ڀٽائي سرڪار جا سسئي تي سڄا سارا پنج سُر چيل آهن. سُر سسئي آبري، سُر معذوري، سُر ديسي، سُر ڪوهياري ۽ سر حسيني ۾ سسئي جي سورن جو احوال آهي. شاعر ڪوهستان باغ محمد “بيشڪ” به پنهنجي ڪتاب “ڪليات باغ” ۾ سسئي جو سمورو داستان سمايو آهي. مختصر تاريخي احوال ته راجا دلوراءِ جي دور ۾ “نائون” نالي هڪ ٻانڀڻ برھمڻ آباد ۾ رهندو هو ان جي گهر وڏي عمر ۾ هڪ نياڻي ڄائي جنهن جي سونهن سچ ۾ چنڊ مثل هئي. نائون هن نياڻي کي هڪ صندوق ۾ وجهي دريا حوالي ڪيو. اها صندوق لڙهندي ٺٽي ۾ ڀنڀور ڀرسان درياءَ جي ڪناري پهتي. ڀنڀور ۾ “محمد” نالي هڪ کٽي (ڌوٻي) رهندو هو جنهن کي “لالا” به چوندا هئا، سوين ڪاريگر وٽس ڪم ڪندا هئا، هو به اولاد جو سڪايل هو اها پيتي ان ڌوٻي کي ملي. صندوق ۾ ھڪ ملوڪ ٻار ڏسي ڌوٻي خوش ٿي ويو ۽ ٻار کي گود ۾ وٺي مٿس نالو “سسئي” رکيائين جنهن جي معنيٰ آهي “چانڊاڻ“.
ڏسي سونهن صندوق جي ڌوٻي ٿيو دلگير
ڪپڙا پاسي ۾ ڪن جي هليو ڇڏي حمير
زلف لاهي زنجير ڏٺائين سونهن سسئي جي.
(باغ محمد “بيشڪ”)
سسئي ٿوري وڏي ٿي ته ڌوٻي سندس لاءِ هڪ عاليشان محل اڏايو جنهن ۾ هوءَ صبح و شام پنهنجي سهيلين سان رهندي هئي. ان زماني ۾ ڀنڀور ڪاروباري مرڪز ھو، جتي مختلف علائقن سميت ڪيچ مڪران کان به قافلا واپار سانگي ايندا هئا، ڪيچ کان آيل واپارين وڃي پنهون سان سسئي جي سونهن جي ساراهه ڪئي، باغ محمد “بيشڪ“ فرمائي ٿو:
قاصد سندو ڪاغذ جڏهن پنهل پڙهيو
موڪلائي مائٽن کان چانگي مٿي چڙهيو
وَحْدَهُ لَا شَرِيڪ لَهُ من تنهنجو مڙهيو
جانب سان جڙيو، پنهون ڀڳو ڀنڀور ڏي.
پنهون سسئي جي حُسن جي هاڪ ٻڌندي ئي عطر، مشڪ ۽ عنبر ساڻ کڻي قافلي جي صورت ۾ اچي ڀنڀور پهتو. سسئي به قافلي جو ٻڌي سهيلين سان گڏ کٿوري جو سودو ڪرڻ ويئي. بيشڪ فرمائي ٿو:
هلي آئي حرس مان ٻانهيون وٺي ٻيلهـ
موتي ڏند محبوب جا مرڪيا اُن مهل
بازار منجھ “باغ محمد” چوي آئي اليل
گوهر ڏيئي گليل، مهتي کڻي ماٺ ڪئي.
کٿوري جي سودي ڪرڻ بهاني سسئي پنھون جو هڪٻئي کي ڏسڻ سان ئي ٻنهي جو پاڻ ۾ پريت جو پيچ پئجي ويو، سسئي پنهنجي سهيلي سان دل جو حال اوريو، ان سھيلي وڃي ڌوٻي سان ڳالهه ڪئي، پر ڌوٻي سنڱ ڏيڻ کان انڪار ڪيو، ڇو ته پنهون پرديسي هو ۽ سندس ذات جو به نه هو. سهيلي بھانو ڪري چيس ته “پنهون به ذات جو ڌوٻي آهي جي اعتبار نه اچي ته آزمائي ڏسوس.” محمد کٽي اها ڳالهه قبول ڪئي ۽ پنهون کي هڪ هڙ ڪپڙن جي ڌوئڻ لاءِ ڏنائين. پنهون جا نفيس هٿ ڪپڙا سٽيندي ڇلجي پيا ۽ ڪپڙا به ڦاٽي تباهه ٿي پيا. پنهون جو اهو حال ڏسي سسئي چيس ته “فڪر نه ڪر هرهڪ ڪپڙي ۾ هڪ اشرفي وجهي ڇڏ پوءِ ڪنهن وٽان به شڪايت نه رسندي.”
