نظم
بخشل باغي
وطن جي مُحبت نه مَرندي ڪڏهن
مٽيءَ جو رهي موھ ٿو ساھ ۾
جيئن ڪُن ڪَڙڪاٽ درياھ ۾
تيئن نيٺ سُهڻي به تَرندي ڪڏهن
وطن جي مُحبت نه مَرندي ڪڏهن
وطن جي مُحبت نه مَرندي ڪڏهن
رهي جُهور ڀي ٿي جوانن جيان
اَٽل آ سدا آسمانن جيان
ڪٿي ڏونگرن کان آ ڏَرندي ڪڏهن
وطن جي مُحبت نه مَرندي ڪڏهن
وطن جي مُحبت نه مرندي ڪڏهن
رهي آهي ڌرتيءَ جي رَکوال ٿي
هي لوئي اَباڻيءَ جي لَڄپال ٿي
اِها تَند تَپندي نه ٺَرندي ڪڏهن
وطن جي مُحبت نه مَرندي ڪڏهن
وطن جي مُحبت نه مَرندي ڪڏهن
اِها ڏاڍ ڏائڻ کي ڏَهڪائيندي
اِها رَت سان مينديءَ کي مَهڪائيندي
چِڻنگ مان ڀَڀڙ ٿي هي ٻَرندي ڪڏهن
وطن جي مُحبت نه مَرندي ڪڏهن
وطن جي مُحبت نه مَرندي ڪڏهن
لهوءَ سان ٻَري ٿي هي لِلاٽ تي
نه وِرچي آ ويٺي ڪڏهن واٽ تي
اِنهيءَ کانسوا ڪين سَرندي ڪڏهن
وطن جي مُحبت نه مَرندي ڪڏهن
وطن جي مُحبت نه مَرندي ڪڏهن
وطن جي مُحبت جيئاريو ڇڏي
مِٽيءَ مان به ميڙيو اُٿاريو ڇڏي
اِنهيءَ ريت سان ئي آ وَرندي ڪڏهن
وطن جي مُحبت نه مَرندي ڪڏهن
***
غزل
وسيم سومرو
چون ٿا وقت وهمي هو چون ٿا واٽ وهمي هئي
هوا ۾ ٿرٿرائي پئي، ڏيئي جي لاٽ وهمي هئي
اڱڻ حيران رهندو هو، پکين کي ماٺ لڳندي هئي
نويلي ڇوڪري گهر ۾ گهڙيندي گھاٽ وهمي هئي
مَٽيون پئي جهونڙي جايون ڀڄڻ جي خوف کان هر هر
ڇپر ۾ مينهن جي آئي پئي ڪا ڇاٽ وهمي هئي
ڪٿي ملان، ڪٿي پنڊت، اڃان ويتر منجھائي هئي
ڪچي بستي ٿيل جا شهر جي اڳواٽ وهمي هئي
ڇڏي ماني سمورا ٻار ششدر ٿي ويا کٽ تي
اکيون شيڪي ٻليءَ ڪئي اوچتو ککراٽ وهمي هئي
هٿن جون هي لڪيرون صاف آئيني جيان آهن
اسان جي ڀاڳ جي ڪيئن مان چوان للاٽ وهمي هئي
پرھ جي ويل ٿڌڙيءَ ۾ وسيم آڪاس مان سنهڙي
ڇڻي پئي جا گلابن جي مٿان ڇا ماٽ وهمي هئي؟
***
ساحر راهو
ڪنھن جي صليب ڪنھن جي، سنگسار جو قِصو،
مسند اڳيان جُهڪڻ کان، اِنِڪار جو قِصو.
دل جي اڪيل پائي، خودِ جي تياڳ يا،
دل جو سماج ۾ آ، ڪردار جو قِصو.
هر رُوپُ ۾ آ ڀوڳيو، اي دل هِجِر اسان،
هر ويل زندگي آ، ٻاڪار جو قِصو.
ترتيب زندگيءَ کي، ڏيئي سگهيس ڪٿي،
ميڙڻ وجود جو آ، آزار جو قِصو.
فِرقن ۽ مسلڪن کان، باغي هُجڻ ڪري،
پاڳل بڻيو آ رونقِ، بازار جو قِصو.
تنھن جي چپن جي لرزش، منهنجي چپن تي آ،
دل جو سُفيد ڪينوس، شهڪار جو قِصو.
چهرو ڪِروڌي تنهنجو، پاهڻ جو رُوپُ من،
مُسڪان تنهنجي ٿيندي، گُلزار جو قِصو.
آئي نه ننڊ پل کن، مخمور چاندنيءَ،
ڇِيڙيو نِبار تنهنجي، هو سار جو قِصو.
خالي پڻو اسان جي، ساحر وجود جو،
آهي ازل ابد کان، سنسار جو قِصو.
***
“سائل” مظهر عباس منڌرو
سالن کان آ من وساڻو او آيل
منهنجو ڪهڙو ٿاڪ ٺڪاڻو او آيل
بابي جي دهانت کانپوءِ ڀاءُ شرابيءَ
ڏنو مون کي مڙس به ڪاڻو او آيل
منهنجي ڇاتي ڇهي پوءِ سيٺ لڳايو
جسم جو ڪل پنج سئو ناڻو او آيل
ڪاش هجان ها مومل وانگي مانائتي
ڪاش هجي ها منهنجو راڻو او آيل
آئون هندن جي ڳوٺ سڄي ۾ سهڻي پر
پيٽ ڀرڻ لاءِ ناهي داڻو او آيل
روز مون کي ماري ٿو گهر جي گهرجن تان
تنهنجو ناٺي منهنجو ماڻهو او آيل
هڪڙو ڀيرو پاڻ خدا جي مون کي ملي
ڏيکارينديس ساڳ هي ساڻون او آيل
***
غزل
رزاق “راز” خاصخيلي
چاهتون مروتون ڪاغذي گل جيان
اڄ جو سڀ صحبتون ڪاغذي گل جيان
من جي موسم تي جي درد ڇانيل هجي
سال جون سڀ رتون ڪاغذي گل جيان
نار جي اٺ جيان زندگي پئي ڦري
فرصتون فرحتون ڪاغذي گل جيان
سهپ ساٿين منجهان موڪلائي وئي
هاڻ هڙ حجتون ڪاغذي گل جيان
ويا ٽٽي سڀ ڀرم ڀروسا واسطا
پيار جون سڀ پَتُون ڪاغذي گل جيان
ناهي احساس جي ڪابه خوشبوءِ رهي
پاڻ هلندا وتون ڪاغذي گل جيان
ڪابه رشتن ۾ ناهي سرهائي رهي
راز سڀ رغبتون ڪاغذي گل جيان.
***