ارسا وڏي عرصي کان سنڌ صوبي سان تعصب وارو رويو رکندي پئي اچي. تازو پنجاب کي پاڻي چوري ڪري ڏيڻ، گريٽر ٿل ڪينال جي رٿا، سنڌ کي رڻ پٽ ڪري چولستان کي آباد ڪرڻ، سنڌ جي ماحوليات، انڊس ڊيلٽا، سمنڊ طرفان ڪوٽڙي کان هيٺ گهربل پاڻي نه ملڻ ڪري سنڌ جي زمينن تي هر روز ٿيندڙ حملن ۾ ملوث رهي آهي، جنهن خلاف سنڌ جي قومپرست پارٽين سياسي سماجي ۽ مذهبي تنظيمن سميت وڪيلن گذريل اٺن مهينن کان سنڌ جي هر واهڻ وستي شهر توڙي ڳوٺن ۾ احتجاج ڪيا. ائين عوامي دٻاءُ کانپوءِ سنڌ اسيمبليءَ ڪئنالن خلاف قرارداد پاس ڪري احتجاجي مظاهرا پڻ ڪيا، جڏهن ته پيپلز پارٽي وفاق سان گڏ ويهندي ٻٽي پاليسي اپنائيندي رهي، پر ارسا ڪنهن جي به نه ٻڌي ۽ نه ئي ڪو تبصرو ڪيو جنهن کانپوءِ وڪيلن جي سربراهيءَ ۾ ڪئنالن خلاف ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي مسلسل 12 ڏينهن ڌرڻو لڳائي ڪئنالن جي رٿا کي ختم ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو. بي بي سي رپورٽ مطابق ٻٻرلوءِ ڌرڻي ۾ 80 لک ماڻهن شرڪت ڪري سنڌو درياءَ سان پيار جو اظهار ڪيو ۽ حڪومت هنگامي اجلاس گهرائي ڪئنال رٿا روڪڻ جو نوٽيفڪيشن ڪڍي وڪيلن جي ڌرڻن کي ختم ڪرايو. ارسا جنهن واڌو پاڻي دستيابي ڄاڻائي چولستان ڪئنال ٺاهڻ لاءِ پنجاب کي اجازت ڏئي فساد پيدا ڪرايو هو. ان ارسا جو وري 5 مئي تي اجلاس گهرايو ويو آهي، اجلاس ۾ پاڻي دستيابي وارو ڏنل سرٽيفڪيٽ واپس وٺي موجوده پاڻي کوٽ جو جائزو ورتو ويندو. ارسا جي اڳوڻي اجلاس ۾ جعلي انگ اکر ڏيکاريا ويا هئا ته سنڌو درياءَ ۾ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ سمنڊ اندر 27 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ضايع ٿي رهيو آهي. ڄاڻايو ويو هو ته سسٽم ۾ پاڻي واڌو آهي ان ڪري پنجاب نوان ڪئنال ٺاهي سگهي ٿو. ارسا جو اهو فيصلو پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان جي راضپي سان ٿيو هو، جنهن تي فقط سنڌ جي نمائندي اعتراض واريو هو. وڪيلن جي دٻاءُ کانپوءِ سي سي آءِ جي تازي اجلاس ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته ارسا پاڻي دستيابي ۽ ڪئنالن جي اجازت وارو سرٽيفڪيٽ واپس وٺندو، هاڻي ڏسجي ته 5 مئي جي اجلاس ۾ ڇا ٿو ٿئي. ڇو ته هن وقت تائين ارسا پنجاب ۽ وفاق جي ڌر بڻجي فيصلا ڪندي رهي آهي. مون کي ياد آهي ته 4 مئي 2021ع تي پنجاب حڪومت جڏهن ٽي پي لنڪ ڪينال وهايو هو، تڏهن انهيءَ ڏينهن ئي ارسا ۾ سنڌ جي ميمبر زاهد جوڻيجي لکت ۾ اعتراض واريو هو ته ارسا سنڌ جي ميمبر جي اعتراض کي جائز قرار ڏيندي پنجاب حڪومت کي ٽي پي لنڪ ڪينال کي بند ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
