عمرڪوٽ جي مٽي تاريخي ورثي، صوفي روايتن ۽ گڏيل سماجي ساهه جي علامت رهي آهي، پر جڏهن ساڳئي ڌرتيءَ تان اهڙا وڊيوز وائرل ٿين تصويرون سامهون اچن ٿيون جن ۾ غريب عورتن کي پوليس تذليل ڪري کنڀي وين ۾ زبردستي ويهاريو پيو وڃي ته نه چاھيندي به پوليس جي واٺن ۽ سندن ڪرتوتن تي لکڻ فرض ٿيو پوي. ھڪ پاسي سڄي سنڌ قبضو ٿي وئي آهي اتي پوليس انتظاميه ڪورٽ ۽ سڀ وڏيرا ۽ انھن جا واٺا خاموش ٻئي پاسي قبرستان ڊاھي گھر بڻائيندڙن پلاٽنگ ڪندڙن يا چوان ته بحريه ٽائون ۽ رياض ملڪ جھڙن جي خلاف ته حڪومت، ڪورٽ سڳوري يا پوليس ڪوبه قدم نه پئي کڻي. اھڙا بلڊر مافيا جن کي ھي پڻ سپورٽ ڪندڙ نظر ايندا رھن ٿا، باقي جي ھي مظلوم جيڪي سوين سالن کان اتي آباد آھن انھن غريب سولنگي ويچارن سان ايڏي ناجائزي تي دل رنجيده آھي. حقيقت ته ھنن جا اھي حال ڏسي چڙ ڪاوڙ ۽ غصو دل مان نڪتو ۽ لکڻ تي مجبور ڪيو. مون کي ته افسوس ٿو ٿئي ته ھي سماج آخر وڃي ڪيڏانھن پيو ھڪ طرف مظلوم ۽ ٻئي طرف طاقت جو نشو جنھن اڳيان ھر مظلوم بي يارو مددگار بڻيو پيو آهي، ڪنهن کي ماري خوار ثابت ڪيو وڃي، ڪنھن کي زخمي ڪري چور ثابت ڪريو ڇڏين، ڪير پڇڻ وارو ئي ناھي، افسوس جو عالم آهي ته انساني حقن جا ادارا خاموش آهن، ڄڻ اسرائيل جي جنگ ھجي ۽ فلسطين لاءِ ڳالھائڻ تي پابندي لاڳو هجي.
ڪجھه وڊيوز ۾ عورتن کي زمين تي گهليندي ڏٺو پيو وڃي، ڇا ھر پلاٽ جي قبضي کي ختم ڪرائڻ لاءِ پوليس اھو ڪردار ادا ڪندي آھي. ڪٿي غريبن جي ٻنين ٻارن، زمين کائڻ دڪانن تي طاقتور ماڻھن جي قبضي ھٽائڻ لاءِ ته ادارن کي مون ايئن حرڪت ڪندي ناھي ڏٺو پوءِ اهو رڳو هڪ غريب مسڪين خاندان سان ايڏو سخت رويو ڇو. هڪ پلاٽ جو مسئلو جنھن ۾ نياڻن جي تذليل ٿئي. ھيءَ تذليل ڄڻ ته سڄي سماج جي ضمير لاءِ سوال بڻجي وئي. سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيوز ۽ تصويرن عمرڪوٽ جي هڪ پلاٽ واري تڪرار کي عام بحث جو موضوع بڻائي ڇڏيو آهي. ھڪ ايم پي اي سنڌ جو منسٽر صاحب چوي پيو مان صبح کان وٺي ميٽنگن ۾ قابو ھئس مون کي ھاڻي خبر پئي آهي مون ايس ايس پي کي فون ڪئي ھن ٻڌايو ته عدالت سڳوري جو حڪم ھو زمين کي خالي ڪرايو وڃي ۽ سندس چوڻ مطابق ته هن واقعي جا وڌيڪ تفصيل حاصل ڪيا آهن ۽ جيڪي به ذميدار هوندا انھن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.
