نئون

ملڪ اندر بريسٽ ڪينسر حد تائين وڌي ويو: رپورٽ

ڪراچي ڪينسر رجسٽري جي رپورٽ مطابق ملڪ اندر بريسٽ ڪينسر خطرناڪ حد تائين وڌي ويو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ اندر 2017 ۾ بريسٽ ڪينسر ٻين قسمن جي ڪينسرن کان وڌيڪ ماڻهن کي شڪار بڻايو. رپورٽ مطابق بريسٽ ڪينسر عورتن ۾ 41 سيڪڙو تائين رهيو. هن قسم جي رپورٽ 10 سالن بعد Revive ڪئي وئي آهي. جنهن ۾ ظاهر ٿيو آهي ته ملڪ اندر هن قسم جو ڪينسر خطرناڪ حد تائين پهچي چڪو آهي. رپورٽ ظاهر ڪندڙ ماهرن چيو ته ملڪ ۾ اهو سمجهيو ويندو آهي ته هتي وات جو ڪينسر وڌيڪ ماڻهن ۾ موجود آهي جنهن جو سبب پان، گٽڪو ۽ نسوار آهن، پر هن رپورٽ ۾ بريسٽ ڪينسر ان کان به وڌيڪ حد تائين ظاهر ٿيو آهي، جنهن جو هڪ سبب فاسٽ فوڊ جو وڌيل استعمال آهي. جڏهن ته هيپاٽائيٽس بي ۽ سي ڪارڻ لور ڪينسر جو نمبر چوٿين نمبر تي اچي ٿو. ماهرن اهو به چيو ته حڪومت جي سپورٽ سينٽر ۽ صوبائي ليول تي گهربل آهي جنهن ذريعي هن قسم جي ڪينسر کي اسڪرين ڪرڻ سان گڏوگڏ ان جو علاج به ڪري سگهجي.