بلاگنئون

پرائيس ڪنٽرول جو فقدان ۽ معيشت

مهانگائي جي ڪري هڪ ڳالھه ته مڃجي ته جيترو عذاب پگهاردار ۽ ڏهاڙيدار جي لاءِ آهي، اوترو عذاب واپاري ۽ بروڪر جي لاءِ ناهي. معنيٰ واپاري کي، مڊل مين يا بروڪر کي جيڪا شيءِ جيتري ۾ ملندي اها شيءِ وري اوتري ۾ ئي کپائيندو، پر هاري، مزدور ۽ پگهاردار ساڳي سرڪل ۾ ٿا اچن، ۽ اهو به آهي ته مهانگائي جي ڪري جيترو مشڪل گذارو انهن طبقن جي ماڻهن جو آهي، شايد ئي ڪنهن جو هجي، ڇو ته مهانگائي جي ڪري سڄو اثر ۽ بار رڳو ان طبقي تي آهي. هتي ٻاهرين ملڪن جي ڳالهھ ناهي، اتي ته پرائيس ڪنٽرول آهي، اتي شهري آبادي ۽ “کپت جون شيون” کپائڻ ۽ خرچ ڪرڻ جا ڪجھه اصول، قائدا ۽ مول متا به هوندا آهن، اهي هر شيءِ حڪومتي ٽيڪس جي دائري ۾ کپائن، خريد ڪن ۽ خرچ ٿا ڪن، ان ڪري اهي سرڪار ۽ عوام جي آڏو جوابده به آهن. اسان وانگي ناهي ته روڊن تي قانون لاڳو ڪندڙن جي ڀتي خوري، روڊ ٽيڪس ۽ محصول جي مٿڪي وغيره وغيره، وري دوڪاندار، واپاري ۽ بروڪر به عوام مان ڪڍندا آهن ۽ انهن مارڪيٽن، بروڪرن ۽ دوڪاندارن جي مرضي هوندي آهي ته جنهن شيءِ تي قيمت جي پرچي ناهي ته پوءِ اها انهن جي مرضي هوندي آهي ته ان شيءِ کي جيتري ۾ به کپائن يا گراهڪ جيتري ۾ ڦاسي، معنيٰ جيئن ڪپڙي جي دوڪان تي وڃو جيڪي عام برانڊ يا اڻ سبيل ڪپڙو کپائيندا هجن، يا ڪنهن بوتيڪ يا وڏي شاپنگ مال ۾ وڃو، جتي اهي قيمت جي پرچي پنهنجي مرضي جي هڻي ويهندا آهن، ڇو ته انهن کان ڪير پڇا نه ٿو ڪري سگهي ۽ نه ئي ڪير چوڻ آکڻ وارو آهي. وري اهو به آهي ته جيئن ڪپڙي وارو جيڪڏهن اڌ جو اڌ مٿي ٻڌائي وري ان مان ڪجھه گهٽ ڪري ته اسان ته ان جي بارگيننگ ۽ ڊيلنگ مان خوش ٿي ويندا آهيون ڇو ته گهڻن ڪپڙن، شين يا سامان خريد ڪرڻ سان اهي ماڻهن کي چانھه يا بوتل به آڇيندا آهن پوءِ اگھن کي ڪير ٿو ڏسي، پر اهي ڪنهن جي ڪنٽرول ۾ ناهن. جيئن ڪنهن پٺاڻ کان ڪا شيءِ وٺجي، ته اهو اها شيءِ ٻيڻي چوڻي ڪري ٻڌائيندو، پر ڏيڻ واري کي هڻندي ماريندي هزارن واري شيءِ سَوَن ۾ به ڏئي ويندو، مطلب ته قيمت کي ڪنٽرول ڪرڻ ماڻهن جي پنهنجي زبان تي رکيل آهي جيڪو جيترو سادو اهو اوتر ڦرجي لٽجي ويندو يا جيڪو جيترو چالاڪ هوندو اهو اوترو پاڻ بچائي ويندو، پر اسان جهڙي ملڪ ۾ قيمتون ڪنٽرول ڪڏهن به نه ٿينديون.
