ڪيوبا ۾ مسافر جهاز ڪري تباهه 111 ڄڻا فوت
ڪيوبا ۾ مسافر جهاز ڪري تباهه ٿي ويو جنهن ۾ 111 ڄڻا فوت ٿي ويا. خبرن مطابق هوانا شهر جي Jose Marti ايئرپورٽ کان بوئنگ 737 جهاز اڏاميو جنهن ۾ 105 مسافر ۽ 9 عملي جا ماڻهو سوار هئا، 3 عورتون معجزانه طور تي بچي ويون ۽ 111 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا. هي جهاز هوانا کان هولگن سٽي وڃي رهيو هو، حادثي بعد سيڪيورٽي ادارن علائقي کي چئني طرفن کان گهيري ۾ آڻي امدادي ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون. ان موقعي تي ڪيوبا جي صدر بيان ڏيندي چيو ته هي هڪ افسوسناڪ حادثو آهي.