بلاگخاصنئون

ڊيموگرافڪ انجنيئرنگ ۽ سنڌ

شروعات 1

هن وقت سنڌ ۾ هر طرف کان آواز اُٿي رهيو آهي ته ڌاري آبادڪاري کي روڪيو وڃي ۽ 1954 کانپوءِ آيل ماڻهن کي پُرامن ۽ باعزت طريقي سان پنهنجي وطن واپس ڪيو وڃي. ڇاڪاڻ ته سنڌ ڌاري آبادڪاري جو بار نٿي کڻي سگهي، پوءِ اُهو سياسي هجي، معاشي هجي ۽ سماجي هجي، اهو ياد رکڻ گهرجي ته جڏهن ڪو ٻاهريون ماڻهو اچي ٿو ته صرف فرد ناهي، پر هو پنهنجي ٻولي، مذهب، پنهنجي ثقافت ۽ پنهنجي نفسيات به ميزبان سماج ۾ منتقل ڪري ٿو ۽ اهو لازمي طور ميزبان سماج سان ٽڪراءُ ۾ اچي ٿو.
جيئن ته سنڌ انگريزن جي دور ۾ حقِ خُود اختياريت تحت صوبي طور ڪم ڪندي رهي ۽ ان کانپوءِ 1947 ۾ پاڪستان جي وفاق ۾ شامل ڪرائي وئي. جيئن پاڪستان لاءِ تحريڪ هلي ۽ پاڪستان ڪيئن ٺهيو اهو هڪ ڊگهو بحث آهي ۽ ان لاءِ مختلف رايا سياسي مارڪيٽ ۾ موجود آهن، پر اڄ جي ڪانفرنس ۾ منهنجو مضمون صرف سنڌ ۽ ڊيموگرافڪ انجنيئرنگ آهي. ان ڪري مون هن موضوع جي دائري ۾ ايندڙ حقيقتون پيش ڪيون آهن.
فيڊريشن ۾ خُود مختيار قومون پنهنجي وڏي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ گڏجي هڪ ملڪ ٺاهينديون آهن. هُو پنهنجي ڪجھ حقن کي پاسيرو ڪري گڏيل مفادن لاءِ سماجي معاهدو ڪنديون آهن ۽ ان سماجي معاهدي ۾ هُو پاڻ کي وڌيڪ سلامت ۽ فائدي ۾ رهڻ جو فيصلو ڪنديون آهن. جيئن آمريڪا، جرمني، هندستان ۽ پاڪستان آهي. فيڊريشن ۾ شامل ٿيڻ کانپوءِ به قومون پنهنجا حق برقرار رکنديون آهن. جيئن، ايراضي، (Territory) آبادي، وسيلا، ٻولي ۽ خود مختياري جهڙا حق شامل آهن.
2. ڊيموگرافڪ انجنيئرنگ ڇا آهي؟
ڊيموگرافڪ انجنيئرنگ هڪ علائقي يا ملڪ جي نسلي/ثقافتي آبادي جي توازن کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش آهي. خاص طور تي جڏهن نسلي/ثقافتي طور تي هڪ جهڙائيءَ واري آبادي کي وڌائڻ جي ڪوشش هجي يا ان کي اقليت ۾ تبديل ڪجي. ڊيموگرافڪ انجنيئرنگ انسانيت جي خلاف هڪ سنگين ڏوھ ۾ شامل آهي.
ڊيموگرافڪ انجنيئرنگ جا سڀ کان اهم هيٺيان طريقا آهن:
آبادي جي منتقلي
نسل ڪشي (Genocide)
نسلي صفائي (Ethnic Cleansing)
لڏپلاڻ جي ترغيب (Push & Pull)
نسلي تڪرار
آدمشماري جي نتيجن کي غلط قرار ڏيڻ
سرحدون ٻيهر ڪڍڻ
خاص آبادي گروپن جي پيدائش جي شرح ۾ تبديلي
زبردستي هجرت
بهرحال، نسل ڪشي ڊيموگرافڪ انجنيئرنگ جو هڪ انتهائي خوفناڪ روپ آهي.
ڊيموگرافڪ انجنيئرنگ تي Milica Zarkovic جو ڪتاب تفصيل سان 2013 ۾ شايع ڪيو ويو.
