پاڪستان جي شمارياتي اداري 2017ع کان 2023ع تائين پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان صوبن سميت سڄي ملڪ ۾ وڌندڙ آباديءَ جي شرح جا تفصيل جاري ڪيا آهن، پر اداره شماريات جي انهيءَ رپورٽ ۾ جيڪا ڳالهه ڳڻتيءَ جوڳي آهي اها شهري آباديءَ ۾ اضافي جي متعلق آهي. سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان صوبن ۾ شهري آباديءَ ۾ تيزيءَ سان اضافو ٿي رهيو آهي. ملڪ جي شهري علائقن ۾ ڳوٺن جي ڀيٽ ۾ شهري آبادي ٽيڻ تائين وڌي آهي ۽ آباديءَ ۾ اهو اضافو لاڳيتو ٿي رهيو آهي. سنڌ صوبي ۾ آبادي وڌڻ جي شرح ڪراچي شهر جي هڪ ضلعي ۾ 5.32 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي آهي، شهري آباديءَ ۾ اهڙو بي محابا اضافو ملڪ ۽ سماج لاءِ ڪيترن ئي مسئلن کي جنم ڏيئي رهيو آهي. اسان جي ملڪ ۾ جيئن ته آباديءَ ۾ اضافو لڳاتار ٿي رهيو آهي. اقوام متحده جي جاري ڪيل انگن اکرن مطابق دنيا جي آبادي 8 کان 9 ارب جي وچ ۾ آهي ۽ انهيءَ 8 ارب آباديءَ ۾ پاڪستان جو حصو تقريبن 3 سيڪڙو آهي.
هن وقت پاڪستان آباديءَ جي لحاظ کان دنيا جو پنجون وڏو ملڪ آهي ۽ ڳڻتي جوڳي ڳالهه اها آهي ته پاڪستان دنيا جي انهن اٺن ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي دنيا ۾ وڌندڙ آباديءَ ۾ پنهنجو حصو وجهي رهيا آهن. اسان جو ملڪ سال 2050ع تائين ڪانگو، مصر، ايٿوپيا، انڊيا، نائجيريا، فلپائن ۽ تنزانيه سان گڏ انساني آباديءَ جي واڌ جي سلسلي ۾ 50 سيڪڙو حصو وجهندو. تيزيءَ سان وڌندڙ آبادي جنهن شرح سان وڌي رهي آهي، تڏهن اهو سوال پيدا ٿئي ٿو ته ملڪ وڌندڙ آباديءَ جي ضرورتن پوري ڪرڻ لاءِ وسيلا پيدا ڪري سگهندو، جيئن اهي ملڪي آباديءَ کي دستياب ٿي سگهن. مثال طور: ماڻهو جي ضرورت پاڻي ۽ کاڌو آهي ڇا رياست ايندڙ سالن ۾ انهيءَ جي پورائي ڪري سگهندي. تعليمي ادارن، اسپتالن ۽ رستن مهيا ڪرڻ به حڪومت جي ذميداري آهي ۽ اها ان کي پورو ڪندي ڏکيائي محسوس ڪندي. آباديءَ ۾ واڌ ته هڪ طرف، پر شهري آباديءَ ۾ واڌ به اسان لاءِ ڪئين مسئلا پيدا ڪري رهي آهي. ڳوٺاڻي آباديءَ جي شهرن لاءِ لڏپلاڻ رياستي ۽ انتظامي الميي کي ظاهر ڪري ٿي. صاف ظاهر آهي ته اسان ڳوٺاڻي آبادي کي روزگار ۽ زندگيءَ جون سهولتون ان پئماني تي نه ڏئي سگهيا آهيون جيتريون شهرن ۾ مهيا آهن. انهيءَ ڪري ڳوٺاڻي آبادي شهرن ڏانهن رخ ڪيو آهي، جنهن جا ٻه ظاهر ظهور نقصان آهن هڪ شهري آبادي جو توازن بگڙي رهيو آهي ۽ اتي ڪچين آبادين جا جهنگ جنم وٺي رهيا آهن. ٻئي طرف ڳوٺ جيڪي زراعت جي صورت ۾ اسان جي معاشي شهه رڳ آهن خالي ٿي رهيا آهن. نتيجي ۾ بلڊر مافيا اسان جي زرعي زمينن کي رهائشي زمينن ۾ تبديل ڪري رهي آهي. اڄڪلهه سنڌ ۾ جيڪڏهن سفر ڪبو ته قدم قدم تي اسان کي هائوسنگ سوسائٽين جا بورڊ نظر ايندا. سرڪار ته چوندي ٿي رهي ته زرعي زمينن تي رهائشي اسڪيمون منع آهن، پر بلڊر مافيا زرعي ايراضين کي ڏٺو وائٺو ڳڙڪائي رهي آهي. بنياد انهيءَ جو وري به وڌندڙ آبادي آهي، روزگار ۽ زندگيءَ لاءِ گهربل ضرورتن جو نه هجڻ ملڪ جي وڏي آباديءَ کي پنهنجا ڳوٺ ڇڏرائي رهيو آهي.
ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته جنهن رفتار سان ملڪ جي آبادي وڌي رهي آهي انهيءَ رفتار سان وسيلن ۾ اضافو نه ٿي رهيو آهي ته اهڙي وقت ۾ ملڪ کي اهم قدم کڻڻ جي ضرورت آهي ۽ گڏوگڏ ملڪ جي ماڻهن کي به ان جي متعلق سوچڻو پوندو. شماريات واري اداري جو اهو چوڻ آهي ته گذريل ستن سالن دوران ملڪ جي آباديءَ ۾ ساليانه 2.5 سيڪڙو جي شرح سان اضافو ٿيو آهي. آبادي وڌڻ جو اهڃاڻ خيبر پختونخواهه جي ضلعي لوئر ڪوهستان ۾ 9.5 سيڪڙو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. هڪ طرف آباديءَ ۾ گهڻو اضافو ٿي رهيو آهي ٻئي طرف ڳوٺن مان ماڻهو شهرن ڏانهن لڏپلاڻ ڪري رهيا آهن. اسان جون صوبائي سرڪارون ۽ وفاقي سرڪار اسان کي اسان جا ڳوٺ ۽ شهر بچائي ڏئي ۽ ڳوٺن ۾ زندگيءَ جون سهولتون ۽ روزگار مهيا ڪري ته جيئن ڳوٺن مان لڏپلاڻ نه ٿئي، نتيجي ۾ اسان جون زرعي زمينون نه صرف بچي پون، پر آباد به ٿين. اسين اهو يقين ٿا رکون ته اسان جو ملڪ زراعت جي زور تي هلي رهيو آهي.