پاڪستان اندر ذيابيطس جي مريضن جو وڏو انگ موجود آهي: يورپي ماهر
ذيابيطس بابت ٿيل هڪ سيمينار ۾ ڳالهائيندي يورپي ماهر ڊاڪٽر ذپررنياڪ چيو ته پاڪستان جي آبادي پوري يورپ جي اڌ برابر آهي ۽ ان اندر ذيابيطس جا مريض هڪ وڏي تعداد ۾ موجود آهن. هڪ اندازي مطابق ملڪ اندر ساڍا ٽي ڪروڙ ماڻهو ان مرض جو شڪار آهن. هن چيو ته ذيابيطس جي مرض جو هڪ وڏو سبب آرام پسندي ۽ ورزش جو نه ڪرڻ آهي. هن چيو ته وزن گهٽائڻ سان به ذيابيطس کان دور رهي سگهجي ٿو. واضح رهي ته وزن گهٽ ڪرڻ سان جسم اندر بلڊ گلوڪوز جي ليول کي متوازن رکي سگهجي ٿو. هن چيو ته پاڪستان اندر 17 کان 19 سيڪڙو آبادي ذيابيطس کان متاثر ٿي رهي آهي. جنهن مان 16 لکن جو تعداد ٻارڙن جو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان اندر صرف ٿورا اينڊوڪرونولاجسٽ ئي موجود آهن جيڪي ذيابيطس جو صحيح علاج ڪري سگهن ٿا ان ڪري ذيابيطس جو علاج جنرل پريڪٽشنر ئي ڪري رهيا آهن. جيڪي پنهنجي مريضن جو ٻين بيمارين جي اوائلي نشانين کي معلوم ڪرڻ کان رهجي ويندا آهن ان کان علاوه پاڪستان ۾ ذيابيطس جو علاج ۽ ان جي دوا مريض پاڻ خريد ڪندا آهن پر يورپ ۾ اهو علاج ۽ ان جون دوائون حڪومت پاران ڏنيون وينديون آهن.