اٽلي پاڪستان جا قرض معاف ڪري ڇڏيا
پاڪستان جي معيشيت هميشه قرضن ۾ ٻڏل رهي آهي. ان لاءِ ڪنهن به ملڪ پاران قرض معاف ڪرڻ هڪ وڏي خوشي جي خبر آهي. هن وقت اٽلي پاران پاڪستان جا 6.4 ارب رپين جا قرض معارف ڪيا ويا آهن. ان کان علاوه باقي رهيل قرض به هلندڙ سال ۾ ختم ڪرڻ جو واعدو ڪيو ويو آهي. ان قرض جي خاتمي لاءِ اٽلي ۽ پاڪستان وچ ۾ هڪ معاهدو ٿيڻو آهي جيڪو هلندڙ سال جي آخر ۾ ٿي ويندو. ان معاهدي ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ معاشي لاڳاپا بهتر ڪرڻ جون ڳالهيون ڪيون وينديون، جنهن سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪاروبار لاءِ وڌيڪ رستا کلندا. اٽلي پاران پاڪستان کي گلگت بلتستان جي معاشي اصلاحن لاءِ 25 لک يورو تقريبن 3 ارب 9 ڪروڙ رپيا ۽ حڪومتي پروگرام ٽيوٽا لاءِ 2 ڪروڙ يورو تقريبن 2 ارب 74 لک رپين جا قرض به ڏيڻ جي خاطري ڪرائي آهي.