جڏهن ظلم جا بادل ڳاڙها ٿي آسمان تي ڇانئجي آيا هئا، جڏهن ڌرتيءَ جو ساهه سوڙهو ٿي ويو هو، تڏهن ٻٻرلوءِ جي ڌرڻي، صدائن جي سمنڊ ۽ پيڙائن جي پيغام ۾، هڪ اهڙي پڪار هئي، جنهن جي ڇانوَ سنڌ بار ڪائونسل جي صدر وڪيل عامر وڙائچ، وڪيل سرفراز ميتلو، اياز تنيو، سنڌ جي نالي واري وڪيل اغيث السلام حيدرآباد، بار ڪائونسل حيدرآباد جي جنرل سيڪريٽري شاڪر نواز شر، اصغر مجيد کوکر، رحمان ڪورائي، گدا حسين ڏهاڻي، محمد عمران آرائين، بابر رسول، اظهر عباس ميمڻ، عبدالغني ميراڻي ۽ ٻين وڪيلن جي قافلي آندي. اهي قافلا نه رڳو احتجاج جا سپاهي هئا، پر اهي سنڌ جي تاريخ جي انهن صفحن جا سنهري ورق هئا، جن صفحن ۾ حوصلي جا عنوان چمڪندي نظر آيا. وڪيل، انصاف جي ڪاري پوشاڪ جا قافلا، پنهنجي ساهن ۾ قسم کنيل هو ته: “اسان جا پير پوئتي نه موڙبا، جيستائين ڌرتيءَ جي زخمن تي انصاف جو مرهم نه ٿيندو.” ٻٻرلوءِ جي ڌرڻي ۾ جڏهن سنڌ جي وڪيل برادري پنهنجا ساهه، پنهنجو شعور، پنهنجي واڳ، ڌرتيءَ جي درد سان ويڙهي ڇڏيو.
اهو ئي سبب آهي جو سڄي قوم جاڳي اٿي، تڏهن ڌرڻي جي روح ۾ نئون ساز، نئون سر، نئون سوز ڦوڪجي پيو. اهي وڪيل هئا، جن ڌرڻي جي لڙڪن ۾ واچوڙو وجهي، پنهنجن آوازن سان ديس جون دليون ڌوڏي ڇڏيون. انهن جو اچڻ، ڪنهن رسم نڀائڻ لاءِ نه هو؛ اهو تاريخ سان وفاداريءَ جو حلف هو. جيڪڏهن سنڌ جي بار ڪائونسل جا سپاهي هن جدوجهد جو حصو نه بڻجن ها ته شايد ڌرڻو به پنجاب جي اجها احتجاجن وانگر، اقتدار جي بوٽن جي ٺوڪر هيٺان رڙيون ڪندي خاموشيءَ جي قبرستان ۾ دفن ٿي وڃي ها، پر سنڌ جي وڪيل برادري، پنهنجون دليون هٿن تي کڻي آئي هئي، انهن جي اچڻ سان احتجاج هڪ نئون جنم ورتو، هن ڌرتيءَ جي رت ۾، نئون انقلاب ٽڙي پيو، هن ڌرتيءَ جي تاريخ ۾، ڪنهن عدالت جي عمارت کان به وڌيڪ مقدس منظر وڪيل جي جدوجهد ۾ نظرآيو. جڏهن وڪيل پنهنجي ڪاري پوشاڪ جي اوٽ مان اڀرندڙ سج جا ڪرڻا بڻجي ڌرڻي جي ميدان تي لٿا، اهي ڪارا ڪوٽ، ظلم جي منڊين خلاف چمڪندڙ بجليون بڻجي ڌرتيءَ جي ويران ساهن ۾ نئين زندگي جي موسيقي وڄائي ڇڏي هئي. وڪيلن جي سچائي ۽ ايمانداري کي ڏسي ديس جا اديب، شاعر، مزدور، سياسي ڪارڪن سڀ هن ڌرڻي جا رنگ خوبصورت رنگ بڻجي ويا، سچ پڇو ته سنڌي قوم هڪ غيرتمند قوم آهي، پر ڪو سچائي سان ليڊ ڪري ته اڄ وڪيلن پاڻ نڀايو آهي ته سنڌي قوم اٿل کائي هاري، پورهيت، مزدور، آبادگار ۽ ٻار، نوجوان، بزرگ ۽ مرد، عورتون ۽ نياڻيون پر اعتماد سان وڪيلن جو ڀرجهلو ٿي ساٿ نڀايو آهي، سياسي ليڊرن کان مايوس ٿيل سنڌي قوم جو ضمير وڪيل برادري جاگايو، پر جيڪڏهن وڪيل نه اچن ها ته هي رنگ به بڇاڻ بڻجي وکرجي وڃن ها، هي حوصلا به واريءَ جي محلن وانگر ڊهي ۽ ڀُري وڃن ها. وڪيلن پنهنجي حضور سان ڌرڻي جي لاٽ کي جهلڪ ڏني، اهو ئي حرڪت، اهو ئي محبت، اهو ئي سرشتي واري سرڪشي، جنهن ڌرڻي کي نه رڳو بچايو، پر امر بڻايو. انهن جي ساهن سان لکجي ويو ته: “جيڪو ڌرتيءَ سان بيوفائي ڪري ٿو، ان جي تقدير تي سدائين انصاف جي عدالت لڳندي.”