آخر نيٺ وڏي جفاڪشي کانپوءِ ڌام ڌوم سان ٻنهي جي شادي ٿي. شادي کانپوءِ پنهون وطن ورڻ جو خيال ئي دل تان لاهي ڇڏيو. سندس ڀاءُ چنري وڃي سارو حال پيءُ آري ڄام سان ڪيو اهو ٻڌندي ئي آري ڄام بي حال ٿي پيو. پوءِ سندس ٽن پٽن چنري، هوتي ۽ نوتي کيس دلداري ڏياريندي چيو تـه پنهون کي ڪيئن به ڪري وٺي ٿا اچون، جڏهن ڪيچ مان ڀنڀور ۾ پهتا تڏهن سندن گهڻي مرحبا ۽ خاطرداري ٿي ۽ ڪيترائي ڏينهن مجلسون به جاري رهيون.
پئي ٻوليائون “باغ محمد” اهڙي بات
پنهون پٽيائون پلنگ تان ريڀي اڌ رات
کڻي هليا خان ماڙيون ڀڃي محلات
چاڙهي چانگي تي ڪاهيائون ڪيچ قلات
شراب پياري شڪرات، خان ڪڍيائون خواب مان
هڪ رات پنهون جا ڀائر وجھ وٺي کيس شراب ۾ الوٽ ڪري اڌ رات جو اٺ تي چاڙھي ڪيچ ڏانهن روانا ٿيا. ان وقت سسئي ننڊ ۾ هئي، کيس خبر نه پئجي سگهي. جڏھن سجاڳ ٿي ته ان کانپوءِ جي منظر ڪشي شاعر ڪوھستان “بيشڪ” ھن ريت ڪئي آھي ته:
اُٿي کنيا اُٺن جا پير سسئي پاڻ
سکي جي صلاح وٺي سور نيائين ساڻ
روئندي وئي رت ڦڙا قربئون ڪيچي ڪاڻ
سونهن وئي سسئي جي لڱن ڇڏي لالاڻ
“باغ محمد” برباد ڪيائين ڀنڀور جا ڀٽ پاڻ
الله جي امان، حور نڪتي هوت لئي.
صبح ٿيندي ئي جڏهن سسئي کي سڄي ماجرا جي ڄاڻ پئي تڏهن زارو زار روئي ڀنڀور سان سڀ لاڳاپا لاهي اڪيلي ئي اڪيلي اٺن جا پيرا کڻندي پنهون جي پٺيان بر پٽن، جبلن ۽ جهنگلن ۾ ڪاهيندي هلي ۽ جڏهن پٻ جبل وٽ پهتي تڏهن اڃ ۽ ٿڪ کان بي حال ٿي ڪري پئي. قادر جي قدرت سان اُتي پاڻي جو چشمو پيدا ٿيو، جتان سسئي پنهنجي پياس مٽائي وري سفر تي هلي، سسئي پنڌ ڪندي اچي ھڪ جبل جي ويجهو پهتي. اتي پري کان هڪ پهاڙ تي جهوپڙي نظر آيس، جيڪا جهوپڙي هڪ ڌنار جي هئي اتي وڃي ڌنار کان پنهون جو ڏس پڇايائين. ڌنار جو کيس ڏسندي ئي مٿس مست ٿي پيو.
بچاءِ هن بلا کان جاءِ ڏي جنتا
سسئي اهو سوال ڪيو نمي نرمل نعمتا
صاحب توکي سگھ آ قادر وڏي قدرتا
بي ايماني رکي بدن ۾ پنهوار اچي ٿو پليتا
دشمن اهو دور جهل ڪمينو ڪمبختا
بر ۾ “باغ محمد” چئي حامي ٿئيج حضرتا
حڪم پنهنجي حڪمتا، ڪج ڪرم ھيڻي تي.
