16 آڪٽوبر، 1982
مان هاڻ عمر جي ان حصي ۾ پهچي چڪو آهيان، جتان کانپوءِ نوجواني جي حد ختم ٿي، پيري وارو دور شروع ٿو ٿئي. 38 يا 40 سالن تي پهچي ويو آهيان ۽ هاڻ مان ڏسي رهيو آهيان ته منهنجو جسم، عضوا ۽ وار به جواني جا آثار ڇڏڻ لڳا آهن. ڏاڙهي ته اڌ کان مٿي اڇي ٿي چڪي آهي. هاڻ جسم ۾ اها طاقت به ڪانه رهي آهي. محنت واو معمولي ڪم به سهڪايو ڇڏي. ٻه چار ڀيرا مُڇن کي خضاب جو رنگ لڳايم، پر پوءِ اهو سڀ مونکي فضول لڳو ۽ ڇڏي ڏنم. سوچيان ٿو ته وقت کي روڪڻ واري ڪوشش اجائي آهي.
زندگي جو هيترو وقت ته اطمينان ۽ سڪون سان گذريو آهي، ان ۾ ڪابه اهڙي خاص تڪليف يا ڏک ڪونه ڏٺو اٿم. شال باقي وقت به اهڙي طرح گذري ته چڱو. هن وقت فڪر صرف ٻارن جو آهي. ٻه نياڻيون آهن ۽ ٻه پٽ. هاڻ صرف فڪر آهي ته ٻارن جو، ته انهن جون شاديون مراديون ڪري اهو فرض به پورو ڪريان ته اطمينان ٿئي. باقي مان ۽ منهنجي زال رضيه اسان کي پوءِ ڪوبه فڪر نه آهي. ارادو اهو آهي ته ٻارن جا فرض پورا ڪري ڪم ڌنڌا به ڇوڪرن حوالي ڪريان ۽ پوءِ سڪون سان وڃي تعليم ۽ مطالعي جي ڪم ۾ لڳان. منهنجي انتهائي آرزو اها آهي ته پنهنجي زندگي جا باقي ڏينهن لکڻ ۽ پڙهڻ واري عمل ۾ گذاريان. انشاءَالله ائين ئي ڪندس.
***
23 آڪٽوبر، 1984
اڄ جي دردناڪ خبر، ايٿوپيا ۾ تاريخ جو بدترين ڏڪار. انهي خوفناڪ ڏڪار ۾ هر پندرنهن منٽن ۾ هڪ ماڻهو مري رهيو آهي. اها خبر ۽ ساڻ ٽي.ويءَ تي فلم ڏسي، منهنجو به اندر جُري پيو آهي. فلم ۾ ڏڪاريل علائقي ۾ ماڻهن جا ميڙ ڏيکاريل هئا جن جا جسم سڀ ڳري ڪنڊا ٿي ويا هئا، خاص طور تي معصوم ٻارڙا، انهن جا هڏاوان پڃرا ٿيل جسم ڏسي انسانيت جو ڪنڌ شرم کان جهڪيو وڃي. رپورٽر اُتي جو احوال ٻڌايو ته کليل ميدانن ۾ بُکن جا ماريل انسان جتي ڪٿي ڪريا پيا آهن ۽ ٻارڙا مسلسل روئن ٿا پيا، پر انهن جي روئڻ جي آواز ۾ به طاقت نه رهي آهي. مائٽ اڪثر مٿا گوڏن ۾ ڏيو ويٺا آهن ۽ اهي سڀ ماٺ ۾ آهن، ڪُڇڻ پڇڻ يا احتجاج وغيره ڪونه ٿا ڪن. بس خاموشي سان مرن پيا. هڪڙا مرن پيا. ٻيا انهن کي ڏسيو انتظار ۾ آهن ته ڪجهه دير ۾ هنن جو وارو به ايندو. مائٽ، مرندڙ ٻارن جا لاش پنهنجين ڇاتين سان لڳائي روئي رهيا آهن.
