بلاگنئون

سنڌو درياهه ۾ ريل

ملڪ ۾ جنرل اليڪشن 2024ع جون تياريون زور شور تي جاري هيون هر طرف مختلف پارٽين جا رنگ برنگي جهنڊا ڦڙڦڙ ڪري رهيا هئا، ديوارون پمفليٽن سان ڍڪيل هيون، بجلي جي ٿنڀن ۽ موبائلن جي ٽاورن تي به جهنڊا جهرمر ڪري رهيا هئا، انگريزن جي ايجاد ڪيل لائوڊ اسپيڪرن تي مختلف سياسي گانن جي ڌم لڳل هئي، انهن گانن تي نچ ناچوئڙا مهل نچڻ جي بنياد تي نچڻ وارن جا نرالا انداز نمايان هئا، جتي ڪٿي اليڪشن جون ڳالهيون هلي رهيون هيون، چوڏس هڪ طرح سان چهچٽو متو پيو هو، هر ڪو پنهنجي پارٽي، قائد، ليڊر، اڳواڻ ۽ نمائندي جا ڪاميابيءَ جا نعرا هڻي رهيو هو ته ڪٿي وري خوف جي آبهوا به هلي رهي هئي، ڇو ته ماضيءَ ۾ ٿيندڙ چونڊن ۾ کٽڻ ۽ هارائڻ واري معاملي تان ڪيترائي قتل ٿيا هئا. ڪيترائي بيگناهه ماريا ويا هئا، ڪيترائي خاندان اجڙي ۽ ويڙها ويران ٿي ويا هئا، پر موٽ ۾ ڇا ٿيو هو ڪجھ به نه، ڄڻ ته ڪجھ ٿيو ئي نه هو.
سرڪاري نوڪر هئڻ جي ناتي اسان جي به اليڪشن واري ڏينهن تي ڊيوٽي لڳي سو ٽپڙ ٽيشڻ تي ۽ بسترو ڪلهي تي چواڻيءَ وانگي اسان به اهڙن ڏينهن تي گهر کان بدر ٿي ويندا آهيون، سو حڪم مليو ته حيدرآباد وڃڻ لاءِ تيار ٿيو، ايئن اربع 07.02.2024 تي ڪراچي کان سرڪاري بس ۾ روانا ٿياسين، رستي تي ساهي کڻندا، کائيندا پيئندا، ڪراچي ۽ حيدرآباد جي وچ واري مفاصلي ۾ قدرت جا نظارا پسندا، جبلن جي سونهن ۽ فطرت تي ٿيل قبضن تي افسوس ڪندا، سنڌي قوم جي ماٺ تي ماتم ڪندا وڃي ڄامشورو ٽول پلازه ڪراس ڪيوسين.
