عالمي ادارا ناڪام؟ ڇا ٿيندو؟
اڄ جي دنيا ۾ انسانيت هڪ اهڙي ٻه واٽي تي بيٺي آهي، جتي امن انصاف ۽ گڏيل ڀائيچاري جا نعرا رڳو تقريرن قراردادن ۽ رپورٽن تائين محدود ٿي ويا آهن، جتي گڏيل قومن جا ادارا، اقوام متحده، انٽرنيشنل ڪرمنل ڪورٽ ۽ ٻين بين الاقوامي ادارن جو وجود رڳو طاقتور ملڪن جي مفادن جي تحفظ تائين محدود ٿي ويو آهي. موجوده صورتحال ۾ اهي ادارا عوامي حقن، اقليتن جي بقا ۽ امن جي قيام لاءِ ڪم ڪرڻ بدران، سامراجي قوتن جا اوزار بڻجي ويا آهن.
ٽن سالن کان وٺي جاري اسرائيلي جارحيت جيڪا غزه ۾ هزارين بيگناهن جي موت جو سبب بڻي ان تي بين الاقوامي ادارن جي خاموشي خود انهن جي غير فعاليت جو زنده ثبوت آهي. اقوام متحده جون قراردادون جن جو مقصد ته امن جو قيام اقليتن جي حقن جي تحفظ ۽ نسل ڪشي جي روڪٿام هئڻ گھرجي اڄ فقط سياسي هٿيار بڻجي ويون آهن. جڏھن اسرائيل جهڙو ملڪ بي فڪري سان حملن ذريعي عورتن، ٻارن ۽ عام شهرين کي نشانو بڻائي ٿو تڏھن اهي ادارا رڳو “تشويش” جو اظهار ڪري خاموش ٿي وڃن ٿا. ڇا هي انساني همدردي آهي؟ يا بين الاقوامي قانون جي نافرمانيءَ تي انعام ڏيڻ؟
ساڳئي وقت ايران بابت پاليسين ۾ به بنيادي غير جانبداري جو فقدان صاف نظر اچي ٿو آمريڪا ۽ يورپي يونين جون ايران تي لڳايل پابنديون انهن جي داخلي خود مختياريءَ ۾ مداخلت ۽ سفارتي اڪيلائپ انهن سڀني ڳالهين جو مقصد اسرائيل کي خطي جو اڪيلو نگران ۽ حاڪم بڻائڻ آهي. اڄ ايران جي خلاف سامراجي بيانيي جو مرڪز “سڪيورٽي” آهي. جڏهن ته حقيقت ۾ اها خطي ۾ طاقت جي توازن کي بگاڙڻ جي سازش آهي. ايران جي باري ۾ عالمي ادارن جو ٻٽو معيار ظاهر ڪن ٿا ته امن جي ڳالھه ڪندڙ ادارا اصل ۾ ڪنهن هڪ ملڪ جي دفاع لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن.
جُون مهيني ۾ هڪ اھم ۽ نازڪ واقعو پيش آيو جيڪو خطي جي مستقبل ۽ عالمي امن لاءِ خطرناڪ پيغام رکي ٿو. ايران جو ايٽمي ڊيل بابت چيف نيگوشيئيٽر جيڪو آمريڪا سان نئين معاهدي لاءِ ڳالهيون ڪري رهيو هو اسرائيلي ڪارروائيءَ ۾ قتل ڪيو ويو، هي واقعو ان وقت ٿيو جڏهن ايران طرفان عالمي سطح تي نرم رويو سفارتي لچڪ ۽ حل طلب رجحان سامهون آيو، پر ان جي ابتڙ اسرائيل جو جارحاڻو، ضد ڀريو ۽ جنگ پسند رويو وڌيڪ شدت اختيار ڪري ويو.
اسرائيل جا ھي حملا جنگ جي باقائده شروعات هئا ھن قتل عام سان ايران ۾ رد عمل وڌيو ۽ بدلي جي باقاعده شروعات ٿي دنيا شاهد آهي ته اسرائيل مسلسل اهڙا قدم کڻي رهيو آهي، جيڪي خطي جي امن لاءِ زهر برابر آهن.