***
30 نومبر، 1984
اندرا گانڌي کي اڄ قتل ڪيو ويو آهي، سڄي دنيا جو ۽ خاص طور تي برصغير جو المناڪ ترين واقعو اڄ ٿي گذريو آهي. ٻن سک محافظن اڄ صبح جو جڏهن مسز گانڌي پنهنجي سرڪاري رهائشگاهه مان نڪري، پاسي ۾ واقع آفيس ڏانهن پنڌ وڃي رهي هئي، ان وقت سندس محافظن مشين گن جا فائر ڪيا، کيس سورنهن گوليون لڳيون، هن کي اسپتال پهچايو ويو. ڊاڪٽرن فوري طور تي رت ڏنو ۽ گوليون ڪڍيون، پر هوءَ بچي نه سگهي.
مسز گانڌي دنيا جي هڪ اهم حڪمران هئي. هن جو قتل تاريخ جو دردناڪ واقعو آهي.
هن المناڪ واقعي تي سڄي دنيا ۾ ڏک ۽ غم جي لهر ڊوڙي ويئي آهي. تمام حڪمرانن شديد رنج جو اظهار ڪيو آهي ۽ زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. برصغير جي عوام جون دليون رت روئي رهيون آهن، پنهنجي هن همدرد ليڊر جي قتل تي هندستان جون ڪجهه جاتيون خوش به آهن.
مسز اندرا گانڌي جي پٽ راجيو گانڌي کي هن جي جاءِ تي فوري طور هندستان جو وزيراعظم مقرر ڪيو ويو آهي.
بهرحال اڄ اها خبر ٻڌي ڏاڍو ڏک ٿيو ته ڪنهن به سياسي رهنما جو ائين قتل نه ٿيڻ گهرجي. اندرا گانڌي جهڙا ليڊر دنيا ۾ گهٽ پيدا ٿيندا آهن.
***
18 آگسٽ 1992
لڳي ائين پيو ته ڪوڙ، ڪُپت ۽ دهشت جي سازشن سان کڙو ڪيل هي سماج مسلسل لوڏن ۾ آهي ۽ هاڻ ته ڪوڙ ڪپت دهشت وارا مُنافقي جا اڏوهي کاڌل بنياد به سڙي ناڪارا ٿيندا پيا وڃن ۽ هي سڄي شيطاني عمارت مسلسل پئي ڀڄي ۽ ڀري ٽُٽي ۽ ڪِري. تنهن کي ڦورو حڪمران هر وقت بچائڻ لاءِ پيا ٿوڻيون ۽ ٿنڀا ڏيڻ جي ڪوشش ڪن، پر بنياد کاڌل، سڙيل پايا ۽ مصنوعي ۽ ڪوڙا، ٿنڀا يا ضامن آخر ڪيترو وقت جهلي سگهندا؟؟
هن سڄي عمارت کي شروع کان ئي سازشن ۽ مفادن واري غلط ۽ غير فطري انداز ۾ ٺاهيو ويو هو. ڀلا جنهن عمارت ۾ سيمنٽ، ريتي، سِرون ۽ لوهه استعمال ڪرڻ جي بجاءِ، باهه پاڻي ۽ ڪاغذن کي استعمال ڪيو وڃي ته ان جو نتيجو ڪهڙو ٿيندو؟ قدرت ۽ فطرت جي قانونن ۽ اصولن جي خلاف عمل هميشه عارضي ثابت ٿيندو آهي. هتي به ائين ئي پيو ٿئي ۽ هاڻ دنيا جي تيزيءَ سان بدلجندڙ حالتون هتي به تيزيءَ سان اثر انداز پيون ٿين ۽ صاف پيو ڏسجي ته ظالم ۽ منفي قوتون جتي ڪٿي، هر ميدان ۽ محاذ تي ڪمزور ٿينديون پيون وڃن. بلڪه دفاعي پوزيشن ۾ وڙهي رهيون آهن ۽ هر ڏينهن هر ڪلاڪ ۾ سچ ۽ حق جون قوتون ڪامياب ٿينديون اڳتي وڌي رهيون آهن.
***