ايڊيٽوريلنئون

بجلي جي پيداوار لاءِ فري مارڪيٽ قائم ڪئي ويندي: وزيراعظم

            وزيراعظم ميان محمد شهباز شريف توانائي جي شعبي ۾ پائيدار سڌارن جي حوالي سانIGCEP (Integrated Generation Capacity Expansion Plan) 2024-2034 اجلاس جي صدارت ڪئي، سڌ سماءَ جي ذريعن مطابق انهيءَ اجلاس ۾ هن چيو ته ملڪ ۾ جلد ئي بجليءَ جي پيداوار لاءِ فري مارڪيٽ قائم ڪئي ويندي. بجلي جون قيمتون اڃان به گهٽ ٿينديون ۽ توانائي جي شعبي ۾ منصوبن جي تڪميل ۾ ڪنهن به قسم جي دير قبول نه ڪئي ويندي. وزيراعظم چيو ته فري مارڪيٽ جي قيام سان بجلي جي واپار ۾ مقابلي جي رجحان جي ڪري توانائي جي مسلسل فراهمي ۽ قيمتن ۾ گهٽتائي ٿيندي. توانائي جي پيداوار ۽ انهيءَ جي ورهاست انهيءَ ڪري اهم آهي جو اسانجي ملڪ جو هر شهر ۽ ڳوٺ بجلي جو استعمال ڪندڙ آهي. مستقبل ۾ اسانکي توانائي جي وڌيڪ کپت ٿيندي. انهيءَ ڪري وزيراعظم جون IGCEP  جي اجلاس ۾ ڪيل ڳالهيون مستقبل ۾ ٿيندڙ تعليمي، زرعي، صنعتي ۽ ٻين شعبن ۾ ترقيءَ لاءِ ضروري آهن.

            موجوده وقت ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ زبردست ترقي ٿي رهي آهي. توانائي جي پيداوار لاءِ اسان جي ملڪ کي سڀ ئي ذريعا استعمال ڪرڻ گهرجن. توانائي جي وفاقي وزارت انهيءَ سلسلي ۾ گهڻو ڪم ڪري رهي آهي. وزيراعظم جي رهنمائي ۾ توانائي جي شعبي سان لاڳاپيل وزارت ۽ انتظامي اهلڪار هڪطرف انڊپينڊينٽ پاور پراجيڪٽس کي ڏسي رهيا آهن ۽ ٻئي طرف بجلي تقسيم ڪندڙ 6 سرڪاري ڪمپنين کي خانگائڻ جي ڳالهه به ٿي رهي آهي. جيئن ته آءِ پي پيز توانائي جي شعبي کي بجلي مهانگي قيمت تي وڪڻي رهيا هئا. ان ڪري وزيراعظم ۽ توانائي جي وزارت ان جو نوٽيس ورتو ۽ IPPs  سان ڳالهه ٻولهه شروع ڪئي. جنهن جي نتيجي ۾ بجلي جون قيمتون گهٽ ٿيون آهن. 6 سرڪاري ڪمپنين جي خانگائڻ جي ڳالهه به واجبي آهي. ڇاڪاڻ جو سرڪاري شعبي ۾ اهي ملڪ جي خزاني تي بار وجهي رهيون آهن. انهن بجلي ڪمپنين هن مالي سال جي ٽين ٽماهي مارچ 2025 تائين وڏو نقصان ڏيکاريو آهي. انهيءَ ڪري جيڪڏهن ڪي اليڪٽرڪ (K-Electric)  جيان انهن ڪمپنين کي به خانگايو وڃي ته سرڪار جا اربين رپيا بچي ويندا. جيڪي تعليم، صحت ۽ زراعت جي شعبن جي ترقيءَ لاءِ سيڙپ ڪري سگهجن ٿا. وفاقي سرڪار ۽ توانائي جي وزارت کي انهيءَ تي غور ڪرڻ گهرجي ته ملڪ ۾ بجلي جي کپت ۽ ضرورت ڏينهون ڏينهن وڌندي ويندي. سال 2024 کان 2034 تائين وزيراعظم جي انهيءَ توانائي پروگرام تائين پهچندي وڌيڪ توانائي جي پيداوار ڪرڻي پوندي. بنيادي ڳالهه اها آهي ته اڳتي هلي سرڪاري ڪمپنين جي ذريعي يا خانگي ڪمپنين جي ذريعي بجلي جي تقسيم ٿئي ٿي. پر جيئن ته اسانجو بجلي ۽ توانائي جي ترسيل جو نظام پراڻو آهي ۽ انهيءَ کي ملڪ جي توانائي جي ضرورت لاءِ بهتر ڪرڻو پوندو. جيئن جديد بنيادن تي توانائي جي ترسيل ممڪن ٿي سگهي، جنهن جي مستقبل ۾ ضرورت پوندي. گهريلو صارفين کان وٺي تعليم، زراعت ۽ صنعت جي شعبن تائين بجلي ۽ توانائي جي ضرورت پوندي. انهيءَ لاءِ وفاقي سرڪار کي ۽ صوبائي سرڪارن کي اپاءَ وٺڻا پوندا ته مستقبل ۾ بجلي جي پهچ هر شهر ۽ ڳوٺ ۾ يقيني بنائي وڃي ۽ لوڊشيڊنگ جو عذاب به ختم ٿئي.

            ماضيءَ ۾ ملڪ جي زرعي، صنعتي ۽ ٻين شعبن ۾ ترقي ۾ رڪاوٽ توانائي جو بحران رهيو آهي. هاڻي توانائي جي بنا رڪاوٽ پهچ زرعي ۽ صنعتي شعبن ۾ يقيني ٿي وئي آهي، پر ڇاڪاڻ جو بجلي ۽ توانائي جون قيمتون وڌيل آهن. انهيءَ ڪري زراعت ۽ صنعت جي شعبي کي هلائيندڙ ۽ انهن جا خريدار مهانگي بجلي ۽ توانائي جي قيمت پنهنجي کيسي مان ڀري رهيا آهن ۽ مهانگائي جو عذاب الڳ پيدا ٿي رهيو آهي. IGCEP  جي اجلاس ۾ وزيراعظم چيو ته اسين چاهيون ٿا ته بجلي جي بنا رڪاوٽ فراهمي جاري رهي آهي ۽ انهن جي قيمتن ۾ گهٽتائي اچي. فري مارڪيٽ جي قيام سان توانائي ۽ بجلي جي واپار ۾ مقابلي جي ڪري بجلي جي فراهمي بهتر ٿي ويندي ۽ بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي به ٿيندي. IGCEP  جي اجلاس ۾ ٿيل فيصلن جي آجيان ڪجي ٿي ته موجود وقت ۽ مستقبل لاءِ توانائي ۽ بجلي جي فراهمي لاءِ رٿابندي ٿي رهي آهي. توانائي ۽ بجلي جي عام ماڻهو کان وٺي صنعت، زراعت ۽ ٻين شعبن تائين پهچ ملڪ جي ترقي لاءِ ضروري آهي.