1 (Bookman, Milica Zarkovic (M. Z.) (2013). The demographic struggle for power: The political economy of demographic engineering in the modern world. Routledge. New York)
3. 1940 جي قرارداد ۽ سنڌ جو حقِ خُود اراديت
جيئن ته 1940ع ۾ پاڪستان مسلم ليگ جيڪا قرارداد پاس ڪئي جنهن کي قرارداد پاڪستان يا لاهور ريزوليشن 1940 چيو وڃي ٿو ان ۾ واضح لکيل آهي ته جيڪي به مسلم اڪثريت واريون رياستون (1946 ۾ هڪ رياست جي قرارداد پيش ڪئي وئي جنهن ۾ اوڀر بنگال، اولھ پنجاب، اين ڊبليو، ايف، ڪي، هاڻي ڪي پي ڪي، برٽش بلوچستان ۽ سنڌ تي مشتمل اسڪيم تجويز ڪئي وئي هئي) ان رياست ۾ شامل ٿيندڙ قومون جن کي وفاقي ايڪائي چيو وڃي ٿو اهي آزاد ۽ خُود مختيار رهنديون. 1 (In which the constituent units shall be autonomous and sovereign) هن قرارداد موجب پاڪستان ۾ جيڪي به فيڊريٽنگ يونٽس هوندا اهي آزاد ۽ خُودمختيار هوندا انهن جي ايراضي، نسلي آبادي، قدرتي وسيلا، ٻولي ۽ ثقافت ۽ خُود مختيار حڪومت محفوظ هوندي.
4. آگسٽ 1947 کان 2023 جو تجربو
آگسٽ 1947 ۾ هڪ اندازي مطابق سنڌ جي آبادي 4,535,008 هئي، جنهن ۾ ڪراچيءَ جو حصو 450,000 هو، پر آگسٽ 1947 کانپوءِ هندستان جي ماڻهن کي زوريءَ سنڌ ۾ رهائڻ شروع ڪيو ويو ۽ سنڌ جا اصلوڪا ماڻهو جن جو هندو مذهب سان تعلق هو انهن تي حملا ڪرائي اهڙو خوف وارو ماحول پيدا ڪيو ويو جو اُهي هندستان هليا ويا. جن جي لاءِ چئي سگهجي ٿو ته اها انهن سنڌي هندن جي Ethnic Cleansing هئي. 1941 جي آدمشماري ۾ ڪراچيءَ جو 61.22 سيڪڙو سنڌي ڳالهائيندڙ هئا ۽ اڳتي هلي انهن جو ڪراچي جي آبادي ۾ حصو گهٽبو ويو.
1 See https://en.wikipedia.org/wiki/Lahore_Resolution
2Populatin, Census Reports, Government of Pakistan 1901 to 1981
1955 ۾ 1940 جي قرارداد جي ڀڃڪڙي ڪري سنڌ مٿان ون يونٽ مڙهيو ويو ۽ ڪراچي شهر ۾ سيڙپڪاري جي موقعن جي ڪري باقي صوبن جي ماڻهن جي لڏپلاڻ ۾ سهولت پيدا ڪئي وئي. جنهنڪري ڪراچيءَ جي آبادي 1961 ۾ 906,377 لک وڌي وئي ۽ ان جي آدمشماري ۾ سنڌي ڳالهائيندڙن جو تعداد ڪراچيءَ ۾ 8.55 سيڪڙو هو.
1969 ۾ ون يونٽ ٽوڙيو ويو ۽ 1972 جي آدمشماري مطابق سنڌ جي ٽوٽل 14,155,909 آدمشماري هئي جنهن ۾ ڪراچيءَ جو حصو 1,068,459 هو.
هيٺئين جدول ۾ ڪراچي ۽ باقي سنڌ جي آبادي جو تناسب ڏسي سگهجي ٿو.
