خاص

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي متحده عرب امارات روانو ٿي ويو، اهم اڳواڻن سان ملاقاتون ڪندو

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي متحده عرب امارات جي ٻن ڏينهن جي دوري تي دبئي پهچي ويو.

دبئي انٽرنيشنل ايئرپورٽ  پهچڻ تي دبئي ۾ پاڪستان جي قونصل جنرل احمد امجد علي، سفارت خاني جي سينئر آفيسرن ۽ اماراتي پرڏيهي وزير جي سينئر اختيارين پرڏيهي وزير جي آجيان ڪئي. پرڏيهي وزير پنهنجي ٻن ڏينهن جي دوري دوران متحده عرب امارات جي اعليٰ اڳواڻن سان ملاقاتون ڪندو جن ۾ ٻطرفن لاڳاپن، پاڪستان ۽ متحده عرب امارات وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي تعاون کي هٿي ڏيڻ سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي متحده عرب امارات ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي سان ملاقات ڪندو. اميد آهي ته پرڏيهي وزير جي هن دوري سان پاڪستان ۽ متحده عرب امارات جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. پرڏيهي وزير جو اهو دورو مسلمان ملڪن سان گڏ اعليٰ سطحي رابطن کي هٿي ڏيارڻ لاءِ اهم قدم آهي.