سنڌ ۾ ڪورونا بي قابو، هڪ ڏينهن ۾ 404 نوان ڪيس، 8 ڄڻا فوت

سنڌ ۾ هڪ ڏينهن ۾ 404 نوان مريض ظاهر مريضن جو انگ 5659 ٿي ويو، وڌيڪ 8 ڄڻا فوت ٿي ويا، فوتين جو انگ 100 تائين پهچي چڪو آهي. ان حوالي سان ڪالهه ڪورونا بابت پنهنجي وڊيو پيغام ۾ تفصيل ٻڌائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ڪورونا جا هڪ ڏينهن ۾ 404 نوان ڪيس سامهون آيا آهن، جيڪا ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي. جڏهن ته سڀ کان وڌيڪ 8 مريض فوت ٿي ويا. هن چيو ته 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 3729 ٽيسٽون ڪيون ويون، جنهن مان 404 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا، جيڪو گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪيل ٽيسٽن جو 10.8 سيڪڙو آهي. سنڌ ۾ هيستائين 51790 ٽيسٽون ڪيون ويون آهن، جن مان 5659 ڪيس پازيٽو ٿيا آهن، هيستائين 1169 مريض صحتياب ٿيا، 54 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي ۽ 18 وينٽيليٽرز تي رکيل آهن. نون ڪيسن ۾ ڪراچي جا 332، سکر جا 14، لاڙڪاڻي جا 13، خيرپور 13، نوابشاهه ۽ شڪارپور 7، 7 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا. ماڻهو سماجي وٿي رکن ۽ غير ضروري طور گهرن کان ٻاهر نه نڪرن
