خاص

فاطمه قتل ڪيس، حنا شاهه ضمانت جو مدو پورو ٿيڻ باوجود عدالت سان رابطو نه ڪيو

راڻيپور جي حويلي ۾ تشدد ڪري قتل ڪيل ٻارڙي فاطمه جي قتل ڪيس ۾ نامزد حنا شاهه ضمانت جو مدو پورو ٿيڻ باوجود عدالت سان رجوع نه ڪيو. قتل ڪيس ۾ گرفتار مک جوابدار اسد شاهه جي گهرواري حنا شاهه جي 7 ڏينهن جي ضمانت جو مدو گذريل ڏينهن پورو ٿي ويو هو. ضمانت جو مدو پورو ٿيڻ تي روپوش ٿي ويل حنا شاهه کي پوليس گرفتار نه ڪري سگهي. شهيد فاطمه جي امڙ شبنم ڦرڙو حنا شاهه جي پيءُ فياض شاهه کي به ڪيس ۾ نامزد ڪرڻ لاءِ راڻيپور ٿاڻي تي درخواست ڏئي ڇڏي. درخواست ۾ شبنم چيو آهي ته مون پنهنجي ڌيءَ فياض شاهه حوالي ڪئي هئي، فياض شاهه فاطمه کي پنهنجي ڌيءَ حنا شاهه جي حوالي ڪيو هو.