سسئي ڌنار جي بدنيتي ڏسي ڌڻي در ٻاڏايو، ستار سندس ستر ڪيو، جبل ڦاٽو ۽ سسئي اندر ھلي وئي. ڌنار اهو ڪرشمو ڏسي ڏاڍو پشيمان ٿيو ۽ ڌڻي در توبهه ڪري اتي قبر ٺاهي ان جو مجاور ٿي ويهي رهيو. هوڏانهن پنهون به وجهه وٺي ڀائرن کان ڀڄي ڀنڀور ڏانهن واپس وريو، رستي ۾ ان ئي قبر تي نظر پيس ته دل ۾ وسوسو جاڳيس، پوءِ ڌنار کيس سڄو احوال ٻڌايو، پنهون به ڌڻي در سوال ڪيو “اي رب تون وڇڙين کي ملا.” پنهون زارو زار روئي رب کي راضي ڪيو ۽ ڌڻي در سندس دعا کي قبوليت جو شرف مليو وري جبل ڦاٽو پنهون وڃي سسئي سان مليو وري جبل بند ٿي ويو.
عاشقن جي روحاني رمز : سُر سسئي آبري ۾ شاهه صاحب اهو راز سمجهايو آهي ته انسان کي خدا جو قرب تڏهن حاصل ٿي سگهي ٿو، جڏهن پنهنجي وجود کي وساري فنائيت جي مقام تي فائز ٿو ٿئي. سسئي کي وهم ھو نه ته هوءَ پنهنجي پرين کان پري نه هئي. سسئي پاڻ پنهون ھئي، اهو انسان ڀليل آهي، جيڪو جاني کي جبلن ۾ ڳولهي ٿو، پرين اسان جي اندر ۾ ئي آهي، دل الله جو گهر آهي. سندس پسڻ بنا علم جي هڪ رتي به ڪارائتي ناهي. سسئي ۽ پنهون هڪ آهن، پر اڄاڻپ جي ڪري ٻه پئي لڳا. انسان ۽ مالڪ وچ ۾ ڪوبه حجاب يا ويڇو ناهي، جدائي هڪ وهم آهي، شرط صرف اللہ ڏانھن متوجهه ٿيڻ آھي. انسان کي پنهنجو پاڻ کي سڃاڻڻ جي ضرورت آهي.
ڪنڊياري وارو صوفي بزرگ حضرت محبوب سڄڻ سائين اڪثر شاهه صاحب جو ھي بيت پڙھندا آھن:
اچي عزرائيل ستي جاڳائي سسئي
ٿي ڊوڙائي دليل ته پنهون ماڙهو موڪليو.
“جڏهن سسئي وٽ عزرائيل آيو روح قبض ڪرڻ ته سسئي عزرائيل کي اميد ڀرين نظرن سان ڏسي رهي آهي ته منهنجي پنهون جو قاصد هوندو ۽ ان کان پنهون جا ڏس پڇڻ لڳي.” موت کان کيس ڪو ڊپ ئي نه ٿيو!
دوستو هيءَ هڪ عورت ٿي ڪري پنهنجي پنهون جي پيار ۾ ايتري ثابت قدمي ڏيکاري رهي آهي ته اسان الله سان عشق ۽ محبت جي دعويٰ ته ڪريون ٿا، پر اها اسان جي ٺلهي دعويٰ آهي، اسان کي عورت ملهه ماري ويئي جيڪا پنهون جي عشق ۾ ڏک درد سهندي پيرين پنڌ ڪري پنهنجو سڀ ڪجھ وڃائي ويٺي، پر آخر تائين ثابت قدم رهي.
اي طالب! تون روحاني رهبرن جون نصيحتون ٻڌ ته ڪاميابي ملي، دل ئي دل ۾ رب کي ياد ڪر “الله جو ذڪر ڪثرت سان ڪر ته تون ڪاميابي ماڻين.” پنهنجي وجود کي وساري عشق رسول ﷺ ۽ عشق مالڪِ دوجهان ۾ فنا ٿي وڃ ان ۾ ئي تنهنجو بخت ڀلو چئبو ۽ ان ۾ ئي حقيقي ڪاميابي ۽ ڪامراني آهي.