ٻٻرلوءِ جي ڌرڻي ۾، وڪيلن جو ڪردار، ڪائنات جي انهن ستارن وانگر رهيو، جيڪي اونداهي راتين ۾ به راهه ڏيکاري ڇڏيندا آهن. وڪيلن جي موجودگي، ڌرڻي کي فقط هڪ احتجاج نه، پر هڪ تحريڪ بڻائي ڇڏيو، هڪ اهڙي تحريڪ، جيڪا نسلن تائين ديس جي دردن جي ترجمان رهندي. اهي قدم، جيڪي ڌرڻي جي ڌرتيءَ تي گونجي رهيا هئا، اهي فقط وڪيلن جا قدم نه هئا، اهي تاريخ جا ڌڪ هئا، ظلم جي در تي. اهي حلف هئا، جيڪي آسمان جي ڪنارن تي لکجي رهيا هئا ته: “انصاف جا سپاهي، ڌرتيءَ جا حامي، ڪنهن به دور جي ڏاڍ جي اڳيان نه جهڪندا.” سنڌ جي وڪيل برادري، ٻٻرلوءِ جي ڌرڻي جي دل بڻجي وئي، ساهه بڻجي وئي، ضمير بڻجي وئي ۽ تاريخ، جيڪا سدائين جيئري قومن جي حوصلي جا قصا لکي ٿي، هاڻ پنهنجي سنهري صفحن ۾ سنڌ جي انهن وڪيلن جا نالا به لکي رهي آهي، جيڪڏهن ڌرتيءَ جي ساهن سان سرها ٿيندڙ، سچ جي راهه ۾ جُدوجهد ڪندڙ، بي خوف، بي داغ ۽ بي مثال سپاهي هئا. ٻئي طرف سنڌ جو ٻچو ٻچو هن وڪيلن جي ڌرڻي جو حصو بڻجي ويو. سچ پڇو ته ٻٻرلوءِ: ڌرڻو سنڌ جي نئين جنم جي ڪهاڻي بڻجي ويو.