وزيراعظم نيتن ياهو جيڪو اڳ ئي عالمي سطح تي جنگي مجرم قرار ڏنو ويو آهي ۽ جنهن تي انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين جا الزام آهن. هن وقت به ساڳيو رستو اختيار ڪري رهيو آهي. عالمي ادارن طرفان سندس خلاف رپورٽون جنگي ڏوهن بابت ثبوت ۽ انساني تباهي جا انگ اکر موجود هجڻ باوجود اڄ تائين ڪنهن به اھم عالمي اداري ان خلاف ڪارروائي نه ڪئي آهي. ڇا اها ڳالهه ان ڳالهه جو ثبوت ناهي ته اهي ادارا ناڪام بي اثر ۽ سياسي غلام بڻجي چڪا آهن؟
نقشي جي پٺيان جيڪا اصل ڳالھه لڪيل آهي اها هيءَ آهي ته نيتن ياهو ۽ سندس حڪومت ايران سان ڪنهن به قسم جي ڳالهين يا لاڳاپن کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، ڇو ته ايران جي ترقي، خود مختياري ۽ خطي ۾ اثر رسوخ، اسرائيل جي سامراجي پاليسين لاءِ سڀ کان وڏو خطرو بڻجي چڪو آهي. جيڪڏهن ايران آمريڪا يا يورپ سان ڪنهن به سطح تي نئون معاهدو ڪري وٺي ٿو ته اسرائيل جي خطي اندر “دھشتگرديءَ ذريعي ڪنٽرول” واري حڪمت عملي ناڪام ٿي سگهي ٿي.
انهيءَ لاءِ ئي نيتن ياهو جهڙا اڳواڻ امن جي امڪانن کي ختم ڪرڻ لاءِ اهڙا خطرناڪ قدم کڻي رهيا آهن، جيڪي نه رڳو انساني اصولن جي نفي آهن، پر عالمي امن لاءِ بم جو ٽائيمر بڻجي رهيا آهن.
هاڻوڪي دور ۾ عالمي ادارن جي غير فعاليت صرف خاموشيءَ تائين محدود ناهي رهي، بلڪه ڪيترن ئي ادارن ۽ سوشل ميڊيا پليٽ فارمن جي پاليسين مان واضح طور تي ظاهر ٿئي ٿو ته اهي اسرائيلي مفادن جي تحفظ لاءِ سرگرم آهن. مثال طور: انٽرنيشنل ائٽامڪ انرجي ايجنسي (IAEA) جيڪو نظريي طور غير جانبدار ادارو هجڻ گھرجي، پر ان جي عملن مان بار بار اهو ثابت ٿيو آهي ته ان جو رويو ايران لاءِ انتهائي سخت ۽ اسرائيل لاءِ بيحد نرم آهي.
ايٽامڪ انرجي ايجنسي جنهن جو ڪم عالمي طور نيو ڪليئر سرگرمين تي نگراني ۽ توازن قائم رکڻ آهي ان تي سنجيده الزام لڳن ٿا ته هن ايران جي نيو ڪليئر سائنسدانن ۽ ريسرچ جي حساس معلومات اسرائيل سان شيئر ڪئي آهي، نتيجي طور ايران جي ڪيترن ئي نيو ڪليئر سائنسدانن کي اسرائيلي ايجنسي موساد جي ڪارروائين ۾ ٽارگيٽ ڪري قتل ڪيو ويو آهي. هي عمل بين الاقوامي قانون ادارن جي اخلاقي ذميواري ۽ نيو ڪليئر سائنس جي تحفظ جي عالمي ضابطن جي کليل ڀڃڪڙي آهي.