قانوني طور عدالت جو حڪم حتمي حيثيت رکي ٿو، پر جڏهن ان حڪم تي عملدرآمد جو منظر انساني تذليل سان جڙيل نظر اچي، تڏهن بحث جو مرڪز قانون کان هٽي انسانيت بڻجي وڃي ٿو. زمين جا تڪرار سنڌ ۾ نوان ناهن. وڏيرائپ، ڪمزور دستاويز، پراڻا سوداگراڻه معاهدا، زباني واعدا ۽ ڪاغذن جي کوٽ سبب ڪيترائي خاندان سالن تائين عدالتن جا چڪر ڪاٽيندا رهن ٿا. اهڙن ڪيسن ۾ گهڻو ڪري هڪ ڌر مالي ۽ سماجي طور مضبوط هوندي آهي، ٻي ڌر ڪمزور. جڏهن ڪمزور ڌر هارائي ٿي ته ان لاءِ فيصلو رڳو قانوني هار نه، پر سڄي زندگيءَ جو ڦيرو هوندو آهي. ھي سولنگي خاندان واقعي غريب آهي، سندن گذر سفر ۽ ڪچن گھرن مان اندازو لڳائي سگھجي پيو ته ھنن جي زندگي ڏکيائين ۽ محرومين جو شڪار آھي، ان اباڻن گھرن سان سندن روح رکيل آھي، ھنن جا ھزارين احساس انهيءَ پلاٽ يا گهر سان جڙيل آھن، ھي به دخلي سندن لاءِ معاشي تباهي احساساتي محرومي برابر آهي. ڪوبه گهر رڳو سرن ۽ بجريءَ جو ڍانچو ناهي هوندو اهو عزت، سڪون، يادگيرين ۽ سڃاڻپ جو مرڪز هوندو آهي.
عدالت جو فيصلو قانوني دستاويزن، شاهدين ۽ دليلن جي بنياد تي ٿيندو آهي، پر جتي غربت عيوض نه وڪيل ھجي نه ڪو ادارن ۾ ڄاڻ سڃاڻ ھجي، جتي ھر ادارو بالادستي ۽ ڪرپشن جو مرڪز بڻيو پيو ھجي اتي جھڙا فيصلا ڪھڙي نيت تي ھوندا آهن انھن جو حقيقي عڪس ڇا ھوندو سو ته اندازو لڳائي سگھجي ٿو. عدالتي حڪم کي تسليم ڪرڻ بنيادي اصول آهي، پر ساڳئي وقت قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي به اهو فرض آهي ته عملدرآمد دوران انساني وقار کي برقرار رکن. جيڪڏهن عورتن کي گهلڻ، وارن کان ڇڪڻ يا گهرن ۾ گهڙي کين زبردستي کڻڻ جا اھي روح رنجائيندڙ منظر سامهون ايندا رهندا ۽ اهڙن عملن تي وڏيرن، ڀوتارن، رئيسن، جاگيردارن، بااثرن خلاف ڪابه ڪارروائي نه ڪئي ويندي ته سماج ڪڏهن به اسري نه سگهندو. انصاف تي ڪوبه ڀروسو نه ڪندو ۽ ڪوبه شهري پوليس سان سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار نه هوندو. نظام اندر غريب ۽ امير جي وچ ۾ جيڪڏهن ايڏو فرق پيدا ٿي ويو ته نظام پنهنجو پاڻ کي پاڻ ڳڙڪائي ويندو. جيڪڏهن انصاف جا ٻئي پاسا اھڙا ھجن جو غريب جي فرياد تي به اھڙو ئي رد عمل اچي ته خوشي ٿئي. ھر غريب قتل ٿئي ته ايف آءِ آر ڪٽرائڻ لاءِ روڊن تي لاش رکي ڌرڻا ھڻڻ لاءِ مجبور ٿي پوي ٿو ته ٻئي پاسي ھڪ فون تي مظلوم ٻڪريون چارڻ واري تي دھشتگردي جا قلم لاڳو ڪري آيف آءِ آر داخل ٿي وڃي ٿي. اھڙي انصاف جي نظام تي دل رنجيده آھي. اهو عمل اڄ پوليس جو ڪورٽ جي فيصلي تي عملدرآمد جي اخلاقي حدن تي سوال کڙو ڪري ٿو. پوليس کي طاقت استعمال ڪرڻ جو اختيار ضرور آهي، پر اهو اختيار بي لگام نه آهي. انساني حقن جا عالمي اصول ۽ ملڪي قانون ٻئي اهو چون ٿا ته طاقت جو استعمال ضرورت جي حد تائين ۽ مناسب هجڻ گهرجي. عورتن سان لاڳاپيل معاملن ۾ خاص حساسيت جي ضرورت هوندي آهي. سنڌ جي سماج ۾ عورت جي عزت خانداني ۽ برادريءَ جي عزت سان ڳنڍيل آهي. جيڪڏهن ڪنهن ڪارروائي دوران عورتن جي ذليل ڪئي وڃي ته ان جا نفسياتي اثر گهڻا گهاٽا ٿين ٿا. اهڙي صورتحال ۾ رياست جو ڪردار صرف حڪم تي عمل ڪرائڻ نه، پر تڪرار کي گهٽ ۾ گهٽ تڪليف سان حل ڪرڻ آهي. ڇا انتظاميه ڳالهين ذريعي ڪو ٻيو متبادل رستو پڻ اختيار ڪري سگهي پئي؟ ڇا متبادل رهائش يا عارضي بندوبست بابت سوچيو ويو؟ اھي سوال دل مان نڪرن پيا.