هاڻي اچو ته هن ڌرڻي ۾ سنڌي قوم جو ڪهڙو ڪردار رهيو اسان ان جدوجهد جو مختصر جائزو وٺنداسين. وقت ڪڏهن ڪڏهن اهڙيون گهڙيون ڄمائيندو آهي، جيڪي صدين تائين زنده رهنديون آهن. اهي گهڙيون ڪنهن ڪلاسيڪي ناول جو پنو نه، پر تاريخ جو زنده فصل ٿينديون آهن. اهڙي هڪ گهڙي، سنڌ جي سياسي، سماجي، ثقافتي ۽ شعوري زندگيءَ ۾ ٻٻرلوءِ جي ڌرڻي جي صورت ۾ جنم ورتو آهي، جنهن کي جيڪڏهن “سنڌ جو قومي صحرا ۾ ڦٽل نئين سُرهو” چيو وڃي ته به گهٽ ٿيندو. ٻٻرلوءِ، جيڪو ڪڏهن به سنڌ جي سياست جي مرڪز ۾ نه رهيو، اوچتو ئي اوچتو سنڌ جي ڌرتيءَ تي انقلابي صدائن جو مرڪز بڻجي ويو. اهو صرف هڪ ڌرڻو نه هو، پر هڪ قومي نفسيات، هڪ اڻلڀ جذبو، هڪ زخمي ڌرتيءَ جي ڌڙڪن هئي، جيڪا هزارين سينن ۾ ڄمي بيٺي هئي. وڪيلن سان ساٿ نڀائڻ خاطر جتي رڳو تقريرون نه هيون، پر دلين جون ڌڙڪنون، روحن جا آواز ۽ صدين جي ويرانين جو احتجاج هو. جيڪڏهن سنڌ کي هڪ جسم سمجهجي، ته ان جسم جي هر عضوي مان، هر ساهه مان، “دريا تي ڌاڙو نامنظور” جي صدا گونجي رهي هئي. ٻٻرلوءِ جي هر ڪنڊ، هر ڪوچو، ان نعره جي گونج سان ڀرجي ويو هو. اهو آواز رڳو سياسي نه، بلڪه وجودي هو، جيئن ڪنهن ڌرتيءَ جي پنهنجي دل، پنهنجي زبان هجي. اتي، انڌاري ۾ به، روشني هئي، اها روشني مزاحمت جي هئي. فقيرن کان وٺي وڪيلن تائين، نياڻين کان وٺي پوڙهن تائين، هر ڪنڌ هيٺ نه پر اوچو هو، هر زبان خاموش نه، پر للڪاري هئي. اهي لمحا صرف احتجاج جا نه، پر تاريخي طور تي شعور جي اعليٰ مقام تي پهچڻ جا لمحا هئا. جيئن ته مزدور، جن جي روزي هر ڏينهن جي ڪم تي دارومدار رکي ٿي، پنهنجا ٻار، گهر ۽ بک ڇڏي، بنا ڪنهن معاوضي، بنا ڪنهن گهريلو واعدي جي، ڌرتيءَ جي بچاءُ لاءِ اچي روڊ تي ويٺا، اها قرباني فقط جذبي سان نٿي سمجهي سگھجي، اها ته عقيدي جي حد تائين وفاداري هئي. ٻٻرلوءِ ۾ رڳو سياسي نعرا نه، پر شاعري، گيت، ڳائڻ ۽ سازن جي صدائن جو الاءُ هو. هر نعرو، هر بيت، هر ٽهوڪو، ڄڻ ڪنهن قومي راڳ جو بند هجي، جنهن ۾ سنڌ جون صدين کان دٻيل صدائون شامل هجن. اها مزاحمت رڳو احتجاج نه، پر ادبي اظهار جو اعليٰ روپ هئي. اديبن، شاعرن، صحافين، فنڪارن جو بنا ڪنهن سڏ جي گڏ ٿيڻ، اهو ثابت ڪري ڇڏيو ته هي جدوجهد صرف سڃاڻپ جي نه، پر وجود جي هئي. ٻٻرلوءِ صرف هڪ جڳهه ناهي، اها هاڻ هڪ علامت آهي. جدوجهد، عشق، مزاحمت ۽ سچ جو آواز هو. اهو ڌرڻو سنڌ جي وجود کي نئون جنم ڏنو آهي، جنهن ۾ وڪيلن سان گڏ هر ماڻهو، هر عورت، هر ٻار، پنهنجي حصي جو ڏيئو ٻاريو آهي ۽ انهن سڀني ڏيئن جي روشني، هاڻ سنڌ جي راهه کي روشن ڪري رهي آهي. مان انهن سڀني کي سلام پيش ڪريان ٿو، جن هن تاريخ جو حصو بڻجڻ جو اعزاز ماڻيو. سنڌ جا هيءُ لمحا، سنڌي ادب جي اندر جي شاهڪار ۾ بدلجي رهيا آهن، جن جو هر پنو، هر سٽ، قومي تاريخ جي سنهري اکرن ۾ لکجي رهيو آهي.