سوال هي آهي ته ڇا هڪ اهڙو ادارو جيڪو ڪنهن ملڪ جي سائنسدانن جي زندگي کي خطري ۾ وجهي اهو غير جانبدار سڏجڻ جي لائق آهي؟ ۽ جيڪڏهن نه ته پوءِ اهڙن ادارن جي بقا جو جواز ڇا آهي؟
ساڳئي وقت يوٽيوب، انسٽاگرام، ٽوئيٽر ۽ ايڪس جهڙيون سوشل ميڊيا ڪمپنيون جيڪي ته نظريي طور آزاديءَ جي ترجمان هجڻ جو دعويٰ ڪن ٿيون، پر حقيقت اها آهي ته اهي به اسرائيلي بيانيي کي تحفظ ڏئي رهيون آهن. فلسطيني صحافين عام ماڻهن ۽ حمايتي تنظيمن جون پوسٽون يا ته حذف ٿي وڃن ٿيون يا انهن کي“community guidelines” جي نالي تي بند ڪيو وڃي ٿو. جڏهن ته اسرائيلي حمايت ۾ آيل پروپيگنڊا جنگي بيان ۽ نسلي نفرت تي ٻڌل مواد بنا ڪنهن روڪ جي موجود رهي ٿو.
ان کان به اڳتي ڪيترن ئي فلسطيني صحافين جا اڪائونٽ ختم ڪيا ويا يا انهن جي مواد جي پهچ محدود ڪئي وئي، هي رڳو آن لائين سينسرشپ نه، پر انساني آواز جو کنڀجي وڃڻ آهي، جتي عوام سچ ڳالهي ٿو اتي سوشل ميڊيا ڪمپنيون خاموشيءَ سان انهن جي زبان بند ڪن ٿيون ۽ جتي طاقتور ڌريون ڪوڙ پکيڙين اتي انهن لاءِ هر دروازو کليل آهي.
اهو رڳو اتفاق نه، پر هڪ منظم حڪمت عملي آهي جنهن سان عالمي ذهن کي دوکو ڏنو پيو وڃي سچ کي لڪائي ڪوڙ کي عام ڪيو پيو وڃي. اهڙي غير اخلاقي پاليسيءَ سان سوشل ميڊيا پليٽ فارم پڻ عالمي ادارن وانگر سامراجي مفادن جا غلام بڻجي چڪا آهن. اها حقيقت لڪائي نٿي سگهجي ته دنيا هاڻ واحد سپر پاور تي دارومدار نٿي ڪري آمريڪا جو اثر گهٽجي رهيو آهي. جڏهن ته چين روس ۽ ٻين اڀرندڙ طاقتور ملڪن جو اثر وڌي رهيو آهي. هي صورتحال جيڪا نئين “ملٽي پولر ورلڊ” جي شڪل اختيار ڪري رهي آهي، انهيءَ جي ڪري عالمي ادارا پاڻ مرادو ڪمزور ٿي ويا آهن. اقوام متحده، جيڪا هڪ وقت امن جو ضامن سمجهي ويندي هئي، اڄ پنهنجي رڪن ملڪن جي راءِ فيصلن ۽ ووٽنگ تائين ۾ مغربي ملڪن جي مرضيءَ جي تابع آهي. رڳو ويٽو پاور هجي يا سلامتي ڪائونسل جون قراردادون انهن سڀني جي اصليت طاقت جي بالادستيءَ سان ڳنڍجي وئي آهي.