ايئن ٽي پي لنڪ ڪينال مسلسل 24 مئي تائين بند رهيو، پر پنجاب وري 25 مئي تي ٽي پي لنڪ ڪينال کوليو ته سنڌ جي ميمبر شديد اعتراض واريو، پر هن ڀيري ارسا جو انداز ۽ موقف ئي نرالو هو. حيرت جي ڳالھه ته اها آھي ته 24 مئي تي ٿيل ارسا جي اجلاس ۾ ٽي پي لنڪ ڪئنال کي بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو، ٻئي ڏينهن تي پنجاب حڪومت ارسا جي فيصلي کي ٿڏيندي ڏاڍ جو مظاهرو ڪندي ٽي پي لنڪ ڪينال کي وهائي ڇڏيو هو. پنجاب جي ڏاڍ جو نوٽيس ارسا کي وٺڻ گهرجي ها، پر ارسا ته ان پنجاب جي سينا زوري تي اکيون بند ڪري ڇڏيون هيون. پنجاب سان تعلق رکندڙ ارسا چيئرمين جو آمراڻو روپ هر دور ۾ ساڳيو رهيو آھي، جيڪو ارسا جهڙي اداري کي تڪراري بنائڻ ۽ صوبائي هم آهنگي کي تار تار ڪرڻ ۽ پيدا ٿيل بدگمانين کي وڌائڻ آھي، جنهن ڪري پنجاب جو آبپاشي کاتو سنڌ جي پاڻي جي چوري ڪندي هر ڪئنال ۽ منصوبي کي درست قرار ڏيندو رهيو آهي. هن ڀيري به ارسا طرفان سنڌ جي احتجاجي تحريڪن ۽ سنڌ اسيمبليءَ جي قراردادن کي پٺي ڏيڻ، سنڌ بلوچستان جي ميمبرن جي اعتراضن تي ڪن لاٽار ڪرڻ جو عمل ورجايو ويو آهي، ارسا اهو سڀ ڪجهه يقينن موجوده وفاقي نواز ليگ ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي گڏيل وفاقي حڪومت سميت رياستي ادارن جي رضا سان ئي ڪيو آهي، جنهن سبب سنڌ توڙي بلوچستان جو عوام ارسا وفاق ۽ پنجاب کان نفرت ڪرڻ لڳو آهي، ڇا اهڙي صورتحال پيدا ڪندڙ پاڪستان دشمن نه آهن؟ ڇا سنڌ کي سڪائڻ وارين سازشن سان سنڌ جي عوام اندر پاڪستان سان محبت پيدا ٿيندي؟ يقينن ان جو جواب نه ۾ هوندو. پوءِ ڇا رياست پنجاب کانسواءِ باقي ٽن صوبن جي بغاوت کي منهن ڏئي سگهندي؟ ياد رکو پاڪستان پنجاب ۽ فوجي قوتن نه، پر صوبي سنڌ جي ڪوششن سان ٺاهيو ويو هو، جنهن جي حفاظت به سنڌ کي ڪرڻي آهي ان لاءِ وفاقي سرڪار ۽ ارسا جي سازشن جو مقابلو ڪرڻو پوندو. ارسا چيئرمين کي اهو معلوم هئڻ گهرجي ته ارسا ۾ صوبن مان مقرر ٿيندڙ ميمبر پنهنجي پنهنجي صوبي جي نمائندگي ڪندا آھن. ان ڪري هو پنهنجو ذاتي موقف نه، پر صوبي جو موقف اختيار ڪندا آھن، ان ڪري پنجاب سان تعلق رکندڙ ارسا چيئرمين کي سڀني ميمبرن جي راءِ جو احترام ڪرڻ واجب آهي. جيڪڏهن ڪنهن اداري جو سربراهه آمراڻو رويو رکي ٻين جي حقن تي ڌاڙو هڻڻ جي ڪوشش ڪندو ته اهو ادارو گهڻو وقت نه رهي سگهندو ان ڪري ارسا چيئرمين کي ڪنهن جي دٻاءُ بجاءِ آزاداڻه فيصلا ڪرڻ گهرجن ۽ صوبن وچ ۾ 1991ع جي پاڻي ٺاهه تحت منصفاڻي نموني پاڻي ورڇ تي عمل ڪرايو وڃي.
هن وقت ارسا چيئرمين ۽ پنجاب جي نمائندي کي ڪوٽڙي کان هيٺ ڊائون اسٽريم ۾ رڳو 3 سئو ڪيوسڪ پاڻي ڇوڙ ٿيڻ تي اعتراض آهي. جڏهن ته پاڻي ٺاهه وقت پاڻي ماهرن جي اڀياس ۾ اها سفارش ٿيل آھي ته ڊائون اسٽريم ۾ مسلسل پنج هزار ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو وڃي ورنه سمنڊ جي اڳتي وڌي بدين ۽ ٺٽي ضلعي جي لکين ايڪڙ زمين پائڻ، سمورو ڊيلٽا تباهي ڪناري تي پهچي ويندي. پنجاب سان تعلق رکندڙ ارسا چيئرمين ڊائون اسٽريم ۾ ويندڙ رڳو ٽي سئو ڪيوسڪ پاڻي به بند ڪرڻ لاءِ ٽي رخي فارمولي تي ڳنڍ ڏيئي بيٺو آهي، جيڪو ٽي رخي فارمولو پاڻي ٺاهه جو حصو ئي نه آھي. ان فارمولي ۾ رڳو پنجاب جو فائدو ڏسي لڳاتار ٻن ڏهاڪن سالن جي عرصي کان پاڻي ٺاهه کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي، جنهن خلاف سنڌ صوبو لڳاتار احتجاج ۽ اعتراض ڪندو رهي ٿو، پر سنڌ جي اعتراضن کان ڪن لاٽار ڪئي وڃي ٿي ۽ پنجاب جي ڏاڍ ۽ ظلم کي برداشت ڪيو وڃي ٿو جيڪو هاڻي مناسب نه آهي. هن وقت سنڌ جي عوام جو مطالبو اهو آهي ته سر سبز سنڌ کي بنجر بڻائيندڙ گرين پاڪستان جي نالي تي چولستان منصوبو ختم ڪيو وڃي. سنڌو درياءَ تي ڪوبه ڊيم يا ڪئنال نه ٺاهيو وڃي. وڪيلن جي جدوجهد بعد جيڪو نوٽيفڪيشن ڪڍيو ويو آهي، ان مطابق ڪئنالن منصوبو ملتوي نه بلڪه هميشه لاءِ ختم ڪيو وڃي سنڌ کي ضرورت مطابق پاڻي فراهم ڪيو وڃي. جيڪڏهن پاڻيءَ جي منصفاڻي ورڇ نه ٿيندي ته معاملا ويتر خراب ٿيندا. هن وقت ارسا چيئرمين متنازع بڻجي چڪو آهي، ان ڪري اهڙو فارمولو تيار ڪيو وڃي ته ارسا چيئرمين جي چونڊ ميرٽ جي بنياد تي واري واري سان صوبن مان کنيو وڃي ته جيئن پاڻي ورڇ بابت صوبن جون شڪايتون ختم ٿي سگهن ۽ صوبن جي رضامندي سان فيصلا ڪري ڦهلجندڙ بي چيني ختم ڪئي وڃي. ٻي صورت ۾ ويجهي مستقبل ۾ پاڪستان جو وجود خطري ۾ پئجي ويندو.