پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ 14 رپين جي اضافي جو امڪان
آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي پيٽروليم واري وزارت کي پيٽروليم جي جنسن جي قيمتن کي وڌائڻ لاءِ سمري موڪلي ڇڏي آهي. پيٽروليم واري وزارت قيمتن ۾ اضافي وارو فيصلو وزيراعظم عمران خان سان مشاورت بعد ڪندي. اوگرا پهرين مئي کان پيٽرول جي قيمت ۾ 14 رپيا 37 پئسا اضافي کان بعد نئين قيمت 113 رپيا ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي. اوگرا پاران هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 4 رپيا 89 پئسا في ليٽر اضافو ڪرڻ ۽ نئين قيمت 122 رپيا 32 پئسا، لائٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 6 رپيا 40 پئسا اضافي بعد نئين قيمت 83 رپيا 94 پئسا في ليٽر ڪرڻ ۽ گاسليٽ جي قيمت ۾ 7 رپيا 46 پئسا اضافي بعد نئين قيمت 96 رپيا 77 پئسا ڪوٽا جي تجويز ڏني آهي.

