ماڻهو پاڻي کانسواءِ جي نٿو سگهي. ڇا ايندڙ مهيني سرڪار ماڻهن کي پيئڻ لاءِ پاڻي ڏئي سگهندي؟ هتي اها ڳالهه ڪجي ته پاڻيءَ جي موجوده صورتحال، کوٽ ۽ سوڪهڙي جي باوجود وفاقي سرڪار نوان ڪئنال ٺاهي رهي آهي. جڏهن ته پاڻي دريائن ۾ ئي ناهي. اها سرڪار خود پڌرائي ڪئي آهي ته ملڪ سوڪهڙي جو شڪار آهي. پوءِ نوان ڪئنال ڪيئن ٺهندا ۽ انهن لاءِ پاڻي ڪٿان ايندو. اسين وفاقي سرڪار ۽ صوبائي سرڪارن کي اهو ضرور چونداسين ته اهي ڪئنالن واري رٿا کي منسوخ ڪن، انهيءَ ڪري به ته جڏهن موجود دريائن ۽ ڪئنالن ۾ ئي پاڻي ناهي ته پوءِ نون ڪئنالن لاءِ پاڻي ڪٿان ايندو. سرڪار کي زراعت، آبپاشي ۽ ماحوليات جي ماهرن کان ماهرانه راءِ وٺڻي پوندي ته جڏهن واڌو پاڻي موجود ناهي ته ڪئنالن جي تعمير تي ڪثير رقم خرچ ڪرڻ گهرجي يا نه. موجوده سوڪهڙي جي صورتحال جي ڪري اسين اها ڳالهه ڪندا هلون ته سنڌ ۾ لاڙ جي ڪجهه ضلعن ۾ ڪپهه جي آڳاٽي پوک ٿيندي آهي، انهيءَ لاءِ پاڻي جي لپ به ناهي. اهي آبادگار ۽ هاري جيڪي ڪپهه جي قيمتي فصل سان ملڪ جي ڪپڙي جي صنعت ۽ کاڄرو تيل جي پيداوار ۾ مدد ڪن ٿا، اهو ٻطرفو نقصان آهي.
هڪ طرف ملڪ جي صنعت متاثر ٿيندي ۽ ٻئي طرف لاڳاپيل ضلعن جا آبادگار ۽ هاري متاثر ٿيندا. ڏک جهڙي ڳالهه آهي ته ڪپهه جهڙي قيمتي فصل لاءِ پاڻي موجود ناهي. سنڌ لاڙ پٽ جو آبادگار ۽ هاري خريف جي ڪپهه جي فصل لاءِ محروم آهي. فيبروري، مارچ مهينن ۾ انهيءَ جي پوکي جي تياري ٿيندي آهي، اها پوکي نه ٿي سگهي آهي. اهو مالي نقصان اتي جا آبادگار ۽ هاري شايد ئي پورو ڪري سگهن. اڳيان خريف جا فصل جيڪڏهن پاڻي آيو به ته دير سان ايندو ته سنڌ صوبي جي گهربل ايراضيءَ تي خريف جا فصل شايد نه ٿي سگهن. ڪپهه ۽ سارين جا اهم فصل جيڪڏهن متاثر ٿين ٿا ته سنڌ جو آبادگار ۽ هاري جيڪو اڳي ئي ڏکين مالي حالتن ۾ جي رهيو آهي وڌيڪ ڏکيائين کي منهن ڏيندو. وفاقي ۽ صوبائي سرڪارن کي آبادگار ۽ هاري جي مدد لاءِ اڳيان اچڻو پوندو. پاڻي جي صورتحال جيستائين بهتر ٿئي، تيستائين زراعت جي شعبي جي مدد ڪئي وڃي. سڀ کان پهرين ته ڪڻڪ جي امدادي قيمت بحال ڪئي وڃي ته جيئن اڄڪلهه لابارو ٿيندڙ ڪڻڪ جي بهتر قيمت آبادگار ۽ هاري کي ملي سگهي. زراعت جو شعبو جنهن جي بنياد تي اسان جو سماج بيٺو آهي، انهيءَ کي مدد جي ضرورت آهي. اسين اميد ٿا ڪريون ته وفاقي ۽ صوبائي سرڪارون زرعي شعبي جي آبادگار ۽ هارين جي هر طرح سان مدد ڪنديون، انهيءَ کانسواءِ ڪو ٻيو رستو ڪونهي.