ياد ٿو پوي ته ڪو زمانو هوندو هو، جڏهن ريڊيو جو عروج هو، ها ريڊيو جو زوال ته هاڻي به ناهي ٿيو، پر وقت جي مناسبت سان گهٽ وڌائي ضرور ٿي آهي، ڇو ته اڳي اسڪرين ميڊيا گهٽ هئي، ان بعد وري ٽچ موبائل جو زمانو به آيو، پر جڏهن ٽي وي ۽ موبائل نه هئا، تڏهن ريڊيو جو به پنهنجو جوڀن هو، سو ان ريڊيو تي خاص ڪري ٻارن جي پروگرام ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد اسٽيشن تان هڪ مزاحيه ڪلام هلندو هو (ان ڪلام جي شاعر ۽ فنڪار جا نالا ياد نٿا اچن)، سو ڪلام هن طرح هو ته:
تلڪ چاڙهيءَ تي ٻيڙي ڊوڙي
سنڌو نديءَ ۾ ريل
ٻارو ڏسو نرالو کيل
ڏسو نرالو کيل
حيدرآباد جنهن جو پراڻو نالو نيرون ڪوٽ آهي ۽ هي شهر سنڌ جو ٻيو نمبر وڏو ۽ تاريخي شهر آهي، هن شهر ۾ مولا علي پاڪ جا قدم مبارڪ، ميرن جا قبا، ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جو مقبرو (هي اها هستي آهي جنهن حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جو قبو تعمير ڪرايو هو)، ميان سرفراز ڪلهوڙو جيڪو ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جو پٽ هو (جنهن کي قيد ڪري سندس اکيون ڪڍيون ويون هيون)، شاهي بازار، گهنٽه گهر، ڦول عرف کدڙا گلي، ڦليلي واهه، فقير جو پڙ، گنجو ٽڪر (چون ٿا ته مرشد لطيف جي شاعريءَ ۾ گنجي ٽڪر جو ذڪر آهي) وغيره مشهور آهن، جيئن شاعر هن شهر جي مختصر منظرنگاري ڪندي چوي ٿو ته:
هلي حيدرآباد ۾، گهمون گهٽي گهٽي،
قدم مولا علي پاڪ جا، ڏيون کين مٺي،
قلعو پڪو بازار شاهي، پڻ تلڪ چاڙهي،
سڄڻ سرفراز ڪالوني، سندس مزار اتي ئي،
ڦيرو فقير پڙ جو، ڏسون حيدر چوڪ هلي،
شغل ريشم بازار ۾، آهي جتي ڦول گلي،
مقبرو ميان غلام شاهه جو، اسپتال اکين واري،
ايئن اسٽيشن روڊ الا، گهمجي راڻي باغ ڀي،
آهي سهڻو شهر سڄوئي، قديم ۽ تاريخي،
سچ ڏاڍي خوشي ملي، اڄ اختر نواز چئي.
اتي ئي هن شهر جي تلڪ چاڙهي به مشهور آهي، ٻي طرف سنڌو درياهه جيڪو حيدرآباد جي اولھ کان لنگهي ڪري وڃي سنڌي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو، درياهه جي پاڻيءَ جو سنڌي سمنڊ ۾ ڇوڙ نه ڪرڻ سبب سمونڊ جو کارو پاڻي ٺٽي ۽ بدين جي زمينن کي کائي ۽ تباهه ڪري رهيو آهي، ڪوٽڙي کان اڳتي جون زمينون ۽ ٻيلا ويران ۽ تباهه ٿي رهيا آهن، آبي جيوت ختم ٿي رهي آهي، ان درياهه جي ٻي ڪپ تي ڄامشوري ۽ ڪوٽڙي جا مشهور علمي ۽ ادبي شهر واقع آهن، سنڌو درياهه حقيقت ۾ سنڌ جي آجپي جو سرواڻ ۽ سنڌ جي سينڌ ۽ سونهن ورونهن آهي، سڄي سنڌ جو ساهه سنڌو درياهه آهي جنهن جو پاڻي آب زم زم، آب ڪوثر ۽ آب حيات آهي.
سنڌو درياهه هونئن ته ڪشمير کان ٿيندو اچي ڪشمور وٽان سنڌ ۾ داخل ٿئي ٿو، جتي انگريزن آبپاشي نظام جي ورهاست تحت گڊوءَ جي مقام وٽ 64 دروازا ٺاهي بئراج سسٽم جو بنياد وڌو، ان کان اڳتي سکر ۾ 66 دروازا تعمير ڪري پاڻي جي بهترين ونڊ ڪئي، اڳتي هلي ڄامشورو وٽ غلام مُحۡمّد بئراج تعمير ڪري 44 درن تحت پاڻيءَ کي مختلف شهرن تائين پهچائي رسد کي يقيني بڻايو ته جيئن سنڌ جي زمينن کي سرسبز ۽ زرخيز بڻائي سگهجي.
