خاص

مائينڊ گيم جو ماسٽر آهيان، هيءَ اپوزيشن جي آخري واردات هوندي: وزيراعظم

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ڪيڏانهن ڪو نه پئي وڃي، وڌيڪ چست ٿي ايندي، مان خوش آهيان ته هيءَ اپوزيشن جي آخري واردات هوندي، اسان انهن کي اهڙي شڪست ڏينداسين جو هي 2028 تائين نه اٿي سگھندا. ڊجيٽل ميڊيا جي صحافين سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته جهانگير ترين کي مان سڃاڻان ٿو، هو ڪڏهن چورن سان نه گڏبو، اپوزيشن پٺيان هڪ هٿ ناهي، ڪيترائي پرڏيهي هٿ آهن. هن چيو ته ڪپتان هڪدم پنهنجي حڪمت عملي ناهي ٻڌائيندو، مون سموري تياري ڪري ڇڏي آهي، نومبر گھڻو پري آهي، جڏهن وقت ايندو فيصلو ڪنداسين. هن وقت مائينڊ گيم هلي رهي آهي ۽ مان مائينڊ گيم جو ماسٽر آهيان.