خاصنئون

چيئرمين ايف بي آر ۽ گورنر اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان کي عهدن تان هٽايو ويو

اڳوڻي خزاني واري وزير اسد عمر جي دور ۾ چيئرمين ايف بي آر جهانزيب خان ۽ گورنر اسٽيٽ بينڪ طارق باجوا کي هٽائڻ جو فيصلو ورتو ويو هو پر آءِ ايم ايف واري بيل آئوٽ پيڪيج، روينيو جي معاملن ۽ اقتصادي صورتحال کي در پيش چئلينجن سبب ان فيصلي تي عمل کي روڪيو ويو هو، جڏهن ته خزاني واي صلاحڪار عبدالحفيظ سان مشاورت بعد وزيراعظم پاران ترت ئي اهو وڏو قدم کنيو ويو آهي. خبرن موجب حڪومت پاران چيو ويو آهي ته چيئرمين ايف بي آر کي هٽائڻ جو وڏو سبب اپريل جي مهيني ۾ روينيو جو شارٽ فال ۽ ايمنسٽي اسڪيم تي تحفظات آهن انهيءَ سبب وزيراعظم اهو فيصلو ڪيو آهي. فيصلي اچڻ کانپوءِ گورنر اسٽيٽ بينڪ طارق باجوا وزارت خزانا جي مدد سان استعيفيٰ وزيراعظم ڏانهن موڪلي ڇڏي آهي.