خاص

ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري جي سمري، 3 نالا تجويز

نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري جي سمري وزيراعظم آفيس کي وصول ٿي وئي. ذريعن موجب نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري لاءِ سمري بچاءُ واري وزات طرفان موڪلي وئي آهي. حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته بچاءُ واري وزارت ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري جي سمري ۾ 3 نالا تجويز ڪيا آهن. ذريعن موجب سمري ۾ ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل نديم احمد انجم، چيف آف لاجسٽڪ اسٽاف جي ايڇ ڪيو ليفٽيننٽ جنرل ثاقب محمود ملڪ ۽ ٽيون نالو ڪور ڪمانڊر ڪوئيٽا ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي جو آهي. وزيراعظم جي منظوري کانپوءِ نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري جو اعلان ڪيو ويندو.