ڊاڪٽري نسخي کان بغير اينٽي بايوٽڪ دوائن جي وڪري تي پابندي
وفاقي صحت کاتي پاران چيو ويو آهي ته ملڪ اندر اينٽي بايوٽڪ دوائن جو استعمال تمام گهڻو وڌي ويو آهي. ماڻهو ڊاڪٽرن جي تجويز کان بغير ئي دوائون استعمال ڪن ٿا. جنهن سان انهن جي صحت تي ناڪاري اثر پئجي رهيا آهن. جنهن سبب صحت واري وزارت آئنده ڪنهن به اينٽي بايوٽڪ ۽ اينٽي بيڪٽيريل دوا جي ڊاڪٽري نسخي کان بغير وڪري تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. ملڪ جي ميڊيڪل اسٽورن کي به هدايت ڏني وئي آهي ته اهي ڪنهن به مريض کي ڊاڪٽر جي نسخي کان بغير اهڙي ڪا به دوا وڪرو نه ڪن. ان کان علاوه ميڊيڪل اسٽورن کي اهو به چيو ويو آهي ته اهي پاڻ وٽ وڪرو ٿيندڙ تمام اينٽي بايوٽڪ دوائن جو رڪارڊ به رکن. ياد رهي ته آمريڪا پاران ڪيل هڪ سروي ۾ معلوم ٿيو آهي ته گذريل 15 سالن اندر اينٽي بايوٽڪ دوائن جي استعمال ۾ 65 سيڪڙو اضافو اچي ويو آهي. هن سروي لاءِ 76 ملڪن جا انگ اکر جمع ڪيا ويا هئا. سروي ۾ معلوم ٿيو آهي ته ترقي يافته يا امير ملڪن جي جاءِ تي غريب ملڪن ۾ انهن دوائن ۾ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

