نئون

آلوده پاڻي جي ڄاڻ ڏيندڙ ڪاغذ تيار

آلوده پاڻي جي ڄاڻ ڏيندڙ ڪاغذ تيار

برطانيه جي يونيورسٽي آف باٿ جي ماهرن پاران اهڙو ڪاغذي سينسر ايجاد ڪيو ويو آهي جنهن جي مدد سان پاڻي جي آلودگي جانچي سگهجي ٿي. هن قسم جي ڪاغذ سان نه صرف غريب ماڻهو پر سياحت سان تعلق رکندڙ  ماڻهو به فائدو وٺي سگهن ٿا. هي ڪاغذ بلڪل لٽمس پيپر وانگر ڪم ڪندو.ياد رهي ته لٽمس پيپر اسڪول ۽ ڪاليجن جي ليبارٽرين ۾ عام استعمال ٿيندو آهي. هن ڪاغذ کي آلودا پاڻي ۾ وجهڻ سان هي  ان جي تيزابيت سان رنگ بدلائي ڇڏيندو آهي. هن ڪاغذ جو وزن صرف هڪ گرام آهي ان تي ڪارين اليڪٽروڊس ۽ اليڪٽرڪ بيڪٽيرياز جي تهه لڳائي وئي آهي. جيڪڏهن پاڻي ۾ ڪيڙي مار دوائون ۽ ڪيميڪل مليل هوندا يا ان ۾ زهريلا مادا شامل هوندا ته  اهو سينسر رنگ بدلائي ڇڏيندو، جيڪي ماڻهو سياحت خاطر نين جاين تي ويندا آهن اهي به اتان جي پاڻي کي ٽيسٽ ڪري استعمال کان اڳ معلوم ڪري سگهن ٿا ته ان پاڻي ۾ آلودگي ته نه آهي. هن قسم جي ايجاد ڪندڙ باٿ يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر مائريلا لورينزو جو چوڻ آهي ته گڏيل قومن پاران صاف پاڻي کي بنيادي اضافي حقن ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جنهن لاءِ هي ڪاغذ هڪ انقلاب ثابت ٿيندو.