ٽرمپ سڄي دنيا کان طالبان سان وڙهڻ جي گهر ڪري ڇڏي
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران هڪ پيغام ۾ سڄي دنيا کي چيو آهي ته اها گذريل ڏينهن ڪابل ۾ ٿيل بم ڌماڪي ۾ ملوث طالبان کي پڪڙڻ ۾ مدد ڪري. ياد رهي ته هن حملي ۾ 95 ماڻهو ماريا ويا هئا. آمريڪا جي سيڪريٽري آف اسٽيٽ ريڪس ٽلرس پاران به ڇنڇر واري ڏينهن پنهنجي پيغام ۾ چيو هو ته جيڪي به ملڪ اهڙن دهشتگردن کي پناهه ڏئي رهيا آهن انهن کي برداشت نه ڪيو ويندو. ياد رهي ته ڇنڇر ڏينهن طالبان پاران ڪابل اندر ڪار بم ڌماڪو ڪيو ويو هو جنهن سبب 95 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا هئا. ٽرمپ پنهنجي پيغام ۾ وڌيڪ چيو ته آمريڪا پنهنجي ان ڳالهه تي قائم آهي ته اها افغانستان اندر انهن عنصرن جي صفائي ڪندي جيڪي آمريڪا ۽ ان جي اتحادين تي حملا ڪري رهيا آهن. ٽرمپ چيو ته هاڻي سڀ ملڪ هڪ فيصلائتو قدم کڻن جيئن طالبان ۽ انهن جي اتحادين کي ختم ڪري سگهجي. ياد رهي ته واشنگٽن پاران افغانستان اندر پنهنجي فوجين جي تعداد کي وڌائڻ جو به اعلان ڪيو ويو آهي.