حيدرآباد شهر جي تلڪ چاڙهي نهايت ئي مشهور ۽ مصروف چاڙهي آهي جتي هر وقت ننڍين وڏين گاڏين جي پيھ رهي ٿي، ٻيو ته اڪثر قلمڪارن به هن چاڙهيءَ کي پنهنجي تحريرن ۾ شامل ڪري کيس امرتا بخشي آهي، سچ ته تلڪ چاڙهي حيدرآباد جي سڃاڻپ آهي.
اسان جڏهن ڄامشورو ٽول پلازه ڪراس ڪري سنڌو درياهه جي پل تي پهتاسين ته ان وقت چڱي تيز هوا به هلي رهي هئي جنهن سبب درياهه ۾ پاڻي نه هجڻ سبب درياهه منجهان اڏندڙ واري اکين کي انڌو ڪري رهي هئي، جڏهن ته درياهه منجهان پٺاڻن جا ڊمپر ڪاروبار خاطر واري کڻي رهيا هئا، ان وقت ايئن محسوس ٿي رهيو هو ته اهي ڊمپر نه، پر ڪا ريل هجي جيڪا درياهه منجھ ڊوڙي رهي هئي، ڇو ته هوڏانهن تلڪ چاڙهيءَ تي رڪشا ۽ ٻيون گاڏيون ٻيڙين وانگي هلي يا تري رهيون هيون.
مٿي لکيل ٻارن خاطر مزاحيه ڪلام جنهن به شاعر لکيو ۽ جنهن به فنڪار ڳايو آهي، ان کي خالي مزاح تائين محدود رکجي يا وري سنڌو درياهه بابت هڪ بددعا سمجهي درگذر ڪرڻ وارو عمل به اندر کي ايذائيندڙ ۽ گهائيندڙ عمل آهي، ڇو ته هن وقت ڄامشوري جي غلام مُحۡمّد بئراج جي دروازن کان هيٺ پاڻيءَ بجاءِ واريءَ جا دڙا نظر ايندا آهن ۽ ايئن محسوس ٿيندو آهي ته ڄڻ هي درياهه نه، پر اڇڙي ٿر جو علائقو هجي، ڇو ته 44 درن کان هيٺ پاڻي ايئن وهي رهيو هو، جيئن ڪنهن بئراج منجهان نڪرندڙ هڪ ننڍڙي واهي وهندي هجي جيڪا واهي ڪنهن به قيمت تي پڇڙيءَ تي رهندڙن، زرعي زمينون آباد ڪندڙن ۽ پياسن جي پياس نٿي اجهائي سگهي، جيڪو حقيقت منجھ درياهه سان گڏ ڪوٽڙيءَ کان اڳتي سنڌي سمنڊ تائين پکڙيل آبادي جنهن ۾ مختلف ڳوٺ، ٻيلا ۽ ٻيا ڪيترائي ساهه وارا اچن ٿا جن جو قتل آهي، يعني سنئين سڌي نسل ڪشي آهي، جنهن جي تباهي ۽ بربادي جو ازالو نٿو ڪري سگهجي، ها ڄامشوري کان هيٺ درياهه ۾ پاڻي تڏهن ئي ايندو آهي، جڏهن ملڪ ۾ سانوڻ جون برساتون پونديون آهن، ڪا وڏي ٻوڏ ايندي آهي يا وري پاڻي اضافي هوندو آهي نت باقي درياهه جي ڪنارن تي بيٺل مختلف وڻ، ڪانهن ۽ ٻوڙا به اڃ سبب سُڪي ويندا آهن.
چڱيءَ ريت ياد ٿو پوي ته ڪجھ عرصو اڳ يعني 18.10.2020 تي ٺٽي ۽ سجاول ضلعن کي ملائيندڙ دولھ دريا خان پل تي سير و تفريح خاطر وڃڻ ٿيو هو، جتي گهر واريءَ چيو ته ڪنهن مهاڻي کان معلوم ڪر ته ڇا مڇي پلو ملي ويندو، سو هڪ ملاح کان معلوم ڪيم ته ان روئندي وراڻيو ته ادا اهو وقت ئي گذري ويو، جڏهن پلو مرندو هو، هاڻي ته اسان پاڻ پيا مرون، هاڻي ته پاڻي ئي ڪونهي ڪو، ڇو ته پلو سمنڊ جي پيداوار آهي ۽ جڏهن درياهه جو پاڻي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو آهي ته پلو مٺي پاڻيءَ جي ڪري درياهه جو رخ ڪندو آهي ۽ ان وقت اسان جو به سٺو ڪاروبار ۽ گذر سفر ٿيندو آهي ۽ اهو پلو هتان کان اڳتي وڃي ڄامشوري ۽ سکر تائين به ويندو آهي، مگر افسوس جو پلو ته ٺهيو، پر ٻي مڇي به نصيب نٿي ٿئي، سنڌو درياهه ۾ پاڻي نه هجڻ جو وڏو ڪارڻ اهو به آهي جو درياهه جي مهڙ تي ڪيتريون ئي مختلف ڊيمون ٺهي ويون آهن ته وري اڃان ڪي ٺاهيون پيون وڃن ۽ ايئن ويتر مٿي وارا سنڌ کي ڪربلا بڻائڻ خاطر مختلف ڪئنال پڻ ٺاهي رهيا آهن، پر افسوس جو سنڌ سرڪار ۽ سنڌ جو عوام ڪا به مزاحمت نٿو ڪري، سو جي اهو سلسلو ايئن ئي هلندو رهيو ته ايندڙ وقت ۾ گڊوءَ کان هيٺ پاڻيءَ جو اچڻ ئي بند ٿي ويندو ۽ سنڌ جنهن کي شاهوڪار ۽ شاهڪار چيو ٿو وڃي سا سُڪي ٺوٺ ٿي ويندي، جيئن مرشد لطيف چوي ٿو ته:
پاڻيءَ مٿي جهوپڙا، مورک اڃ مرن
يا وري جڏهن ميهار جي سهڻي درياهه ۾ ٻڏي ٿي وڃي ته اتي لطيف سرڪار ميهار جي زبان سان چوي ٿو ته:
ڪنڌيءَ جهليو ڪانهن عاشق اڀوه آنهون ڪري
تو ڪيئن ٻوڙي سهڻي ٻيلي منهنجي ٻانهن
درياهه توتي دانهن ڏيندس ڏينهن قيام جي (شاهه)
هتي ميهار جي اها فرياد جائز آهي يا نه، پر ميهار درياهه تي دانهين ضرور آهي ڇو ته درياهه جي وهڪري ۽ تيز لهرن سهڻيءَ کي ٻوڙي ڇڏيو ۽ سهڻي ميهار سان نه ملي سگهي، پر سهڻي هڪ عورت آهي، جنهن سان سندس نڻان دوکو ڪري پڪي گهڙي جي بدلي ڪچو گهڙو رکيو آهي ۽ ڪچو گهڙو پاڻيءَ ۾ ڳري ويو ۽ سهڻي لهرن سان ويڙهه ڪندي ڪندي مري ويئي جنهن کي وري لطيف سرڪار پنهنجي شاعريءَ ۾ امر ڪري ڇڏيو آهي، مگر جيئن ته ان وقت ۽ هن وقت جي حالتن ۾ وڏو فرق آهي، پر پوءِ به اسان سنڌوءَ کي نه بچائي سگهيا آهيون ۽ اها دانهن ۽ اها فرياد ڪنهن تي ڪجي، درياهه تي يا سنڌي قوم تي، ان ڪري ئي شاعر حالتن جو جائزو وٺندي چوي ٿو ته:
درياهه توتي دانهن، مور نه ڏيندس من،
ڇنا مهر جا ڇن، قوم ڪاتين ڪهاڙين سان. (مهر فقير)
ها بلڪل مٿين شعر جي مناسبت سان اسان سنڌي قومي ڏوهاري آهيون، اسان ڪاڪڙو ڦاڙي اڀ ڏاريندڙ نعره ته هڻندا آهيون، اسان وڏا وڏا ليک ته لکندا آهيون، اسان وڏن ۽ مهانگن ايئرڪنڊيشن هوٽلن ۾ پاڻيءَ بابت ڪانفرنسون ته ڪندا آهيون، اسان درياهه کي مختلف گلن جي ڀيٽا ته پيش ڪندا آهيون، اسان درياهه جي مڪمل ڊيلٽا جي سروي ڪري وڏا وڏا ڪتاب ۽ ناول شايع ڪرائي انعام حاصل ڪري شهرت ته ماڻيندا آهيون، پر افسوس جو مقام اهو آهي ته درياهه جي بقا خاطر ڪا منظم جدوجهد ناهيون ڪندا، جنهن جو نتيجو اهو ئي سامهون ٿو بيهي ته:
تلڪ چاڙهيءَ تي ٻيڙي ڊوڙي
سنڌو درياهه ۾ ريل
ٻارو ڏسو نرالو کيل
جيڪڏهن تحرير کي سنڌو درياهه ۾ ريل واري ڳالھ تحت واڌ ڏبي ۽ گڊوءَ کان وٺي سروي ڪبي ته اسان کي درياهه جي ٻنهي پاسن زرخيزي گهٽ ۽ بنجر زمين وڌيڪ نظر ايندي ۽ ڪٿي به درياهه تي ڪا ڊيم نظر نه ايندي، ها هڪ ڊيم جيڪا ٿاڻو بولا خان، ٿاڻو احمد خان ۽ ڪرچات کان مٿي کيرٿر نيشنل پارڪ طرف دراوت جي نالي سان تعمير ٿيل آهي سا به رڳو برساتي پاڻيءَ کي جمع ڪري ٿي، جڏهن ته هجڻ ايئن گهرجي ته منڇر کي ڊيم جي صورت ۾ ڪتب آڻجي، سيوهڻ شريف ۽ ڄامشوري جي وچ تي سن يا آمري واري علائقي ۾ يا وري ڪوٽڙي کان هيٺ ٺٽي ۽ سجاول واري حدن منجھ درياهه تي ڊيمون جوڙي انهن علائقن کي آباد ڪرڻ سان گڏ بجلي به ٺاهي سگهجي ٿي، پر افسوس جو سنڌ سرڪار هيل تائين ڪو به خاص منصوبو نه جوڙي سگهي آهي، جيڪو سنڌ سرڪار جي نااهليءَ جو چٽو ۽ واضح ثبوت آهي.
لهر لهر گيت، ڇم ڇم ڪن ڇوليون،
اچو جيون ڳولهيون، سدا سنڌو درياهه ۾.
(مهر فقير)
سو اچو ته وڳر ڪيو وتن پرت نه ڇنن پاڻ ۾ جي بنياد تي سنڌو درياهه جي مالڪي ڪريون ته جيئن سنڌ ۽ سنڌي قوم جي بقا کي اڏوهي نه کائي سگهي، پر جيڪڏهن اسان اڃان به خاموش تماشائي وانگر ڀولڙي جي ناچ تي تاڙيون وڄائڻ تائين مصروف رهنداسين يا گهر ويٺي نعرا هڻنداسين ته پوءِ ايندڙ وقت جي ربيع ۽ خريف جي موسمن ۾ به اسان جون زرعي زمينون ڪربلا جو منظر پيش ڪنديون، ان ڪري اٿو ۽ وڌو ته ايڪو ڪري سنڌ جي وحدانيت ۽ بقا کي بچائڻ لاءِ سنڌوءَ کي بچايون ته جيئن سنڌو درياهه ۾ ڪا ريل نه ڊوڙي سگهي.
***