بلاگنئون

ڊائري جا ورق

ڪنهن ڪنهن جي سپنن جو گهاتڪ نه ٿي. هن جا سپنا به تنهنجي سپنن جيترائي سندر آهن.
***
بکئي مالدار کي چيو، “تون جيڪڏهن مون کي ماني ڳڀو کارائين، ته مان توکي پنهنجي حصي ۾ آيل جنت ڏيڻ لاءِ تيار آهيان”.
***
اسان کي اهو اعزاز حاصل آهي ته اسانجي وڏڙن اڄ کان پنج هزار سال اڳي اعليٰ منصوبه بندي جو شاهڪار ۽ تهذيب و تمدن سان ڀرپور شهر موهن جو دڙو اڏيو جڏهن ته اُن وقت ۾ باقي دنيا اڻ سڌريل ۽ غير تهذيب يافته هئي!؟
اسان کي اهو به اعزاز حاصل آهي ته اڄ 21 صدي ۾ اسانجي انتهائي تهذيب يافته ۽ جديد علم سان روشناس اڪابرن/ماهرن موهن جي دڙي جهڙا خوبصورت شهر اڏڻ ته پري جي ڳالهه، پر ٺهيل ٺڪيل شهرن کي به کنڊرن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي.
***
عام طور تي نه ماڻهو جي منفي رويي لاءِ استعمال ٿيندو آهي، پر اهو اکر نه ئي آهي، جيڪو زندگي/سماج جي يڪسانيت ۽ معمول کي تبديل ڪري ٿو ۽ ماڻهو جي رويي ۽ انداز ۾ تبديل آڻي ٿو. جيڪو نه (انڪار) ڪري ٿو اُن مان مراد مروجه سماج کي قبولڻ کان انڪار آهي ۽ اُن جي نه ئي هن سماج کي تبديل ڪري ٿي. تنهن ڪري انهي نه کي توهان منفي طور نٿا وٺي سگهو. بلڪه اِها انهي ها کان سوين ڀيرا بهتر آهي. جيڪا ماڻهو جي معمول جي زندگي (يڪسانيت) کي قبول ڪري ٿي ۽ جنهن سان سماج ۾ تبديلي نٿي اچي ۽ ڪجهه نئون نٿو جڙي (تخليق ٿئي).

***
اهي جيڪي پنهنجي سيني ۾ ڪائنات جون سموريون حسناڪيون سموئي جيئن ٿا، اُنهن لاءِ هر ڏينهن هيپي ويلنٽائن ڏينهن جيان آهي.
***
هڪ سيمينار ۾ مون کي هڪ ناليواري اسڪالر کي ٻڌڻ جو موقعو مليو. هو ڀٽائي صاحب کي خراج عقيدت پيش ڪندي اُنجا معجزا ڳڻائي رهيو هو ته ڪيئن نه ڀٽائي آسوندن کي پٽ ۽ بيمارن کي شفا عطا ڪري ٿو.
مون اندر ئي اندر ۾ ڀڻڪيو: “گڏهه جيڪو ڪتابن سان سٿيل آهي ڪيئن نه پنهنجي ذهانت جون هينگون ڏيئي رهيو آهي.”
***
مئٿميٽڪس جي حساب سان
-×-=+
پر منهنجي مئٿس/لاجڪ جي حساب سان خيال =-ve خيال ×-ve خيال -ve
اُهو ڪڏهن به مثبت ٿي ئي نٿو سگهي.
مئٿميٽڪس جي حساب سان
-×+=-
پر مان ثابت ڪري سگهان ٿو ته
-×+=+
مثال طور – مان مراد خراب ۽ + مان مراد سٺو، هاڻ جيڪڏهن خراب سٺي سان ملندو ته نتيجو منفي (-ve) ايندو، پر اِهو سڄو به صحيح ناهي. جيڪڏهن سٺو خراب سان لاڳاپو رکندو ته نتيجو مثبت (+ve) به اچي سگهي ٿو. اُن لاءِ سنڌي ۾ به هڪ چوڻي آهي ته ڪارو گڏ قمري سان، رنگ نه مٽي ته اوساڻ ضرور مٽي.
***
پيار هڪ پاڙ وانگر آهي، اُها جتي ۽ جيستائين به ڦهلي ٿي سونهن سان ڀرپور هجي ٿي ۽ ڏاهپ ميوي وانگر آهي، جيڪو پيار جو ڳر آهي ۽ ذائقي سان ڀرپور آهي.
***
ميران جو گرڌر مان آهيان.
***
ڪنهن پڇيو: “خلقڻهار ڇا آهي؟”
مون وراڻيو: “تو وٽ ته الاهجي ان جي ڪهڙي معنيٰ آهي، پر مون وٽ اُن جو مطلب آهي. پيار ۽ ڏاهپ جو ميلاپ”
***
توهان ڀلي پنهنجي شاندار ماضي ۽ تهذيب تي فخر ڪريو، پر دنيا ۾ تيستائين پنهنجو نالو ڪمائي نٿا سگهو. جيستائين توهان وٽ مستقبل لاءِ ڪا بهتر منصوبابندي ناهي.
***