نئون

آمريڪا ۾ سنڌ ٽورڻ لاءِ ٿيل ڪيمپين

آمريڪا ۾ پاڪستاني سفير اعتزاز چوڌري پاران هڪ ٽي وي انٽرويو ۾ چيو ويو آهي ته جن عنصرن پاران ڪراچي جو امن برباد ڪيو ويو   اهي ئي هاڻي آمريڪا ۾ ڪراچي جي عليحدگي جي ڪيمپين ڪري رهيا آهن. اسان کي خبر آهي ته انهن جي هن عمل پويان پرڏيهي ناڻو ڪم ڪري رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته هن قسم جا عنصر آمريڪا جي اجتماعي سوچ کي نٿا پيش ڪن ۽ نه ئي وري پاڪستان کان ڪو فيصلو ڪرائي سگهن ٿا. انهن کي ذلت واري هار ملي آهي ۽ انهن جي سازش کي ماڻهن آڏوآندو ويو آهي. انهن کي ڪهڙي خبر ته ڪراچي ۾ ڇا ٿي رهيو آهي. اهي اچي ڏسن ته ڪراچي ۾ ڪاروبار هلي رهيو آهي ۽ اتي امن قائم آهي.

 واضح رهي ته گذريل ڏينهن  آمريڪا جي شهرن نيو يارڪ، واشنگٽن ۽ شڪاگو ۾ ڪجهه ٽيڪسين  ۽ ڪجهه بل بورڊز تي ڪراچي جي عليحدگي جا بينر لڳايا ويا هئا.