خاصنئون

ايف اي ٽي ايف (FATF)، پابندي مڙهيل تنظيمن خلاف ايڪشن کان غير مطمئن

فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس طرفان اماڻيل ايشيا پئسيفڪ گروپ پاڪستان ۾ 8 وڏين پابندي مڙهيل تنظيمن خلاف ڪارروائي تي غير مطمئن هجڻ جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي. خبرن مطابق ايف اي ٽي ايف سيڪيورٽي ادارن ۾ تعاون جي گهٽتائي جي نشاندهي ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته پاڪستان بينڪن طرفان ته دهشتگردن جي فنڊنگ روڪي ورتي آهي. جڏهن ته ضلعي سطح تي اهي تنظيمون اڃان به فنڊ گڏ ڪري رهيون آهن. وفد نون قانونن کي فائلن جي حد تائين درست پر عملي قدمن کي ناڪامي قرار ڏنو آهي. جنهن کان علاوه وفد انهن پارٽين جي ماڻهن جي نگراني ڪرڻ جو مطالبو پڻ ڪيو آهي. پاڪستان کي گري لسٽ مان ڪڍڻ يا نه ڪڍڻ جو فيصلو سيپٽمبر ۾ ڪيو ويندو.