1973 جي آرٽيڪل 15 (چرپر جي آزادي، وغيره. هر شهري کي اهو حق هوندو ته هو عوامي مفاد ۾ قانون طرفان لاڳو ڪيل ڪنهن به معقول پابندي جي تابع رهي، پوري پاڪستان ۾ آزاديءَ سان گهمڻ، ڦرڻ ۽ ان جي ڪنهن به حصي ۾ رهڻ ۽ آباد ٿيڻ جو حق رکي ٿو) ۽ آرٽيڪل 23 (ملڪيت جي فراهمي. هر شهري کي، آئين ۽ قانون جي طرفان عوامي مفاد ۾ لاڳو ڪيل ڪنهن به معقول پابندي جي تابع رهي، پاڪستان جي ڪنهن به حصي ۾ ملڪيت حاصل ڪرڻ، رکڻ ۽ تصرف ڪرڻ جو حق هوندو،) جي موجودگيءَ ۾ ٻين صوبن ۽ ٻين ملڪن جي آبادي ڪراچيءَ ۾ شفٽ ٿيندي رهي. ۽ ائين 2023 جي آدمشماري مطابق سڄي سنڌ جي آبادي 55,696,147 ٿي وئي ۽ ڪراچيءَ جي آبادي وڌي هاڻي 20,382,881 ٿي وئي آهي.
5. ٻولين جي ورڇ
هر آدمشماري ۾ مختلف ٻولين ڳالهائڻ وارن جو تعداد معلوم ڪيو ويندو آهي. ۽ ان سان مختلف علائقن مان لڏپلاڻ ظاهر ٿيندي آهي. مثال طور: 1941 جي آدمشماري ۾ سنڌ ۾ 90 سيڪڙو سنڌي ڳالهائيندڙ هئا. جيڪي گهٽجي 2023 جي آدمشماري ۾ 60 سيڪڙو ٿي ويا آهن. پشتو ڳالهائيندڙ 1941 ۾ هڪ سيڪڙو هئا جيڪي 2023 ۾ اٽڪل 4 سيڪڙو ٿي ويا.
هيٺين ٽيبل ظاهر ڪري ٿي ته ڪيترو تيزيءَ سان سنڌي ڳالهائڻ وارن جو تعداد گهٽبو وڃي ٿو. انهيءَ ڪري سنڌ جا سنڌي ماڻهو لڏپلاڻ جي خلاف آهن.

6. سنڌ اسيمبليءَ جون صوبائي سيٽون 1970 کان 2024
وقت سان گڏ آباديءَ ۾ واڌ ڪري سنڌ اسيمبليءَ جون صوبائي سيٽون وڌنديون رهن ٿيون ۽ پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 106 مطابق سنڌ اسيمبلي جون جنرل سيٽون 130 آهن. جن تي چونڊ ٿيندي آهي. مثال طور؛ 1969 ۾ جڏهن ون¬ يونٽ ٽوڙيو ويو ان وقت 1970 ۾ ڪل جنرل سيٽون 60 هيون. جنهن ۾ 15 ڪراچي لاءِ رکيون ويون ۽ باقي سنڌ لاءِ 45 جو تعداد مقرر ڪيو ويو ۽ سيڪڙي جي حساب سان 25 سيڪڙو ڪراچيءَ لاءِ ۽ 75 سيڪڙو باقي سنڌ لاءِ تناسب بيهي ٿو.
2024 جي چونڊ مطابق سڄي سنڌ لاءِ جنرل سيٽون 130 آهن جن مان ڪراچيءَ جي لاءِ 47 ۽ باقي سنڌ لاءِ 83 مقرر آهن. سيڪڙي جي حساب سان ڪراچيءَ لاءِ 36 سيڪڙو ۽ باقي سنڌ لاءِ 64 سيڪڙو مقرر آهن. هيٺين ٽيبل مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڪراچي شهر جنهن ۾ وڌ ۾ وڌ لڏپلاڻ ٿئي ٿي ان جي سياسي طاقت 36 سيڪڙو باقي سڄي سنڌ ۾ گهٽجي 64 سيڪڙو وڃي بچي آهي.
هيٺين جدول مان ظاهر ٿئي ٿو ته وقت سان گڏ ڪراچي ۽ باقي سنڌ جي سياسي طاقت ۾ ڪيئن ڦيرو اچي رهيو آهي.