اڄ حقيقت ته سوشل ميڊيا تي فخر ٿي رھيو آھي ھي قانون ھي اداري جي بااثر نظام مظلوم جي لڄالٽ لاءِ ٿيندڙ فيصلا چور آزاد غريب بي ڏوھي سزا يافتا مجرم اھڙي وقت ھي سوشل ميڊيا جيڪا ڀرپور ڪم ڪري رھي آھي جنھن تي انسانيت جو درد رکندڙ دوست عوامي مسئلن کي اجاڳر ڪري اعليٰ ايوانن تائين پھچائڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪن ٿا، نه ته مسئلا جيئن اڳ پراڻا ٿي ويندا ھئا ۽ ماڻھو پنھنجو موت مري ويندا ھئا، مظلوم خاموش رهندو هو، پر اڄ سوشل ميڊيا هن واقعي کي تيزي سان عام ڪيو. فيس بڪ تي هزارين شيئرز ۽ تبصرن ماڻهن جي اندر موجود بيچيني ظاهر ڪئي. ڪي ماڻهو پوليس کي قانون تي عمل ڪندڙ سمجهي رهيا آهن ته ڪي ان کي طاقت جو بيجا استعمال سڏي رهيا آهن. سچ شايد وچ ۾ ڪٿي هجي، پر شفاف جاچ کانسواءِ حقيقت سامهون نه ايندي. سوشل ميڊيا جو دور آهي هر تصوير ۽ وڊيو هڪ ڪهاڻي ٻڌائي ٿي، پر مڪمل تصوير ڏسڻ لاءِ غيرجانبدار تحقيق ضروري آهي. هتي هڪ اهم پهلو اهو به آهي ته زمين جا تڪرار گهڻو ڪري ڊگهي عرصي تائين هلن ٿا. جيڪڏهن ڪيس سالن کان هلندڙ هو ته ٻنهي ڌرين تي ذميواري هئي ته قانوني حڪمت عملي سان اڳتي وڌن ها. جيڪڏهن سولنگي خاندان وٽ دستاويز هئا ته اپيل جو حق به موجود هوندو. جيڪڏهن مدعي وٽ مضبوط ڪاغذ هئا ته عدالت کيس حق ڏنو، پر ڪنهن به صورت ۾ عملدرآمد جو انداز اهڙو نه هئڻ گهرجي جو سماج ۾ خوف ۽ نفرت وڌي وڃي.
ادارن کي اهو به سوچڻو پوندو ته اهڙن واقعن جو ڊگهي مدي وارو اثر ڇا ٿيندو. جڏهن غريب ماڻهو ڏسندا ته سندن گهر ڪنهن به وقت خالي ڪرائي سگهجي ٿو ۽ مزاحمت ڪرڻ تي کين ذليل ڪيو وڃي ٿو ته پوءِ رياست تي اعتماد گهٽجندو. رياست ۽ شهري جي وچ ۾ تعلق اعتماد تي بيٺل هوندو آهي. جيڪڏهن اهو اعتماد ٽٽي وڃي ته پوءِ قانون جي حڪمراني به ڪمزور ٿيندي. ھا اسان جي ادارن کي اھو پڻ سوچڻ کپي ته اھڙن مسئلن ۾ ماڻھن جي گھرن ۾ گھڙي عورتن ۽ ٻارن جي تذليل نه ڪئي وڃي مستقبل ۾ اهڙن ڪيسن لاءِ واضح گائيڊ لائينز جاري ڪيون وڃن ته عورتن ۽ ٻارن جي موجودگي ۾ ڪارروائي ڪيئن ڪجي. عمرڪوٽ جو هي واقعو اسان کي ياد ڏياري ٿو ته طاقت ۽ رحم، قانون ۽ اخلاق، حڪم ۽ همدردي اهي سڀ گڏجي ئي هڪ صحتمند سماج جو بنياد بڻجن ٿا. سولنگي خاندان جي عورتن جون تصويرون واقعي سندن تڪليف جو عڪس آهن، سماج کي سندن آواز ٻڌڻ گهرجي. اسان اهڙو سماج چاهيون ٿا جتي غريب توڙي امير ھر ماڻھو پنھنجي عزت ۽ وقار سان زندگي جي سگهي.