روبوٽ خلا ۾ وڃڻ لاءِ تيار
هاڻي روبوٽ به خلا با ز ٿيندو.جرمن ايرو اسپيس سينٽر هن روبوٽ جو ڪاميان تجربو ڪري ورتو آهي. بال جي شڪل جي هن روبوٽ جو نالو CIMON آهي. هن ۾ 8 انچن جي هڪڙي اسڪرين لڳل آهي. هي روبوٽ اڏڻ ۽ ترڻ جي صلاحيت به رکي ٿو. سيمون هڪ هزار کان وڌيڪ جملا ڳالهائي سگهي ٿو. انکان علاوه هو ميوزڪ وڄائي پنهنجي (انسان ) ساٿين کي تفريح به پهچائي سگهي ٿو. سيمون روبوٽ خلا ئي اسٽيشن تي ڪنهن خرابي ۽ خطرناڪ صورتحال کان به واقف ڪندو رهندو. سيمون روبوٽ هن ئي سال خلا ۾ روانا ڪيو ويندو.