وري صبح جو ڀاڄي ۽ فروٽ جا اگھه هڪڙا، منجھند جو ٻيا وري شام يا دير سان وري اگھه ٽيان، اهڙي مارڪيٽ کي ڪير ڪنٽرول ڪندو؟ اڳي ڪنهن دور ۾ ٽائون ڪاميٽيون، ڊي سي آفيسيون، مختيارڪارن جون آفيسون ۽ ضلعي انتظاميا هر دوڪاندار ۽ ڀاڄي واري کي “اگھوتري” جي لسٽ ڏيندا هئا جنهن تحت دوڪاندار به پابند هوندا هئا ته اهي شيون انهن لسٽن ۾ ڏنل اگھن مطابق کپائيندا، پر هاڻي ته انڌُ آهي، ڪنهن به ريڙهي واري وٽ، ڪنهن به دوڪاندار وٽ، ڪنهن به مارڪيٽ ۾ ڪا به لسٽ، ڪو به ضلعي انتظاميا جو ماڻهو، ڪو به ٽائون ڪميٽي جو فرد نه ملندو (پر اهي لڪ ڇپ ۾ اچن ضرور ٿا جو انهن کي اوڳاڙي ڪرڻي هوندي آهي ۽ ڀتو وٺڻو هوندو اٿن) يا قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا فرد به ريڙهين ۽ دوڪاندارن جي ڦيري گهيري پيا ڪندا آهن، پر مجال آهي جو ڪو ماڻهو ڪنهن کان قيمتن جي ڪنٽرول جي گهُر ڪري يا ڳالھه ڪڍي. وري اهو فيشن به آهي ته ماڻهو قيمت ڏسي، پرچي پڙهي، شيون پسند ڪري منهن ويڙهي هلي پوندا آهن، ڇو ته ڊپارٽمينٽل اسٽورن، وڏن شاپنگ مالن ۽ وڏن وڏن شيشن جي دوڪانن ۾ گهڙڻ سان ماڻهو جي بارگين ٿو ڪري يا لاهو گاهو ٿو ڪرائي ته معنيٰ اهو غريب آهي، ان وٽ پئسا گهٽ آهن يا گهڻو ڳالهائيندو ته دوڪاندار ان کي شڪ جي نظر سان ڏسندا، ان کي غريب يا سطحي سمجهندا ان ڪري پٽڪو بچائي هر ڪو ماڻهو اهڙن شاپنگ مالن، شيشي جي دوڪانن ۽ ڊپارٽمينٽل اسٽورن مان عزت سان نڪري پئسا لٽائي ڦرائي لئي ڪيون نڪري ٿو اچي، پر ڏچو وري به ان لوئر ۽ مڊل ڪلاس واري ماڻهو جي لاءِ آهي جيڪو اهو گهٽ ڪمائي جي ڪري، ويجز گهٽ هجڻ جي ڪري، گهٽ پگهار جي ڪري، وري وڏي فيملي ۽ مهانگائي جي زور جي ڪري اهي سدائين ڊپريس ٿا رهن، پوءِ انهن جو تدارڪ ڪير ڪندو (پر ڪير ڪندو به نه) ۽ نه ئي اها قيمت ڪنٽرول پاليسي ڪا عمل ۾ ايندي به. ڇو ته ڏينهون ڏينهن وڌندڙ مهانگائي گهٽ آمدني واري ماڻهوءَ کي ٿڪائي ڇڏيو آهي، وري ڪووڊ کانپوءِ روزگارن جي بندش ۽ لاڪڊائونن جي ٻڙڌڪ جي ڪري غريب ماڻهن جو ته الھه تلھه ئي چٽ ٿي ويو هو، پوءِ غريب ماڻهو ڪيڏانهن وڃي، ڪووڊ جي دوران باھه ٻري پئي هوندي هئي جو وڃ مسجدن ۾ ته رڙ پئي پوندي هئي ته اها ڪووڊ يهودين جي چال آهي، ڪجھ به ناهي، اها مسلمانن جي عبادتن، حجن، عمرن ۽ ٻين عملن ۾ رنڊڪ وجھڻ جي برابر آهي، جو اهڙيون تقريرون ٻڌي ماڻهو ته پاتل ماسڪ به لاهي کيسي ۾ رکي ڇڏيندو هو جو عام ماڻهو سمجهندو هو ته ملان رڳو مون کي ڏسي تقرير ٿو ڪري، پر درد اهو آهي ته قيمتن جو ڪنٽرول ڪڏهن ٿيندو، مهانگائي جو زور ڪڏهن ٽٽندو ۽ حڪومت ڪجھه ڪندي به يا نه.
