سمورا ادارا ريئل اسٽيٽ جو ڪاروبار ڪري رهيا آهن، هي مفادن جو ٽڪراءُ آهي: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ريمارڪس ڏنا آهن ته سمورا ادارا ريئل اسٽيٽ جو ڪاروبار ڪري رهيا آهن هي تمام وڏو مفادن جو ٽڪراءُ آهي. رپورٽ موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ انٽيليجنس بيورو آفيسرن جي هائوسنگ سوسائٽي جا معاملا هلائڻ ۽ آءِ بي ڪوآپريٽو سوسائٽي جي ڪوآرڊينيٽر جي مقرري خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. آءِ بي جي وڪيل جواب جمع ڪرائڻ جي لاءِ مهلت جي استدعا ڪئي جيڪا عدالت منظور ڪري ورتي. چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ اطهر من الله آءِ بي جي وڪيل کي چيو ته مطمئن ڪريو ته سرڪاري آفيسر ڪيئن ريئل اسٽيٽ جي ڪاروبار کي ڏسي سگهي ٿو. ڇا آءِ بي جا آفيسر اهڙي طرح جي ڪاروبار ۾ ملوث ٿي سگهن ٿا؟ هي ڇا هلي رهيو آهي. هي هڪ سنجيده مسئلو آهي. وزيراعظم جي صلاحڪار شهزاد اڪبر به ان حوالي سان هڪ رپورٽ پيش ڪئي هئي سمورا ادارا ريئل اسٽيٽ جو ڪاروبار ڪري رهيا آهن هي تمام وڏو مفادن جو ٽڪراءُ آهي. جڏهن ادارا ڪاروبار ۾ ملوث هجن ته ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي (سي ڊي اي) جي همت آهي ته هو انهن کي ڪجهه چئي. پوري اسلام آباد ۾ سمورا ادارا ريئل اسٽيٽ جي ڪاروبار ۾ ملوث آهن. عدالت آءِ بي سي کان جواب طلب ڪندي ٻڌڻي جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ياد رهي ته سارنگ خان نالي درخواست ڏيندڙ آءِ بي ڪوآپريٽو سوسائٽي جي ڪوآرڊينيٽر جي مقرري کي چيلينج ڪيو هو.

