خاصنئون

سکر ملتان موٽروي جڙي راس ٿي ويو، ڇهن ڪلاڪن جو سفر ساڍن 3 ڪلاڪن ۾ طئي ٿيندو

پاڪ چائنا اقتصادي راهداري تحت ڪراچي لاهور موٽر وي جو اهم حصو سکر ملتان موٽروي جنهن کي ايم فائيو جو نالو ڏنو ويو آهي مڪمل ٿي ويو آهي، جنهن بعد ڇهن ڪلاڪن جو سفر ساڍن ٽن ڪلاڪن ۾ ٿي سگهندو. چين جي مدد سان 392 ڪلو ميٽر جو ٽريڪ تيار ٿي ويو آهي، جنهن تي ٻه ارب 89 ڪروڙ ڊالرن جو خرچ ٿيو آهي. هي هڪ اهم منصوبو آهي جنهن ذريعي ڏکڻ پنجاب کي سنڌ سان ملايو ويندو. هن منصوبي جو آغاز وزيراعظم نواز شريف جي دور ۾ ٿيو ۽ هن تي 97 سيڪڙو پاڪستاني ۽ 3 سيڪڙو چيني ماڻهن ڪم ڪيو. ايم 5 موٽروي تي 54 پلون، 12 سروس ايرياز، 10 ريسٽ ايرياز، 11 انٽر چينجز، 10 فلائي اوورز ۽ 426 انڊر پاسز  تعمير ڪيا ويا آهن. هر 65 ڪلو ميٽر جي فاصلي تي سروس ايريا تعمير ڪيو ويو آهي. ايم فائيو پهريون موٽروي آهي جنهن جي ٻنهي طرفن ڏانهن سروس ايريا ٺاهيا ويا آهن جتان آبادگار پنهنجي فصلن کي منڊي تائين پهچائي سگهن ٿا.