خاصنئون

 روبوٽ پائليٽ کي جهاز اڏائڻ جو لائسنس ملي ويو

آمريڪا جي ڊي زي واءِ ڪمپني پاران هڪ اهڙو روبوٽ تيار ڪيو ويو آهي جيڪو جهاز به اڏائي سگهي ٿو. هن روبوٽ جو نالو روبو پائليٽ ان مينڊ ايئر ڪرافٽ ڪنورزن سسٽم رکيو ويو آهي. ڪمپني پاران روبوٽ کي هڪ ننڍڙي جهاز ۾ فٽ ڪيو ويو جنهن بعد روبوٽ پائليٽ جهاز کي اڏائي فيڊرل ايوي ايشن ايڊمنسٽريشن پريڪٽيڪل ٽيسٽ پاس ڪري ورتي. هوا بازي جي ماهرن هن جهاز جي اڏام کي بهتر قرار ڏنو آهي. جنهن بعد ڪمپني پاران چيو ويو آهي ته اها هن جهاز کان سامان کڻائڻ خطرناڪ علائقن ۾ وڃڻ ۽ جاسوسي جي ڪم ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري سگهي ٿي. جڏهن ته هن وقت هي پائليٽ اڃان تائين انساني اڏام لاءِ تيار نه آهي.