بين الاقوامي قانون جيڪو انسانيت جي تحفظ لاءِ لاڳو ڪيو ويو اهوئي قانون اڄ بيڪار بڻجي ويو آهي ان جو وڏو مثال اهو آهي ته جڏهن اسرائيل غزه تي حملو ڪري ٿو ته ان کي روڪڻ لاءِ ڪوبه قدم نٿو کنيو وڃي، پر جڏهن ڪو ٻيو ملڪ انساني حقن بابت آواز اٿاري ٿو ته ان تي پابنديون لڳن ٿيون. اهڙي صورتحال ۾ عام ماڻهوءَ جو يقين بين الاقوامي نظام تان ختم ٿي رهيو آهي جڏهن قانون طاقتور جي هٿ ۾ قيد ٿي وڃي ته ان جو مطلب فقط هڪ ئي آهي: انتشار، بدامني، ۽ جنگ. اهو سڀ ڪجھه رڳو خطري جي گھنٽي نٿو هجي، بلڪه تباهيءَ جي مڪمل تصوير آهي. دنيا جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته جتي به انصاف، توازن ۽ عالمي ادارن جو نظام ڪمزور ٿيو اتي ئي جنگين، قتل عام ۽ انساني المين جنم ورتو. اڄ جي غير فعال دنيا به ساڳئي رستي تي آهي. جيڪڏهن موجوده حالتن ۾ ڪا ننڍڙي سياسي يا فوجي غلطي ٿي وئي ته اها سڌيءَ ريت عالمي جنگ جي صورت اختيار ڪري سگهي ٿي. ڇاڪاڻ جو طاقتور ملڪ پنهنجي مفادن لاءِ بين الاقوامي قانون جي ڀڃڪڙي ڪندا رهن ٿا ۽ بيگناھ قومون ان جي قيمت پنهنجين زندگين سان ادا ڪن ٿيون. گڏيل قومن جو ادارو، سلامتي ڪائونسل، انٽرنيشنل ڪرمنل ڪورٽ، (ICC)، IAEA ۽ ٻين ادارن جو عمل سندن حقيقي مقصدن کان پري طاقتور ملڪن جي سياسي مفادن لاءِ ڪم ڪرڻ تائين محدود ٿي چڪو آهي.
فلسطين ۾ اسرائيل جي ظلم تي خاموشي: 75 سالن کان جاري اسرائيلي قبضي، نسل ڪشي ۽ بين الاقوامي قانون جي ڀڃڪڙين باوجود اقوام متحده سواءِ لفظي مذمت جي ڪجهه نه ڪيو ڪڏهن به سخت پابنديون يا سياسي قدم نه کنيا ويا.
ايران جي خلاف ٻٽو معيار:
جڏهن ايران پنهنجي نيوڪليئر ريسرچ جي وضاحت ڏئي ٿو تڏهنIAEA رپورٽون جاري ڪري ٿو، پر اسرائيل جيڪو پاڻ نيوڪليئر هٿيار رکي ٿو ان تي ڪڏهن به ڳالھه نٿي ٿئي.
يوڪرين روسي جنگ ۾ فوري رد عمل پر غزه لاءِ خاموشي:
روس تي فوري پابنديون لڳن ٿيون، پر اسرائيل لاءِ ناهي ڇا انساني رت جو رنگ مختلف آهي؟
ادارن جي بي اثر هجڻ جا سبب:
ويٽو پاور جو غلط استعمال اقوام متحده ۾ طاقتور ملڪ پنهنجي مفادن لاءِ ويٽو پاور استعمال ڪري سچ کي دٻائين ٿا.
مالي انحصار گهڻا ادارا مغربي ملڪن جي فنڊنگ تي هلن ٿا تنهنڪري سندن آزادي متاثر ٿي وئي آهي.
غريب ملڪن جي نمائندگي جو گهٽ هجڻ دنيا جي اڪثريت جي نمائندگي چند امير ملڪن جي هٿ ۾ آهي.
قانون جي چونڊ لاڳو ٿيڻ عالمي قانون صرف ڪمزور تي لاڳو ٿئي ٿو طاقتور قومون قانون کان مٿانهيون رهن ٿيون.


اڄ جي دنيا ۾ انسانيت هڪ اهڙي ٻه واٽي تي بيٺي آهي، جتي امن انصاف ۽ گڏيل ڀائيچاري جا نعرا رڳو تقريرن قراردادن ۽ رپورٽن تائين محدود ٿي ويا آهن، جتي گڏيل قومن جا ادارا، اقوام متحده، انٽرنيشنل ڪرمنل ڪورٽ ۽ ٻين بين الاقوامي ادارن جو وجود رڳو طاقتور ملڪن جي مفادن جي تحفظ تائين محدود ٿي ويو آهي. موجوده صورتحال ۾ اهي ادارا عوامي حقن، اقليتن جي بقا ۽ امن جي قيام لاءِ ڪم ڪرڻ بدران، سامراجي قوتن جا اوزار بڻجي ويا آهن.