7. آبادي جي سالياني واڌ
جيئن 2023 جي آدمشماري مطابق سنڌ ۾ آبادي جي واڌ 2.571 آهي ۽ ڪراچيءَ
Bureau of Statistics, Government of Pakistan. April 11, 2024 https://www.pbs.gov.pk/sites/default/files/population/2023/Sindh.pdf
جي ان واڌ کان وڌيڪ 4.101 آهي. ڇاڪاڻ ته ٻين صوبن ۽ ٻاهرين ملڪ جي لڏپلاڻ جاري آهي. اهوئي سبب آهي ته ڪراچيءَ جي آباديءَ ۾ تيزيءَ سان واڌ ٿيندي رهي ٿي. سنڌ ۾ ڪراچيءَ جي ترقي باقي سنڌ کان وڌيڪ آهي. ان ڪري آباديءَ جي لڏپلاڻ به ڪراچيءَ ڏانهن ٿئي ٿي. جيڪڏهن اهو رجحان رهيو ته ڪجھ سالن کانپوءِ ڪراچي جي آبادي باقي سنڌ کان وڌي ويندي. ان واڌ جو سنڌ جي سياسي طاقت تي اثر ڪيترو ٿي سگهي ٿو. اهو هرڪو باشعور ماڻهو اندازو لڳائي سگهي ٿو. 2023 ۾ سڄي سنڌ ۾ سنڌي ڳالهائڻ وارن جو تعداد 59.732 سيڪڙو آهي ۽ ايندڙ وقت ڪراچي جي واڌ ۾ خود بخود سنڌين جو تعداد 50 سيڪڙو کان گهٽجي ويندو.
8. پڄاڻي
مٿئين بحث مان ثابت ٿئي ٿو ته پاڪستان 1947 ۾ ٺهڻ کانپوءِ سنڌ کي وفاقي ايڪي طور تسليم نه ڪيو ويو آهي. هندستان مان سنڌ ۾ ماڻهن جي لڏپلاڻ ڪرائڻ، ڪراچي کي جدا ڪرڻ ون يونٽ مڙهڻ، گهڻو ڪري ڪراچيءَ ۾ سيڙپڪاري ڪري ترقي وٺرائڻ. 1973 جي آئين جي آرٽيڪل 15 ۽ 23 جي سهولت ذريعي ٻين صوبن ۽ ٻين ملڪن مان ماڻهن جي سنڌ ۾ آباد ڪري هي طريقي ڪار استعمال ڪري سنڌ ۾ ڊيموگرافڪ انجنيئرنگ تي عمل ڪري سنڌي ٻولي ڳالهائڻ وارن جي آبادي گهٽ ڪئي وڃي ٿي. مثال طور: 1941 جي آدمشماري ۾ 90 سيڪڙو سنڌي ڳالهائيندڙ هئا. اڄ اهي 2023 ۾ انهن جو تعداد گهٽجي 60 سيڪڙو ٿي ويو آهي. مجموعي طور سنڌ ۾ آباديءَ جي واڌ 2.57 ان جي مقابلي ۾ ڪراچيءَ ۾ آباديءَ جي واڌ 4.10 جي موجودگيءَ ۾ ڪجھ سالن ۾ سنڌي ڳالهائڻ وارن جو تعداد اقليت ۾ تبديل ٿي ويندو، جيڪو انسانيت جي خلاف ڏوھ آهي ۽ ڊيموگرافڪ انجنيئرنگ جو مڪمل مثال آهي.
1 Bureau of Statistics Report. Government of Pakistan April 12, 2024
2 Population Census 2023, https://www.pbs.gov.pk/sites/default/files/population/2023/Sindh.pdf
ضروري آهي ته آئين جو آرٽيڪل 15 ۽ 23 کي سنڌ ۾ 20 سالن تائين معطل ڪيو وڃي. ٻاهرين صوبن ۽ ملڪن جي ماڻهن کي واپس موڪليو وڃي. ڪچين آبادين کي خاص ڪري ڪراچيءَ ۾ انهيءَ کي سختيءَ سان نظر ۾ رکيو وڃي، ته جيئن ٻين صوبن يا ملڪن جا ماڻهوغيرقانوني طور آباد نه ٿين. ڊوميسائل ۽ پي آر سي جي قانون تي سختيءَ سان عمل ڪيو وڃي ۽ آخر ۾ سنڌ ۾ خانگي شعبي لاءِ قانون ٺاهيو وڃي ته هو ٻين ملڪن ۽ ٻين صوبن جي ماڻهن کي نوڪري ڏيڻ لاءِ سنڌ حڪومت کان اجازت نامو وٺن.
[هن مضمون جو تتُ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي قومي ڪانفرنس (20 اپريل 2024) ۾ پيش ڪيو ويو.]