طوطن پاران ڪروڙين ڊالرن جي انٽرنيٽ جي تارن کي نقصان
آسٽريليا ۾ طوطن پاران براڊ بينڊ انٽرنيٽ جي ڪروڙين ڊالر جي تارن کي وڏو نقصان پهچايو ويو آهي. ڪٽ هڻي هن وقت تائين ان نقصان کي ختم ڪرڻ ۾ هزارين ڊالرن جو خرچ اچي چڪو آهي. هن خرچ لاءِ چيو وڃي ٿو ته ايندڙ وقت به اهو خرچ اڃان به وڌي ويندو. هن معاملي بابت ڳالهائيندي هڪ ماهر گيسيلا ڪپلان ٻڌايو ته طوطا ان طرح تارن کي نه ٽڪيندا آهن ضرور انهن کي تارن جي رنگ پاڻ ڏانهن متوجهه ڪيو هوندو. هن اهو به چيو ته اهي طوطا ته عام طور تي فروٽ ۽ ڪاٺ جو يا وڻن جي کل کائيندا آهن. انهن تارن کي اهي کائي به نه سگهندا صرف چٻاڙي نقصان ئي پهچائيندا.