نئون

آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي آءِ ٽي آڏو پيش

اڳوڻي صدر ۽ پيپلز پارٽي پارليامينٽيرين جو صدر آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ ڪالهه جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿيا. جي آءِ ٽي جي ٽيم ٻنهي ڄڻن سان ڌار ڌار ملاقات ڪئي. خبرن موجب فريال ٽالپر جي آءِ ٽي جي سوالن جا جواب ڏيڻ لاءِ وقت گهريو آهي. جڏهن ته آصف زرداري ڪافي ڪاوڙ ۾ هو ۽ سوالن جا جواب ڏيڻ مهل رکا جواب ڏيندو رهيو. واضح رهي ته ڪالهوڪي ملاقات لاءِ آصف علي زرداري، سندس ڀيڻ ۽ سندس پٽ بلاول ڀٽو زرداري کي پنج ڏينهن اڳ جي آءِ ٽي سان ملاقات لاءِ گهرايو ويو هو. جڏهن ته بلاول ڀٽو زرداري جي آءِ ٽي آڏو پيش نه ٿيو هو، جنهن بابت جي آءِ ٽي پاران اهو امڪان ظاهر ڪيو پئي ويو ته هو اڄ خميس ڏينهن جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿيندو.