وزير اعظم ڪراچي لاءِ 162 ارب رپين جي پيڪيج جو اعلان ڪري ڇڏيو

وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٽرانسفارميشن ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. جنهن ۾ وزير اعظم ڪراچي لاءِ ترقياتي پيڪيج جو اعلان ڪندي چيو ته ڪراچي جي ذمي داري سنڌ حڪومت جي آهي. ڪراچي جي ترقي بغير ملڪ ترقي نه ٿو ڪري سگهي. ڪراچي جي ترقي پوري پاڪستان لاءِ ضروري آهي. ڪراچي ۾ ترقي جو عمل رڪجڻ سان پوري ملڪ کي نقصان ٿيندو. وزير اعظم چيو ته ڪراچي جي ٽرانسپورٽ جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ 10 منصوبا شروع ڪيا ويندا. جنهن کان علاوه پاڻي جي نيڪال ۽ فراهمي لاءِ 7 منصوبا شروع ڪندا سين. هن وڌيڪ چيو ته حيدر آباد ۾ يونيورسٽي ٺاهڻ سان گڏ ٿر ۾ هڪ ارب رپين جا آر او پلانٽ لڳائينداسين.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments