بلاگنئون

عورت سان ٿيندڙ روزاني زيادتيون ۽ اسان جي سماج جي خاموشي!

ليکڪ: رخسانه شفيع سومرو

عورتن خلاف ھر روز وڌندڙ تشدد ۽ زيادتين جا واقعا اسان جي سماج جي سنگين ناڪامي جو کليل ثبوت بڻجي چڪا آهن. هر صبح ڪا نه ڪا نئين خبر دل کي جهوري ٿي ڇڏي، ڪٿي ننڍڙي معصوم ڇوڪريءَ کي زيادتي بعد قتل ڪيو وڃي ٿو، ڪٿي نوجوان شاگردياڻي کي اغوا ڪري بيدرديءَ سان ظلم جو نشانو بڻايو وڃي ٿو. اسان پڙهون ٿا، افسوس ظاهر ڪريون ٿا، ۽ پوءِ ٻئي ڏينهن ٻي ڪنهن خبر ۾ مشغول ٿي وڃون ٿا، پر انهن خبرن پويان درد، رت، ساهه ۽ اجڙي ويل زندگيون موجود هونديون آهن. اهي ڇوڪريون، جيڪي ڪنهن جي ڀيڻ، ڌيءَ ۽ اميدن جو مرڪز هونديون آهن پنهنجون قيمتي زندگيون وڃائي ويٺيون هونديون آهن. اسان جو سماج اڃان تائين عورت کي عزت جو تابوت ته سمجهي ٿو، پر هن جي تحفظ، حقن ۽ سلامتي لاءِ ڪا سنجيده ڪوشش نٿو ڪري. ظلم ٿيڻ بعد ڪيس رپورٽ ڪرڻ لاءِ به عورت کي تڪليفن جي راهن تان گذرڻو پوي ٿو. پوليس جي جاچ، اسپتالن جا ڌڪا، عدالتن جي دير ۽ خرچ سڀ گڏجي متاثر ٿيل عورت لاءِ يا سندس خاندان لاءِ وڌيڪ اذيت بڻجي وڃن ٿا.

سڀ کان وڌيڪ ڏکوئيندڙ ڳالهه اها آهي ته ڪيترن ئي واقعن ۾ ڏوهاري بي خوف ۽ آزاد گهمن ٿا. جڏهن ته متاثر ٿيل نياڻيءَ تي ئي الزام موٽائي وڌو وڃي ٿو ته کيس ڪپڙا ڪهڙا پاتل هئا؟ هوءَ رات جو ٻاهر ڇو نڪتي؟ هوءَ اڪيلي ڇو نڪتي؟ هوءَ اڪيلي ان ماڻهو سان ملڻ ڇو وئي؟ اهو رويو رڳو ظلم کي تحفظ ڏئي ٿو، اهي سوال ڏوهاريءَ کي تحفظ فراهم ڪن ٿا، جيڪي اسان جو سماج مظلوم کي انصاف فراهم ڪرڻ جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻجڻ لاءِ پڇي ٿو. ڏوهاري انصاف کان ڇو بي خوف آهي؟ ڇاڪاڻ ته اسان جو نظام، اسان جي رويي ۽ اسان جي خاموشي هن کي طاقت ڏئي ٿو. ٻين ملڪن ۾ عورت خلاف تشدد قومي الميو سمجهيو وڃي ٿو، پر هتي اهڙا واقعا روزمره جي خبر بڻجي چڪا آهن. سماج ۾ اهو تاثر پختو ٿي چڪو آهي ته عورت تي ظلم ڪرڻ جي نه ڪا سزا آهي ۽ نه ئي سماجي شرمندگي سبب تبديلي ممڪن آهي، پر ان لاءِ لفظي همدردي کان وڌيڪ عملي قدم کڻڻا پوندا. والدين کي پنھنجي ڪردار ۾ تبديلي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. جنهن ۾ سڀ کان وڏي تبديلي اها آهي ته هو پنهنجين نياڻين کي جيڪا انتهائي اهم شيءِ آهي ان سان آراسته ڪن ۽ اها آهي تعليم. ڇوڪرين کي تعليم، اعتماد ۽ پاڻ بچائڻ جي شعور سان ليس ڪرڻ، سماجي ذميواري پڻ آهي. ان کان علاوه عورت جي حفاظت کي بنيادي حق طور تسليم ڪرڻ به سماج جو ڪم آهي. ان لاءِ آگاهي، تربيت ۽ سوچ ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ سڀني کي گڏجي اڳتي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. ڪنهن به ڏوهه تي خاموش رهڻ وڏو ڏوهه آهي، پر جڏهن ڪنهن عورت جي مٿان ڪنهن به قسم جو ظلم يا ڏاڍ ٿئي ٿي ان تي خاموش رهڻ سماج جو ڏوهه نه بلڪه سماج جو موت آهي. ظلم جي مخالفت، انصاف جو مطالبو ۽ متاثر عورتن جي حمايت لاءِ گڏ ٿيڻ ئي سماج کي محفوظ بڻائي سگهي ٿو. اهڙا سماج ئي زنده رهي سگهن ٿا ۽ اسري سگهن ٿا جتي عورت پنهنجي گهر کان وٺي پنهنجي ڪم ڪرڻ جي جاين تائين مڪمل طور تي محفوظ ۽ مطمئن هجي. عورت کي سماج ۾ برابري، تحفظ ۽ انصاف جي ضرورت آهي. جيستائين اسان گڏجي نه بيهنداسين تيستائين ظلم پنهنجي رفتار وڌائيندو رهندو. سوال اهو آهي ته اسان خاموش تماشائي رهنداسين يا انصاف ۽ تبديليءَ جي جدوجهد ۾ حصو وٺنداسين؟