صحافي ٿيڻ به ھڪ “نشو” ٿي پيو آھي، جيڪو نوجوانن جي مستبقل، کي برباد پيو ڪري ۽ ان کي تيزي سان ڏوهن جي رستي تي وٺي پيو وڃي. سڀڪو پڇندو ته اھو وري ڪيئن؟؟ ان جو جواب ھي آھي ته ھيروئن جو موالي ھيروئن مان جيڪو سرور حاصل ڪري ٿو سو سرور ان جي اھڙي عادت بڻجي پوي ٿو جنھن مان ڇوٽڪارو مشڪل ٿي پوي ٿو، چرس، آفيم، ھروئين سميت ٻيا نشا جسماني ۽ ذھني صحت کي متاثر ڪن ٿا، معاشي تنگيون به پيدا ڪن ٿا، اھي معاشي تنگيون ماڻھن کي ڏوهن طرف ڌڪين ٿيون، صحافي ٿي شھرت ۽ عزت ماڻڻ جڏھن ھڪ نشي وارو روپ اختيار ڪري عادت بڻجي پوي ٿي ته اھا به اھڙا ئي ساڳيا نقصان رسائي ٿي، جيڪي نقصان ڪا منشيات رسائي ٿي، اڳ ۾ ننڍن شھرن ۾ ميڊيا جي ادارن سان لاڳاپيل ماڻھو، نمائندا سڏبا ھئا، بعد ۾ انھن جي سڃاڻپ رپورٽر طور ٿي، ڪي سٽي رپورٽر، ڪي گھٽي رپورٽر، ڪي تعلقه رپورٽر ته ڪي ڊسٽرڪٽ رپورٽر ھئا، مگر ھاڻ سڀني لاءِ صحافي جو وڏي معنيٰ وارو لفظ استعمال ٿئي ٿو، سوشل ميڊيا جي ھن ترقي واري دور ۾ جتي ھڪ لک آبادي وارن شھرن ۾ 10 کان 15 سال اڳ تائين 20 کان 30 رپورٽر، صحافي ھئا، ھر شھر ھڪ ۾ پريس ڪلب ھو اتي ھاڻ سراسري طور ھر شھر ۾ 200 کان 300 صحافي ۽ 5 کان 11 پريس ڪلب جڙي پيا آھن، سوشل ميڊيا جا گھوڙا صحافي ان تعداد کان الڳ ھزارن ۾ اڃان ٻيا آھن، جن جي لکڻ ۽ ڳالھائڻ واري ڪم جي نيچر به صحافين واري ساڳي آھي، ھر نوجوان، مستري، حجام، سيلز مين، واپاري، ٽيڪسي ڊرائيور، ڀَت جي گاڏي وارو، ڪوڪڙي، شاگرد توڙي ڪلارڪ اھو شوق رکي ٿو ته ھو به صحافي ٿئي ۽ پريس ڪلب ۾ صحافين سان گڏ ھجي ان سان ان کي بيشمار فائدا نظر اچن ٿا، نه ئي وري اھا ڪا خراب ڳالھ يا بُري سوچ به آھي، مگر صحافت جي جھان ۾ جائز طريقن سان ڪوبه ٽَڪو پئسو نٿو ملي نه ئي ڪنھن قسم جو صحافتي ادارو ڪنھن نمائندي، صحافي کي ڪم جو ڪو معاوضو يا پگھار ڏئي ٿو، ان جي ابتڙ 99 سيڪڙو ادارا پنھنجن مقرر رپورٽرن کان مختلف موقعن تي اشتھارن جي نالي ۾ يا ٻين نالن ۾ فرمائشون ڪري پئسن جي گھر ڪن ۽ وٺن ٿا، جيڪو نه ٿو ڏئي ان جي جاءِ تي ٻيو اھڙو رکيو وڃي ٿو جيڪو ڏيڻ ۽ وٺڻ وارو ڪم ڪري سگھندڙ ھجي، ايئن ھر ميڊيائي اداري ۾ ھر شھر مان اميدوارن جون قطارون بيٺل آهن، جيڪي اھڙي ڪشمڪش ۾ آھن ته ڪٿي ڪنھن کي ھٽايو وڃي ۽ ھن کي فٽ ڪيو وڃي، ان لاءِ لکن جون وڏيون ٻوليون به لڳي رھيون آھن، 30 -30 سالن جي پراڻن نمائندن کي به ڏيتي ليتي نه ڪري سگھڻ تي ھٽائي ٻين کي رکيو ويو آھي، ادارن جي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ھر سال ان جي تجديد کان وٺي، ڇپجندڙ اخبارن جي بلن، پي ڊي ايف فائيلن ۽ خبرن جي ڪِلپن تائين اوڳاڙيون ٿين ٿيون ۽ اھو سلسلو باضابطه جاري ٿي ويو آھي ۽ لڳاتار ھلي رھيو آھي، ھر شھر ۾ سوين نمائندن کي آخر ڪير ڪيترا ڀيرا پئسه ڏئي سگھندو؟؟ ان ڪري معاملا ھزارن کان ھيٺ اچي 50 – 50 رپين تائين بيٺا آھن، جيڪو نوجوان اھڙي نشي ۾ ڦاٿل آھي ۽ ڪنھن کان گھر نٿو ڪري سگھي يا ڪو کيس نٿو ڏئي اھو گھر جا ٽپڙ به وڪڻي پنھنجي نمائندگي بچائڻ لاءِ سال ۾ 50 ھزار يا ان کان مٿي ڏي ٿو، اگر نٿو ڏئي ته ان جي جاءِ ڀرڻ لاءِ ٻيا اڳ ۾ تيار ويٺا آھن، معذرت سان ٿو چوڻو پوي ته ڪافي ادارن جا مالڪ به ان ڪاروبار ۾ سڌي طرح ڪاھي پيا آھن، واڪ ٿا ھلن ته ھيترا ڏي، ڪارڊ يا لوگو کڻي وڃ، ساڳئي شھر ۾ ھڪ ھڪ اداري جا ھڪ کان وڌيڪ رپورٽر، ھڪ رپورٽر مٿان ٻئي جي چڙھائي، پريس ڪلبن جا ھڪ ٻئي سان تڪرار، پريس ڪلبن اندر رساڪشيون، مختلف خرچن جي پورائي لاءِ غلط طريقن سان پئسن جي حاصلات لاءِ ڪوششون، منشيات فروشن، سماج دشمن عنصرن، ڪارن ڪمدارن، وچولي ٽائپ جي وڏيرن جو صحافت جي شعبي ۾ ڪاھي پوڻ، نمائندگي حاصل ڪرڻ جون آسانيون، صحافت جي حساس ترين شعبي ۾ ھڪ طرح ڀونچال پيدا ڪري رھيون آھن، پروفيشنل صحافت ته رھي ئي نه آھي، ڊس انفارميشن جي پکيڙ به تيزي سان وڌي رھيو آھي، معاملن جي اصليتن تي ان سان انڌيرا ڇانئجي رھيا آھن، عزتدار ماڻھن جي پوليس ھٿان عزتون ايتريون غير محفوظ نه آھن جيتريون شھر شھر ۾ صحافين ھٿان غير محفوظ آھن، صحافي مفادي بنيادن کان علاوه نان پروفيشنل ھجڻ ڪري بي گناھ ۽ شريف ماڻھن جون عزتون ناحق اڇالي رھيا آھن، 12 سالن جي عمرين کان وٺي 70 – 80 سالن جي عمرين جا ماڻھو به موبائيل فونن واريون ڪيمرائون استعمال ڪري ڪوريج لاءِ ميدان ۾ لٿل آھن، انھن مان گھڻن ان ڪم، پريڪٽس کي روزگار، عزت، شھرت، من مستي، بليڪ ميلنگ ۽ ڪنھن حد تائين غنڊا گردي جو ذريعو به بڻايو آھي، اھڙو ڪم انھن جو ھڪ نشي واري عادت وارو به آھي، جنھن کي ڇڏي ھو ڪو ٻيو بھتر ۽ جائز روزگار وارو پاسو به اختيار نٿا ڪري سگھن، صحافت جي شعبي ۾ ڏوهارين جي داخلا وڏي تيزي سان وڌي پئي جنھن کي روڪڻ سنڌ يا ڊويزنل سطح جي صحافتي تنظيمن جي وس کان چڙھيل آھي، ان سطح جي تنظيمن جي عھدن تي آيل صحافي به اھڙي نه رکجي سگھڻ واري صورتحال کان سخت خوفزدا آھن، انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي ڊائريڪٽرن کي به ڪي قانوني اختيارن نه آھن جو عامل يا عطائي واري فرق تحت ڪنھن خلاف ڪا قانوني ڪارروائي ڪري سگھن، ھڪڙي پريس ڪلب اندر ٻن گروپن جي جھيڙن کي به ڊائريڪٽر انفارميشن، ٻنھي گروپن جي رضامندي کانسواءِ انھن وچ ۾ صلح صفائي لاءِ ڪو رول قانوني اختيارن سان ادا نٿو ڪري سگھي، ھي صورتحال سنڌ کي انتھائي خراب پاسن طرف وٺي وڃي رھي، جنھن سان ڪرائيم وڌي رھيو، گينگ وار جا به سخت خطرا آھن، جنھن ۾ صحافين جا صحافين ھٿان خون به ٿي سگھڻ جا امڪان آھن، امن امان خراب ٿيڻ ۽ ھر طرح جو ڏوهه وڌڻ ۽ ڪنٽرول کان ٻاھر نڪرڻ جا به خدشا آھن، ظاھر آھي جڏھن سرڪار جي حڪمراني ۽ پازيٽو پاليسيون ڪمزور ٿينديون ته معاملا وڌندا ويندا ۽ جڏھن معاملا وڌي وڻ ٿيندا ته انھن کي آساني سان منھن نه ڏئي سگھبو، سنڌ ۾ جڏھن به ڪنھن مسئلي کي منھن ڏئي ناھي سگھبو، حڪمراني ڪنھن مسئلي، اڳيان بي وس ٿي ويندي آھي ته فوج جي مدد طلب ڪرڻ جو جواز نڪرندو آھي، سنڌ ۾ ھر طرح جي منشيات عام ٿيندي پئي وڃي، ان ڏوهه ۾ تمام گھڻن طاقتور گروھن جو ھٿ آھي جنھن ۾ عطائي ۽ قاعدن قانونن کان بلڪل آجا صحافي سڀ کان وڌيڪ نمايان نظر اچن ٿا، ھيءَ ڳالھ ڪنھن ھڪ شھر جي نه پوري سنڌ جي آھي. ھاڻي ته پاڪستان سطح تي رجسٽر ھجڻ جي دعويٰ ڪندڙ ادارن جا اشتھار به ھلي پيا آھن ته شناختي ڪارڊ جي ڪاپي، فوٽو ۽ ھڪ ھزار رپيه موڪليو، ڇا جي ڊگري، ڇا جي تعليم، ڇا جو لکڻ پڙھڻ ڪارڊ وٺي صحافي ٿي وڃو، ان سان صورت حال اڃان به ھيڪاري خراب ٿيڻ جا امڪان آھن.