وري ڪرندڙ معيشت ته غريب ماڻهن سان اهڙي ڪئي آهي جو ماڻهن جي قوت خريد ئي ختم ٿي وئي آهي، وري ڏينهون ڏينهن جي مهانگائي، ماڻهن جي ڪرندڙ في ڪس آمدني، بيڪار “جي ڊي پي” وڌندڙ امپورٽس ۽ ڪرندڙ ايڪپورٽس، ۽ حڪومتي ٻيا ڊراما جنهن ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ جو خسارو، هر سال بجيٽ ڊيفيسٽ، سرڪيولر ڊيٽس جي راڳن اهڙي ته ويڌن ڪئي آهي جو گذريل 37 سالن ۾ ملڪ اهڙي بدترين ۽ بري معيشت ناهي ڏٺي جهڙي هن عارضي سرڪار جي رحمت جي ڪري ڏٺي اٿن، پر سرڪار اهو به مڃي ته جيستائين روپئي جي قدر ۾ اسٽيبلٽي (بحالي) يا اضافو ممڪن ناهي يا جيستائين آءِ ايم ايف جي پريشر ۽ ڊڪٽيشن ۾ ڪمي نه ٿي اچي، ٽيڪس نيٽ جا دائرا کٽن نه ٿا، ٽيڪس بيس جي قيمتن جي واڌ ٿيندي رهندي، بجلي ۽ گيس جي ٽيرف جا وڌندڙ اگهھ جيستائين آسمان سان ڳالهيون ڪندا رهندا يا پيٽرول، گئس ۽ بجلي جي سبسڊي برقرار نه رکي ويندي تيستائين پرائيس ڪنٽرول ممڪن ناهي، ڇو ته بروڪر، هول سيلر، مارڪيٽ ۽ ريٽيلر وٽ هڪ زبردست بهانو رهندو ٿو اچي ته حڪومت بجلي، گئس ۽ پيٽرول جي اگھن ۾ واڌ ٿي ڪري ان ڪري اسان به شين جي اگھن ۾ اضافو ڪندا رهنداسين، پوءِ ماڻهو ته چپ ٿي ٿو وڃي، ۽ هڪ دفعو اگھه وڌائڻ کانپوءِ اهي دوڪاندار وري اگهھ ڪيرائن نه ٿا، پوءِ ڀلي پيٽرول کڻي ڪنهن مهيني ۾ سستو به ٿئي، جيئن گذريل رمضان جي مهيني ۾ ته حد ڪئي هين جو مهانگائيءَ جا طوفان برپا ڪري ڇڏيا هين، جنهن ۾ ٽماٽا 67.70 سيڪڙو وڌيل مليا، ٻيون ڀاڄيون 29.55 سيڪڙو واڌ جي شرح سان کپنديون رهيون، فروٽ 22.32 جي شرح سان وڌيل رهيو، پٽاٽا 15.81 جي حساب سان وڌيل رهيا، ڪڪڙ جي اگهن ۾ 7.31 سيڪڙو اضافو رهيو، کاڌي وارو تيل 2.99 جي شرح سان وڌيل رهيو، گيھه به 2.01 جي حساب سان واڌ ۾ رهيو، ٻيا مال مصالحا 1.54 جي واڌ سان کپندا رهيا، وري کاڌي جي شين کان علاه ٻيون استعمال جون شيون به آسمان سان ڳالهيون ڪنديو رهيون جنهن ۾ لٽو، ڪپڙو ۽ ٻيا سامان ۽ سروسز مثال درزي، پارلر، باربر ۽ ڪرايا ڀاڙا وغيره وغيره جهڙيون شيون به 8.2 جي حساب سان وڌنديون رهيون، پر جي هر مهيني جي حساب سان ڏسجي ته اهي شيون 0.5 سيڪڙو جي حساب سان پئي چڙهنديون رهيون آهن ۽ آسمان سان ڳالهيون ڪنديون رهن ٿيون، ڇو ته پرائيس ڪنٽرول ته نه هجڻ جي برابر آهي، پر وري ڳوٺاڻن ۽ ڪچين آبادين ۾ اها شرح ٿوري فرق سان مختلف رهي جيڪا شرح 8.9 رهي ۽ مهيني مهيني جي حساب سان اها شرح 0.3 سان وڌندي رهي ٿي. “ڪنزيومر پرائيس ڪنٽرول” جي شمار ۽ ليکي مطابق “فاسٽ موونگ ڪنزيومر گڊس” جنهن ۾ ملڪ جي 35 وڏن شهرن ۾ 456 عام استعمال جون شيون يا کاڌي پيتي جون شيون جن جي واڌ جي شرح تيزي سان چڙهندي ڏٺي وئي آهي جيڪا اپريل جي مهيني ۾ 7.7 کان 7.3 تائين گهٽ وڌ، پر وڌندي رهي ٿي، ساڳي شرح وري ڳوٺاڻن علائقن جي 27 بازارين ۾ به ڏٺي وئي، جنهن ۾ 244 شين جي مهانگائي جي شرح کي ڏٺو ۽ ماپيو ويو، جيڪي 11 کان 11.3 جي شرح سان سال کان سال جي حساب سان واڌ وڌنديون رهيون. هونءَ ته مهانگائي جي شرح “سينسٽو پرائيس انڊيڪس” جي ڪاٿي مطابق شهري ۽ ڳوٺاڻي آبادي جي سموري شرح مارچ کان اپريل تائين 18.7 کان 21.3 تائين ڦرندي، پر وڌندي رهي ٿي. حقيقت اها به آهي ته ڪووڊ جي ڪري جتي سڄي دنيا متاثر رهي اتي اسان جو ملڪ به اثر هيٺ رهيو هو، پر بيروزگاري، غربت ۽ مهانگائي جي ڪري عوام پيڙهبو رهي ٿو. وري انهن حالتن جي ڪري ۽ خاص ملڪي ڪمزور معيشت ۽ بدترين معاشي پالسين جي ڪري معيشت شايد اڃان به وڌيڪ بدتر ٿئي، ڇو ته سرڪار نه معيشت بهتر ڪرائي ٿي سگهي نه ئي ڪرڻ جي سگھه ئي رکي ٿي، پر اتي عوام انهن سرڪاري ادارن ۾ ڪهڙي پرائيس ڪنٽرول جي اميد رکي ڇو ته سرڪار کي رڳو ٽيڪس جي ڪليڪشن تي زور آهي، باقي غريب عوام پاڻ ڄاڻي پنهنجا ڪم.