حقيقت ۾ ٻٻرلوءِ، هڪ نالو، جيڪو ڪڏهن سنڌ جي نقش ۾ رڳو هڪ ڳوٺ هو، پر هاڻي اها زمين سنڌ جي قومي شعور، مزاحمت، عشق، درد، ساڃاهه ۽ قرباني جي علامت بڻجي چڪي آهي. سنڌ جي تاريخ ۾ ايم آرڊي جي تحريڪ کان وٺي سڀئي تحريڪون پنهنجي اکين سان ڏٺيون آهن، هر تحريڪ، هر للڪار جو سنڌ جي تاريخ گواهه آهي، پر جيڪو رنگ، جيڪو جذبو، جيڪو اظهار ٻٻرلوءِ جي ڌرڻي ۾ ڏٺو، اهو نرالو، انوکو ۽ الڳ ئي ڌارهو هو. جيڪڏهن ڪو چوي ته سنڌ هڪ جسم آهي، ان ۾ وڌاءُ نه ٿيندو. اتي رڳو سياسي ڪارڪن نه هئا، اديب، شاعر، صحافي، شاگرد، وڪيل، عورتون، نينگر، مزدور، هاري، فقير، سنڌ جو حقيقي چهرو هو. ڪڏهن ڪڏهن پٽ تي ويٺل فقير نعرو هڻي رهيو هو ته ڀر ۾ بيٺل ڪنهن وڏي خاندان جي نياڻي به ان نعري کي ڀرپور جواب ڏئي رهي هئي. اها هئي سنڌ جي سڃاڻپ، اها هئي حقيقي قومي يڪجهتي، سن ۽ جنگشاهي، ڪيٽي بندر ۽ ڪشمور، عمرڪوٽ ۽ ٽنڊو باگو، سڀ هڪ رنگ، هڪ لهجي، هڪ نظام ۾ بند هئا. ڪنهن نه چيو ته گرمي آهي، ڪنهن نه شڪايت ڪئي ته بيمار آهي، ڪنهن نه روئيو ته پئسا ختم ٿي ويا، سڀني وٽ رڳو هڪ ڳالهه هئي: ڌريا بنا جيئڻ ڪهڙو؟ رات جو رخي ماني، لسي جو جڳ، ماڻهو روڊ تي ستل، ليٽيل، سخت گرمي ۾ وڇايل چٽاين تي ماني کائيندي، پاڻمرادو نظام سنڀاليندي، مهمان نوازي ڪندي، ان قوم جي اها تصوير سامهون آئي، جيڪا صديون پوءِ به پنهنجي نسلن کي فخر سان ٻڌائيندي. اها جدوجهد صرف سياسي نه هئي، اها شعوري بيداري، قومي سڃاڻپ هئي، ثقافتي اظهار ۽ ادبي للڪار به هئي. نعرا، شاعري، گيت، ڳائڻ، وڄائڻ، اهو سڀ ڪجهه ڌرڻي جو حصو هو. هڪ اهڙو ماحول، جيڪو فقط ڪتابن، فلمن، ناولن يا خوابن ۾ ڏٺو ۽ پڙهيو ويندو آهي، اهو ٻٻرلوءِ جي ڌرتيءَ تي موجود هو. اهو ڌرڻو صرف هڪ تحريڪ نه، پر دشمن لاءِ موت هو، “دنيا کي ڌوڏي ڇڏيندڙ هي تاريخي يڪجهتي جو اظهار سنڌ ڌرتي جو ورجن هو، وڪيلن جي سرپرستي ۾ جنهن جا ڪردار عام ماڻهو آهن ۽ هر ساهه، هر آهون، هر للڪار، ادب جي اعليٰ شاهڪار بڻجي چڪي هئي. هي ڌرڻو تاريخ لکڻ لاءِ، قومون جاڳائڻ لاءِ، ۽ حاڪمن کي جاچڻ لاءِ ڪافي آهي. ٻٻرلوءِ جي ڌرڻي ۾ شامل هرهڪ شخص، هڪ آواز، هڪ اميد، هڪ علمبردار آهي ۽ مان انهن سڀني کي سلام پيش ڪريان ٿو، اهو سڄو ڪريڊٽ وڪيل برادري ڏانهن وڃي ٿو جن سڄي قوم جو ضمير جاڳايو.